03/08/2025
ڪراچي
قومي عوامي تحريڪ ڪراچي ڊويزن جو اجلاس ڊويزن صدر اشفاق چنڙ جي صدارت ۾ ٿي گذريو
اجلاس ۾ خصوصي شرڪت مرڪزي نائب صدر ، فرحان لاڙڪ ۽ مرڪزي رابطا سيڪريٽري ڪاشف خاصخيلي ڪئي
اجلاس ۾ قومي عوامي تحريڪ
مرڪز طرفان اعلانيل 5 آگسٽ کان 20 آگسٽ تائين ڪارپوريٽ فارمنگ ، ڪينالن جي مڪمل خاتمي ، ڪرپشن ۽ بدامني جي خاتمي لاءِ سموري ڪراچي ۾ احتجاج لاءِ رٿابندي ڪئي وئي
احتجاجن جي رٿابندي ھن ريت آھي
( 1) 5 آگسٽ تي شاھ لطيف ٽائون ۾ مشعل بردار ريلي ڪڍي ويندي
2. 7 تاريخ تي عبدالله ڳوٺ ۾ مشعل بردار ريلي ڪڍي ويندي
3. 8تاريخ تي سٽي ڪورٽ ۾ احتجاج ڪيو ويندو
4. 8 تاريخ تي گھگھر ڦاٽڪ ۾ مشعل بردار ريلي ڪڍي ويندي
5. 10تاريخ تي ضلعي ملير طرفان پوليس سينٽر کان عوامي پريس ڪلب رازاق آباد تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي
6. 10تاريخ تي ضلعي ڪورنگي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي
7. 10 تاريخ تي ضلعي ويسٽ طرفان بلوچ ڳوٺ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي
8. 12 تاريخ تي کوکرا پار ۾ مشعل بردار ريلي ڪڍي ويندي
9. 13 تاريخ تي پپري ۾ مشعل بردار ريلي ڪڍي ويندي
10. 16 تاريخ تي يونٽ دائود شورو ڳوٺ ۾ مشعل بردار ريلي ڪڍي ويندي
11. 17 تاريخ تي ڪراچي ڊويزن طرفان ڪراچي پريس ڪلب تي ڪارپوريٽ فارمنگ ، ڪينالن جي مڪمل خاتمي ، ڪرپشن ، ميرٽ جي لتاڙ ۽ ڏوھن جي خاتمي خلاف احتجاجي مارچ ڪري مظاھرو ڪيو ويندو ،
قومي عوامي تحريڪ ڪراچي ڊويزن