10/02/2026
عوامي پڌرنامو: مريضن جي ڀلائي لاءِ هڪ اهم قدم
تلخ حقيقت ۽ اسان جي ذميواري
سول اسپتال سکر (GMMMC) آرٿوپيڊڪ ڊپارٽمينٽ ۾ تازو ڇت جا ڇاپڙ ڪرڻ واري واقعي کانپوءِ سڄي شعبي کي تالو لڳائڻ وارو عمل انتهائي افسوسناڪ آهي. ان عمل سان نه صرف غريب ۽ اٻوجهه مريض هڏين جي علاج جي سهولت کان محروم ٿي ويا آهن، پر اهي پرائيويٽ مافيا جي هٿان لٽجڻ تي پڻ مجبور آهن
اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن خدمت جو جذبو هجي ته حالتون رڪاوٽ نٿيون بڻجي سگهن. ان ڪري، بحثيت وائيس پريزيڊنٽ پي ايم اي سکھر، مان ڊاڪٽر شاھ محمد مھر ميڊيڪو ليگل آفيسر سول اسپتال سکھر پنھنجي ايم ايل او آفيس کي آرٿوپيڊڪ ڊپارٽمينٽ جي او پي ڊي لا۽ پيش ڪريان ٿو
اتحاد جي اپيل: هن آرٿوپيڊڪ جي ڊاڪٽرن کي دعوت ڏني آهي ته اچو ته گڏجي غريب عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪريون ته جيئن ڪو به مريض علاج کانسواءِ واپس نه وڃي
ڊاڪٽر شاهه محمد مهر وڌيڪ چيو ته اسان جي پهرين ترجيح انسانيت جي خدمت آهي ۽ ان مقصد لاءِ اسان هر حد تائين وينداسين
اسان جو عزم
خدمت جو جذبو: اسان مريضن جي ڀلائي لاءِ متحد آهيون
او پي ڊي جي سهولت: آرٿوپيڊڪ جا ڊاڪٽر منهنجي آفيس ۾ اچي مريضن جو معائنو ڪن ته جيئن غريب قوم کي پرائيويٽ اسپتالن جي ڳرن خرچن کان بچائي سگهجي
انسانيت پهرين ترجيح: اسان جو مقصد صرف ۽ صرف پنهنجي علائقي جي ماڻهن کي اعليٰ معيار جون طبي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي.
اسان پنهنجي ڪميونٽي سان واعدو ڪريون ٿا ته هر ڏکي گهڙي ۾ سندن ساٿ ڏينداسين. اچو ته انائن کي پاسي تي رکي انسانيت جي خدمت کي پنهنجو شعار بڻايون
ڊاڪٽر شاهه محمد مهر وائيس پريزيڊنٽ، پي ايم اي سکر ميڊيڪو ليگل آفيسر، سول اسپتال سکر