12/04/2023
پاڻ ڪريم ﷺ سان گڏ مولا علي عه جي مشهور جنگين ۾ بدر، احد، خندق ۽ خيبر جي جنگ شامل آهي. جن ۾ اسلام کي فتح نصيب ٿي. مرحب، عنتر، عَمر بن عبد وَد کي عبرتناڪ شڪست ڏيڻ ۾ ۽ خيبر جو قلعو فتح ڪرڻ ۾ مولا علي عه جو نُمايان ڪردار آهي. نبي پاڪ ﷺ جي رحلت کان پوءِ موليٰ علي عه جي جنگين ۾ جمل، صفين ۽ نهروان جون جنگيون مشهور آهن. حضرت موليٰ علي عليه السلام جي مشهور لقبن ۾ مرتضٰي، مولاء ڪائنات، امير المؤمنين، اسد الله، مشڪل ڪُشا، ولي المؤمنين، حيدرِ ڪرار ۽ وجهه الله وغيره شامل آهن. تاريخ ۾ حضرت اميرالمومنين حضرت علي عليه سلام جي ظاهري خلافت حڪومت ڪرڻ جو بهترين نمونو آهي. پاڻ عه غريبن جا همدرد، يتيمن جا والي وارث هوندا هئا. پاڻ عه بي پهچ ، بي سهارا ماڻهن جا مددگار هوندا هئا . پنهنجي حڪومتي وقت ۾هرعام وخاص جي ضرورت آهر هر ممڪن مدد ڪرڻ ۽ پنهنجي رياست ۾ ماڻهن جي جان و مال جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ واري طرزِ حڪمراني سميت انصاف جي علمبرداري کي دنيا جي مڙني رياستن ۾ اپنايو وڃي ٿو، حيدرِ ڪرار موليٰ عليؑ جي شهادت 63 سالن جي عمر ۾ سن 40 هجري ۾ 21 رمضان المبارڪ تي ڪوفي ۾ عبد الرحمٰن ابنِ مُلجم جي 19 رمضان المبارڪ تي ضرب لڳائڻ سان ٿي.سندن روضو مبارڪ نجفِ اشرف عراق ۾ آهي! ِ