
02/06/2023
منهنجا ڪريم رب، ڪر ٻاجھ جا قرب، آھيون تنهنجي آسري ويٺل
هي منهنجا ماروئڙا اٿئي مايوسي ۾مئل
سنڌ جي سيني تي، انفراديت جو اٿئي مڌاڻ متل
منهنجا رحيم رب، ڪر ٻاجھ جا قرب، منهنجا ڪريم رب۔ آھيون تنهنجي آسري ويٺل
هي ڪمزور قربائتا تنهنجي قرب جا ٿئي ڪٺل۔
هي مفادي ملن ۽ سياسي ٺيڪيدارن ۾ اٿئي ڦاٿل
منهنجا عليم رب، ڪر ٻاجھ جا قرب، منهنجا ڪريم رب۔ آھيون تنهنجي آسري ويٺل
اڪيلي ترقي ڪرڻ جي ڌم ۾ هي اٿئي رڌل۔
غلط صحيح ڌن کي گڏ ڪرڻ ۾اٿئي متل
منهنجا سميع رب، ڪرٻاجھ جا قرب، منهنجا ڪريم رب۔ آھيون تنهنجي آسري ويٺل ھي سنڌ دنيا ۾ اٿئي باب الاسلام سڏيل۔
نا آھي ھج هن مهل فقير پارت تو پنهل!
منهنجاصمد رب، ڪر ٻاجھ جا قرب، منهنجا ڪريم رب۔آھيون تنهنجي آسري ويٺل
پير سخي سيد سلطان احمد شاھ جلالي نوراني' درگاھ مست منظور علي شاھ نوراني ابو بقر مقام لاڙڪاڻو