22/04/2024
بواسير/موڪا، فشر، فسٽيولا، پيري اينل ايبسيس ۽ وڏي آنڊي جو ڪينسر.
مٿي جملي بيان ڪيل بيمارين جون ملندڙ جهلندڙ علامتون ۽ صحيح تشخيص يا علاج نہ ٿيڻ جي ڪري اڪثر مريض وڏي تڪليف مان گذرندا آهن
1. بواسير يا موڪو ڇا آهي?
بواسير هڪ رت جي رڳ آهي جيڪا قبض يا ٻئي ڪنهن بہ سبب جي ڪري رت ڇڏي تہ انهيءَ مرض کي بواسير چئبو آهي
هن مرض جا چار گريڊ ٿين ٿا
1. Grade 1
هن ۾ صرف پائخاني ۾ رت ايندو آهي
2. Grade 2
هن ۾ رت سان گوشت نڪرندو آهي جيڪو پائخاني ڪرڻ کانپوءِ پاڻ ئي چڙهي ويندو آهي
3. Grade 3
هن ۾ رت سان گوشت نڪرندو آهي جيڪو پائخاني ڪرڻ کانپوءِ هٿ سان اندر ڪرڻو پوندو آهي
4. Grade 4
هن ۾ رت سان گوشت نڪرندو آهي جيڪو پائخاني ڪرڻ کانپوءِ هٿ سان بہ اندر ناهي ويندو
ڪجھ ماڻهن ۾ بواسير ۾ رت نہ ايندو آهي جنهن کي مريض پنهنجي زبان ۾ بادي بواسير چوندا آهن
انهن ۾ پائخاني جي جاءِ تي خارش، هلڪو درد يا سوجن ٿي سگهي ٿي
2 اينل فشر(Anal Fissure)
هن مرض ۾ قبض جي ڪري پائيخاني جي جاءِ تي زخم يا چير اچي ويندو آهي
جنهن سان رت ايندو آهي ۽ تمام گهڻو درد ٿيندو آهي
3. فسٽيولا (Perianal Fistula)
هن مرض ۾ پائيخاني جي نارمل جگهہ کان الڳ ٻيو سوراخ ٿي ويندو آهي جيڪو آر پار وڏي آنڊي سان ملندو آهي
انهي مرض جون علامتون اهي آهن تہ انهي سائيڊ واري سوراخ کان پائيخانو، هوا، پيپ، درد ٿيڻ يا گند اچي سگهي ٿو
تمام گهٽ مريضن ۾ رت بہ ايندو آهي
4. ايبسيس(Perianal abscess)
انهي مرض ۾ پائيخاني جي جاءِ يا سائيڊ ۾ داڻو يا سوجن ٿيندي آهي جنهن ۾ درد يا گند اچي سگهي ٿو،
مريض کي بخار بہ اچي سگهي ٿو
5. آنڊي جو ڪينسر(Colorectal cancer)
هن مرض ۾ پيٽ مان رت اچڻ، قبضي، ڪڏهن قبض ڪڏهن دست، وزن جي ڪمي، رت جي گهٽتائي وغيره وغيره
آنڊي جي ڪينسر جا مريض بواسير سمجهي حڪيمن, هوميوپيٿڪ ۽ عطائي ڊاڪٽرن جي ور چڙهي ويندا آهن ۽ پنهنجو قيمتي وقت ضايع ڪرڻ کان پوءِ ڪينسر جي تشخيص ٿيندي آهي.
اسان وٽ ڪافي ميرض پيٽ مان رت کي بواسير سمجهي سالن کان ڪجھ نہ ڪندا آهن گهڻو ڪمزور مريض ٿيو وڃي ٿڏهن ايندو آهي خبر پوندي آهي تہ ڪينسر آهي.
ڪڏهن ڪڏهن بواسير کي غلط رنگ ڏئي بواسير جو آپريشن ڪيو ويندو آهي پوءِ اينڊواسڪوپي جي ذريعي خبر پوندي آهي تہ ڪينسر آهي
آنڊي جو ڪينسر قابل علاج بيماري آهي بلڪل ختم ٿي سگهي ٿي اگر مرض جي جلدي تشخيص ٿئي
مٿي بيان ڪيل مرضن کانسواءِ ٻيا تمام گهڻا مرض آهن جنهن جي ڪري پائيخاني ۾ رت اچي سگهي ٿو.
مٿي بيان ڪيل بيمارين ۾ ٻہ يا ٻن کان وڌيڪ مرض ساڳي وقت ٿي سگهن ٿا.
نوٽ :
مٿي بيان ڪيل علامتن مان مريض، عطائي ڊاڪٽر انهيءَ مرضن ۾ فرق نہ ٿو ڪري سگهي انهي لاء آنڊي جي ماهر ڊاڪٽرن سان رجوع ڪيو وڃي
مريض ڪال تي چيڪ اپ جو نمبر وٺندي چوندو آهي تہ فشر ڏيکارڻ اچان ٿو پر نڪرندو بواسير آهي يا بواسير سمجھي ايندو آهي نڪرندو آنڊي جو ڪينسر آهي.
جاري
ڊاڪٽر خادم حسين سميجو
ايم بي بي ايس
ايف سي پي ايس
گيسٽروانٽرولوجسٽ
هيپاٽولوجسٽ
حيدرآباد
ٽي آر سي ايم آر آئي اينڊ سي ٽي اسڪين سينٽر
TRC MRI and CT scan center
سامھون سپر ڊائيگنوسٽڪ سينٽر ڊاڪٽر مين لائين صدر حيدرآباد
سومر کان جمعو
شام 6 کان رات 9 بجي تائين
رابطي لاءِ
03313672282
ٿر ميڊيڪل سينٽر نزد ذڪريا مسجد ٿر بازار عمرڪوٽ
هر آچر صبح 10 وڳي کان منجھند 2 وڳي
رابطي لاءِ عبدالمالڪ سميجو
03453879556