S.M.F Osar Charitable Hospital

S.M.F Osar Charitable Hospital Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from S.M.F Osar Charitable Hospital, Hospital, Tando Hyder, Shaikh Bhirkio Road, Tailko Hyderabad, Hyderabad.

13/11/2024
اڄ تاريخ 10 ھين نومبر 2024ع تي ايس ايم ايف اوسر چيريٽيبل ھاسپيٽل اندر  فاطمہ ويلفيئر آرگنائيزيشن طرفان صبح 10 کان شام جو...
10/11/2024

اڄ تاريخ 10 ھين نومبر 2024ع تي ايس ايم ايف اوسر چيريٽيبل ھاسپيٽل اندر فاطمہ ويلفيئر آرگنائيزيشن طرفان صبح 10 کان شام جو 4.00 وڳي تائين مفت طبي ڪيمپ لڳائي وئي، طبي ڪيمپ اندر ڊاڪٽر نور محمد عرساڻي ڊرماٽالاجسٽ، ڊاڪٽر ريحانہ عرساڻي عورت ۽ ٻارن جي بيمارين جي ماھر ۽ ڊاڪٽر نديم ميمڻ جنرل فزيشن 300 کان وڌيڪ مريضن جو مفت چيڪ اپ ڪيو ۽ مفت دوائون فراهم ڪيون. مفت طبي ڪيمپ لڳائڻ جي سلسلي ۾ اوسر فائونڊيشن ٽرسٽ جي سٿ محترم مشتاق ناريجو چيئرمين فاطمہ ويلفيئر آرگنائيزيشن جي ٿورائتي آھي.

ايس ايم ايف اوسر چيريٽيبل ھاسپيٽل جي ماھوار گڏجاڻي ٿي گذري جنھن ۾  ڊاڪٽر جميل سومرو، ڊاڪٽر ظھور، ڊاڪٽر عابد، فارماسسٽ تن...
01/05/2024

ايس ايم ايف اوسر چيريٽيبل ھاسپيٽل جي ماھوار گڏجاڻي ٿي گذري جنھن ۾ ڊاڪٽر جميل سومرو، ڊاڪٽر ظھور، ڊاڪٽر عابد، فارماسسٽ تنوير ميمڻ آيل ايڇ وي مس ڪوثر، ڊسپينسر نور محمد، مسٽر اختر ۽ مسٽر صدام شرڪت ڪئي.
ايس ايم ايف ھاسپيٽل اندر ھڪ پورشن جو واڌارو ڪري ميڊيڪل اسٽور قائم ڪيو پيو وڃي ۽ ھاسپيٽل ۾ وڌيڪ سھوليتون فراھم ڪري ھاسپيٽل کي جديد انداز ۾ ھلائڻ لاء قدم کنيا پيا وڃن. ان سلسلي جي ڪڙي ھيٺ اوسر فائونڊيشن جي چيئرمين امتياز احمد ۽ جنرل سيڪريٽري مسز غزاله عرساڻي اسپتال جي ڪارڪنن کي پروفيشنلزم ۽ مينيجريل پريزنٽيشن ڏني، جنھن بعد اسپتال جي انتظامي ۽ مالي معاملات کي بحث ھيٺ آڻي اسپتال اندر درجہ بہ درجه بھتري آڻڻ جي رٿا بندي ڪئي وئي.

مفت طبي ڪيمپاڄ تاريخ 29 ھين اپريل 2024ع بروز سومر ايس ايم ايف اوسر چيريٽيبل ھاسپيٽل ۾ صبح 10.00 وڳي کان منجھند 01.00 وڳي...
29/04/2024

مفت طبي ڪيمپ
اڄ تاريخ 29 ھين اپريل 2024ع بروز سومر ايس ايم ايف اوسر چيريٽيبل ھاسپيٽل ۾ صبح 10.00 وڳي کان منجھند 01.00 وڳي تائين مفت طبي ڪيمپ لڳائي وئي، جنھن ۾ ٻارن جي ماھر ڊاڪٽر محترم جميل سومرو 85 ٻارن جو مفت طبي معائنو ڪيو ۽ کين مفت دوائون فراهم ڪيون.

