02/05/2026
💉 “طاقت واري انجڪشن” — حقيقت يا غلط فهمي؟
مريض: ڊاڪٽر صاحب ڪا طاقت واري سئي ھڻ , جسم ۾ ڪمزوري ٿي وئي آھي.
ڊاڪٽر: ھا ويھ ويھ, VIP طاقت واري ٽي سئيون ڊرپ ۾ وجھي ھڻائي ٿو. (Dexa, وٽامن بي vitamin B Cmplex ء ميٿيڪوبلمن ڊرپ ۾ وجھي ء ڊرپ کي پيلو يا گلابي ڪلر ڏئي لڳائيندا آھن.)
ڊرپ پوري ٿيڻ کان پوء مريض ٻانھون ھڻي ء ڪلھا لوڏي چوندو آھي ت ھاڻي طاقت آچي وئي. ھل پنھل ڪڍ ھزار جو نوٽ.
اسان جي ماحول ۾ ، Dexa وٽامن بي vitamin B Cmplex ۽ Methycobalmin کي “فوري طاقت” واري انجڪشن سمجهيو ويندو آهي پراڪثر حالتن ۾ انهن جي ڪا حقيقي ضرورت ناهي هوندي.
صرف عارضي يا نفسياتي (placebo) هوندي آهي.
اهي انجيڪشنون پنهنجي جاءِ تي تمام فائديمند آهن جڏهن طبي طور تي ضرورت هجي يا جسم ۾ ڪنهن ويٽامن جي کوٽ هجي.
غير ضروري انجڪشنن سان انفيڪشن ۽ سائيڊ اِفيڪٽس جو خطرو وڌي وڃي ٿو.
هي عمل ڪجهه ڊسپينسر ڪلينڪ ۽ ڪجهه GP لاءِ ڪمائي جو ذريعو بڻجي ويو آهي.
𝘿𝙧 𝙉𝙖𝙚𝙚𝙢 𝘼𝙝𝙢𝙚𝙙 𝙎𝙤𝙤𝙢𝙧𝙤
𝙁𝘾𝙋𝙎 (𝘿𝙚𝙧𝙢𝙖𝙩𝙤𝙡𝙤𝙜𝙮)
𝙎𝙠𝙞𝙣, 𝙃𝙖𝙞𝙧, 𝙉𝙖𝙞𝙡 𝙖𝙣𝙙 𝙇𝙖𝙨𝙚𝙧 𝙎𝙥𝙚𝙘𝙞𝙖𝙡𝙞𝙨𝙩
𝙄𝙧𝙛𝙖𝙣 𝙈𝙚𝙙𝙞𝙘𝙖𝙡 𝙘𝙚𝙣𝙩𝙚𝙧 𝙇𝙖𝙧𝙠𝙖𝙣𝙖 (𝙇𝙖𝙧𝙠𝙖𝙣𝙖 𝘾𝙡𝙞𝙣𝙞𝙘)
𝙋𝙖𝙧𝙖𝙨 𝙢𝙚𝙙𝙞𝙘𝙖𝙡 𝘾𝙚𝙣𝙩𝙚𝙧 𝙆𝙖𝙢𝙗𝙚𝙧 (𝙆𝙖𝙢𝙗𝙚𝙧 𝘾𝙡𝙞𝙣𝙞𝙘)
𝘾𝙤𝙣𝙩𝙖𝙘𝙩;03243817795
03133656528