Department of Orthopedics & Limb lengthening centre is an efficiently working department of GMMC Hos
10/10/2025
Correction of equius and adductus in a CP Child.
09/10/2025
Quadriceps plasty, Bumpectomy to restore knee range of movement.
16/09/2025
Chronic Achilles tendon rupture.
FHL Transfer
VY Lengthening.
02/03/2025
سنڌ ۽ سکر جا ساڃاھ وند ڌيان ڏيڻ....!
سنڌ جي صحت کاتي سکر جي غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۾ نئين تعمير ٿيل آرٿوپيڊڪ ڊپارٽمينٽ کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ٽراما ڪراچي جي حوالي ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. هن قدم اسپتال جي انتظاميه، فيڪلٽي ۽ عملي جي وچ ۾ سخت خدشا پيدا ڪري ڇڏيا آهن ڇاڪاڻ ته ٽرشري ڪيئر اسپتال ۾ آرٿوپيڊڪ سروسز کي بلاڪ ڪرڻ بدران وڌائڻ جي ضرورت آهي.
موجوده آرٿوپيڊڪ ڊپارٽمينٽ خراب حالت ۾ آهي۽ پراڻي عمارت انتهائي خراب ٿي چڪي آهي، ۽سرجيڪل وارڊ طور استعمال لاءِ نا مناسب آهي، ۽ 2024 جي اونهاري جي برساتن دوران ان کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي.
نئين تجويز نه رڳو آرٿوپيڊڪ سروسز ۾ خلل آڻيندي پر سکر ۽ ڀرپاسي جي ضلعن سميت ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان جي هزارين مريضن کي ھڏي ۽ جوڙن جي مناسب علاج کان به محروم ڪري ڇڏيندي. انهن ضروري خدمتن کي سرانجام ڏيڻ لاءِ، ڊپارٽمينٽ کي ھن نئين بلڊنگ جي اشد ضرورت آهي جيڪا پوين ڏھن سالن کان آرٿوپيڊڪ ڊپارٽمينٽ طور زيرِتعمير ھئي.
سنڌ جي صحت کاتي کي اپيل آهي ته هو پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري ۽ جي ايم ايم سي اسپتال سکر ۾ آرٿوپيڊڪ ڊپارٽمينٽ کي نئين ٺهيل بلڊنگ ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏئي ته جيئن مستحق مريضن جو لاءِ بھتر علاج جا موقعا ميسر ٿين.
توڙي جو ٽراما سينٽر قائم ڪرڻ سان عوام کي فائدو ٿيندو پر ان مقصد لاءِ آرٿوپيڊڪ سرجري ڊپارٽمينٽ کي تباھ ڪرڻ مناسب ناهي. ان جي بدران، اسپتال جي ٻاهران جڳهه استعمال ڪري سگهجي ٿي، يا جيڪڏهن ضرور جي ايم ايم ايم سي اسپتال سکر جي اندر قائم ڪرڻو آهي ته ايمرجنسي ڊپارٽمينٽ کي ٽراما سينٽر ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو، جيئن سول اسپتال ڪراچي ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال لاڙڪاڻي ۾ ايمرجنسي ڊپارٽمينٽ کي اپگريڊ ڪري ٽراما سينٽر قائم ڪيا ويا آهن.
Address
Department Of Orthopaedics And Limb Lengthening Centre, Ghulam Mohammad Mahar Medical College Hospital
Be the first to know and let us send you an email when Department of Orthopaedics GMMC Hospital Sukkur posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.