Mohan-Jo-Daro Youth Forum

Mohan-Jo-Daro Youth Forum Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Mohan-Jo-Daro Youth Forum, Dokri taluka, Dokri.

13/07/2023
ستين طبعي امدادي ڪئمپباقراڻي تعلقي جي ڳوٺ   ۾  #ڏوڪريءَ جي نوجوانن پاران ستين ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي جنھن ۾ چمڙي جي بيمار...
18/09/2022

ستين طبعي امدادي ڪئمپ
باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ ۾ #ڏوڪريءَ جي نوجوانن پاران ستين ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي جنھن ۾ چمڙي جي بيمارين جي ماھر ڊاڪٽر سيد مھراڻ علي شاهه پنج سؤ کان وڌيڪ مريضن جي چڪاس ڪئي. ھن ڪئمپ ۾ مريضن کي دوائون، مڇرن کان بچاء جا لوشن ۽ اينٽي سيپٽڪ صابڻ ڏنا ويا.
ڪچي توڙي پڪي جي ھر ڳوٺ وانگر ھن ڳوٺ ۾ به ميلريا جا سوين مريض ھئا. اسانجي دوا کٽي وئي پر مريضن جو تعداد کٽڻ جو نه ھو. ھينئر وڌ کان وڌ ان ڳالهه جي ضرورت آھي ته ھنن ڳوٺن جي واھر ڪئي وڃي.
ھن ڪئمپ لاءِ تعاون ڪرڻ تي اسانجو سمورو سٿ سيد عبدالقدير شاھ، غلام قمبر سمون سميت ٻين ڳوٺاڻن جو ٿورائتو آهي.


ڇھين ميڊيڪل ڪئمپ  #ڏوڪري جي نوجوانن پاران ڇھين طبعي امدادي ڪئمپ ڏوڪريءَ تعلقي جي ڳوٺ   ۾ لڳائي وئي. ھن ڪئمپ ۾ ڊاڪٽر سيد ...
11/09/2022

ڇھين ميڊيڪل ڪئمپ
#ڏوڪري جي نوجوانن پاران ڇھين طبعي امدادي ڪئمپ ڏوڪريءَ تعلقي جي ڳوٺ ۾ لڳائي وئي. ھن ڪئمپ ۾ ڊاڪٽر سيد باسط علي شاھ مريضن جي چڪاس ڪئي ۽ اسانجي سٿ کي دوائن جي خريداري لاءِ پنج ھزار روپيه چندو پڻ ڏنو. ھن ڪئمپ ۾ ٻن ڳوٺ حڪيم سنديلو ۽ يڪو سنديلو جي ٽي سو (+۳۰۰) کان وڌيڪ ڳوٺاڻن جي مفت چڪاس ۽ کين دوائون، اينٽي سيپٽڪ صابڻ ۽ مڇرن جي بچاءَ وارا لوشن ڏنا ويا.
ڪئمپ لاءِ تعاون ڪرڻ تي اسانجو سٿ ڳوٺاڻن اسلم سنديلو، صحافي اطھر سنديلو، سائين نويد سنديلو، سمير سنديلو، شجاع سنديلو ۽ ٻين جو ٿورائتو آهي.

پنجين طبعي امدادي ڪئمپ #ڏوڪري جي نوجوانن پاران پنجين امدادي ڪئمپ ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ   ۾ لڳائي وئي. ھن ڪئمپ لاءِ ڊاڪٽرن ج...
10/09/2022

پنجين طبعي امدادي ڪئمپ
#ڏوڪري جي نوجوانن پاران پنجين امدادي ڪئمپ ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ ۾ لڳائي وئي. ھن ڪئمپ لاءِ ڊاڪٽرن جي ٽيم ۾ ٻارڙن جي بيمارين جو ماھر ڊاڪٽر مڪيش ڪمار چاندواڻي، نوجوان ڊاڪٽر فياض علي ٻٽ ۽ ڊسپينسر علي نقي سمون شامل ھئا. ھن ڪئمپ ذريعي ڳوٺ جي لڳ ڀڳ (۳۰۰) ٽي سو مريضن جو علاج ڪيو ويو.
سڀاڻي وڌيڪ ٻن ڳوٺن ۾ ڪئمپون قائم ڪيون وينديون.


چوٿين طبعي امدادي ڪئمپ #ڏوڪري جي نوجوانن پاران طبعي امدادي مھم جي جاري سلسلي ۾ اڄ چوٿين ڪئمپ ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ گند ۾ لڳ...
07/09/2022

چوٿين طبعي امدادي ڪئمپ
#ڏوڪري جي نوجوانن پاران طبعي امدادي مھم جي جاري سلسلي ۾ اڄ چوٿين ڪئمپ ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ گند ۾ لڳائي وئي. طبعي معاني لاءِ ڊاڪٽر ڌڻي بخش ٿھيم پنھنجون خدمتون پيش ڪيون. ھن ڪئمپ مان لڳ ڀڳ کان وڌيڪ مريضن فائدو ورتو. اسان جي سٿ پاران ڳوٺاڻن کي دوائن سان گڏوگڏ اينٽي سيپٽڪ صابڻ ۽ مڇرن کان بچاء جا لوشن پڻ ڏنا ويا.
اسان جو سمورو سٿ ڪئمپ ۾ تعاون ڪرڻ تي گند واسين سائين مشتاق احمد ساريو ۽ ٻين جا ٿورائتو آهي

