13/07/2025
چوندا آھن ته ڪم پوي ته ڪل پوي ،
پرائيويٽ اسپتال ۽ سرڪاري اسپتال ۾ ڪيترو فرق آهي.
1 ، سرڪاري اسپتال مفت ۾ چڪاس ،
پرائيويٽ اسپتال ۾ پيسن سان چڪاس ،
2 سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽرن تي داٻا ڪيون
پرائيويٽ اسپتال ۾ ڊاڪٽرن کي سائين ميان ڪيون ،
3 سرڪاري اسپتال ۾ ٽي ٽي ماڻهو مريض سان گڏ ،
پرائيويٽ اسپتال ۾ مريض اڪيلو ،
4 سرڪاري اسپتال ۾ مريض سان ملن لاء گارڊ سان جيھڙو
پرائيويٽ اسپتال ۾ مريض سان ملڻ لاءِ گارڊ کي منٿون ،
5 سرڪاري اسپتال ۾ لفٽ تي پنهنجي مرضي سان لھ چڙھ
پرائيويٽ اسپتال ۾ لفٽ ۾چڙھڻ لاءِ گارڊ کي منٿون ،
6 سرڪاري اسپتال ۾ مريض کڻي وڃڻ ۽ مفت ۾ داخل ،
پرائيويٽ اسپتال ۾ 50 ھزار يا لک ايڊوانس جمع ڪرڻ ،
7 سرڪاري اسپتال ۾ مريض مري وڃي روڄ راڙو اسٽاپ کي پادر ،
پرائيويٽ اسپتال ۾ مريض مري وڃي روڄ راڙو بند ڪاغذن ٺاهڻ ۽ بل ٽي ٽي ڏھ ڏھ لک جي ڪري لاش کڻڻ جي رڪاوٽ ،
انھيءَ ڪري سرڪاري اسپتالن جو قدر ڪيو ، اسان وٽ ڊاڪٽرن تي ماڻھن جي ڪاوڙ اجائي آهي ،
Dr waris Ali Jakhrani
President YDA -SINDH