30/04/2026
انجيڪشن ٽيڪو ۽ ڊرپ
آب حيات نہ
وبال جان آھن
اڄڪلهه ڪيترائي مريض—ٻار هجن يا وڏا—ٿوري بيماري تي به چون ٿا:
"ڊاڪٽر صاحب، ٽيڪو لڳايو!"
۽ جڏھن منع ڪر تہ مريض ائين ڪاوڙ ڪندو آھي ڄڻ ان کان آب حيات کسيو ھجي
سمجھائي سمجھائي ٿڪا آھيون تہ هر بيماري ۾ انجيڪشن ضروري ناھي
غير ضروري انجيڪشن ۽ فوري آرام جي چڪر ۾ اسان هيپاٽائيٽس ايڊز ۽ ٻين ڪيترين ئي بيمارين ۾ وٺجي ويا آھيون
انجيڪشن کانپوءِ اسان مريض مرندي ڏٺا آھن
انھي ڪري جڏھن ڊاڪٽر چوي تہ انجيڪشن جي ضرورت ناھي ان جي ڳالھ ٻڌو
اھو اوھان جي ڀلائي لاء چوي ٿو
🧠 اهم ڳالهه:
هر “فوري آرام” جو مطلب بهتر علاج ناهي هوندو.
ڊاڪٽر جو مشورو ٻڌڻ به علاج جو حصو آهي.
🙏 مهرباني ڪري ڊاڪٽرن تي دٻاءُ نه وجهو، ۽ صبر سان صحيح علاج اختيار ڪريو.