ڏوڪري جي نوجوانن پاران مينھن سٽيل علائقن ۾ طبي امداد پھچائڻ جو سلسلو جاري.انھيءَ سلسلي ۾ ٽين طبي امدادي ڪئمپ مينھن سبب س...
04/09/2022

ڏوڪري جي نوجوانن پاران مينھن سٽيل علائقن ۾ طبي امداد پھچائڻ جو سلسلو جاري.
انھيءَ سلسلي ۾ ٽين طبي امدادي ڪئمپ مينھن سبب سخت متاثر ٿيل ڳوٺ سيھڙ اسٽيشن ۾ قائم ڪئي وئي. ڊاڪٽرن جي ٽيم ۾ ڊاڪٽر ساگر لال چاندواڻي ۽ سيد مھراڻ علي شاهه موجود ھئا جن لڳ ڀڳ ٽي سو مريضن کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
سيھڙ اسٽيشن ۽ ان جي ڀرپاسي وارا ڳوٺ مينھن سبب تمام گھڻو متاثر ٿيا آهن. سوين ماڻھو ريل جي بند سان بي يارو مددگار ويٺل آھن ۽ سندن ڪو به مالڪي ڪرڻ وارو ڪونھي. ھنن ڳوٺن جو رستا پاڻي سبب ڪٽجي چڪا آهن سواءِ ھڪ رستي جي؛ جيڪو به پرانھون ۽ زبون حال آھي.
امدادي سرگرمين ۾ مصروف دوستن کي ھنن ڳوٺن ڏانھن ضرور توجه ڏيڻ گھرجي.
ڪئمپ ۾ تعاون ڪرڻ تي اسان جو سمورو سٿ ڳوٺاڻن امجد سرگاڻي، زبير سرگاڻي، سرائي برڪت علي سرگاڻي، جاويد علي جوڻيجي ۽ ٻين جو ٿورائتو آهي.

 #ڏوڪري جي نوجوانن پاران مينھن سٽيل علائقن ۾ طبي امداد پھچائڻ جو سلسلو جاري، درياءَ جي ڪپ تي ھڪ ڳوٺ يار محمد ھليو ۾ ڊاڪٽ...
03/09/2022

#ڏوڪري جي نوجوانن پاران مينھن سٽيل علائقن ۾ طبي امداد پھچائڻ جو سلسلو جاري، درياءَ جي ڪپ تي ھڪ ڳوٺ يار محمد ھليو ۾ ڊاڪٽر اسحاق جويو جي نگرانيءَ ۾ طبي امدادي ڪئمپ قائم ڪئي وئي.
ڳوٺ واسين پاران ڪئمپ لاءِ تعاون ڪرڻ لاءِ اسانجي ٽيم سندن ٿورائتي آهي.
سڀاڻي سيھڙ وليج ۾ پڻ طبي ڪئمپ قائم ڪئي ويندي.

03/09/2022

#ڏوڪري جي نوجوانن پاران مينھن سٽيل علائقن ۾ طبي امداد پھچائڻ جو سلسلو جاري، درياءَ جي ڪپ تي ھڪ ڳوٺ يار محمد ھليو ۾ ڊاڪٽر اسحاق جويو جي نگرانيءَ ۾ طبي امدادي ڪئمپ قائم ڪئي وئي.
ڳوٺ واسين پاران ڪئمپ لاءِ تعاون ڪرڻ لاءِ اسانجي ٽيم سندن ٿورائتي آهي.
سڀاڻي سيھڙ وليج ۾ پڻ طبي ڪئمپ قائم ڪئي ويندي.
#ڏوڪري

WILL BE IN VILLAGE Chakro WITH OUR MEDICAL TEAM TOMORROWGASTRO IS TAKING LIVES & SCABIES HAS SPREAD LIKE WILDFIRE 😢 #ڏوڪ...
02/09/2022

WILL BE IN VILLAGE Chakro WITH OUR MEDICAL TEAM TOMORROW
GASTRO IS TAKING LIVES & SCABIES HAS SPREAD LIKE WILDFIRE 😢
#ڏوڪري

 #ڏوڪري جي نوجوانن پاران امدادي سرگرمين جو سلسلو جاريڳوٺ دوست محمد جلباڻي کانپوءِ ٻي مفت طبي ڪئمپ سڀاڻي ڪچي جي ڳوٺ  #چڪر...
02/09/2022

#ڏوڪري جي نوجوانن پاران امدادي سرگرمين جو سلسلو جاري
ڳوٺ دوست محمد جلباڻي کانپوءِ ٻي مفت طبي ڪئمپ سڀاڻي ڪچي جي ڳوٺ #چڪري ۾ قائم ڪئي ويندي. جنھن ۾ اسان سان گڏ ڊاڪٽر اسحاق جويو صاحب گڏ ھوندا.

02/09/2022

People on the roads due to heavy rain and flood in district larkana taluka dokri.
#ڏوڪري

Address

Dokri Taluka
Dokri
511

Telephone

+923108983480

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Mohan-Jo-Daro Youth Forum posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share