ڊاڪٽر شاھ بخش لاشاري پريزيڊنٽ ايس ڊي اي يوڪي جي ھدايت تي محترم عبدالصمد لاشاري ۽ ڊاڪٽر ذاڪر لاشاري ايس ايم ايف اوسر ھاسپ...
18/04/2024

ڊاڪٽر شاھ بخش لاشاري پريزيڊنٽ ايس ڊي اي يوڪي جي ھدايت تي محترم عبدالصمد لاشاري ۽ ڊاڪٽر ذاڪر لاشاري ايس ايم ايف اوسر ھاسپيٽل وزٽ ڪئي. مھمانن کي ايڊمنسٽريٽر ڊاڪٽر عابد حسين ساند ۽ ڪوآرڊينيٽر تنوير ميمڻ اسپتال وزٽ ڪرائي ۽ اسپتال متعلق مڪمل بريفنگ ڏني.

ايس ايم ايف اوسر چيريٽيبل ھاسپيٽل طرفان گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول ھاليپوٽو ٽنڊو عالم مري روڊ ۾ ٽي بي، شگر، ھيپاٽائٽس ب...
28/02/2024

ايس ايم ايف اوسر چيريٽيبل ھاسپيٽل طرفان گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول ھاليپوٽو ٽنڊو عالم مري روڊ ۾ ٽي بي، شگر، ھيپاٽائٽس بي سي پوليو ۽ مليريا بابت "نائين ڏھين" ۽ "فرسٽ ايئر انٽر" جي شاگردن ۽شاگردياڻين لاء الڳ الڳ گروپس جو ھڪ اويئرنيس سيشن رکيو ويو. اسپتال جي منتظم ڊاڪٽر عابد حسين ساند، علائقي جي فوڪل پرسن محترم فياض ھاليپوٽو ۽ اسڪول جي پرنسپال سان گڏجي ھي سيشن مڪمل ڪيو ۽ ايس ايم ايف اوسر چيريٽيبل ھاسپيٽل ۾ ملندڙ سھوليتن بابت آگاھي پڻ ڏني.

صحت کاتو حڪومت سنڌ طرفان پوليو مھم شروع ڪئي وئي آھي. ان سلسلي ۾ ايس ايم ايف اوسر چيريٽيبل ھاسپيٽل جي ايڊمن ڊاڪٽر عابد سا...
26/02/2024

صحت کاتو حڪومت سنڌ طرفان پوليو مھم شروع ڪئي وئي آھي. ان سلسلي ۾ ايس ايم ايف اوسر چيريٽيبل ھاسپيٽل جي ايڊمن ڊاڪٽر عابد ساند ۽ پوليو مھم جي انچارج ڊاڪٽر عارف ڏاھري ٻارن کي پوليو ڦڙا پيارڻ جو ايس ايم ايف ھاسپيٽل ۾ افتتاح ڪيو. ھي مھم ڏينھن تائين جاري رھندي.

ايس ايم ايف اوسر چيريٽيبل ھاسپيٽل جي ايڊمنسٽريٽر ڊاڪٽر عابد حسين ساند گورنمينٽ گرلس اسڪول ڳوٺ رئيس حاجي گل محمد پريل ڀرڳ...
23/02/2024

ايس ايم ايف اوسر چيريٽيبل ھاسپيٽل جي ايڊمنسٽريٽر ڊاڪٽر عابد حسين ساند گورنمينٽ گرلس اسڪول ڳوٺ رئيس حاجي گل محمد پريل ڀرڳڙي ۾ محمد مزمل حسين ھيڊ ماستر جي ميزباني ھيٺ ھڪ اويئرنيس سيشن ڪيو. جنھن ۾ ٽي بي، ھيپاٽائٽس ۽ مليريا جي بيمارين ۽ مفت علاج بابت ڄاڻ ڏني وئي.

ايس ايم ايف اوسر چيريٽيبل ھاسپيٽل جي ايڊمنسٽريٽر ڊاڪٽر عابد حسين ساند، ڳوٺ حاجي عمر اسٽاپ يوسي ناريجاڻي  ميرپورخاص روڊ ۾...
19/02/2024

ايس ايم ايف اوسر چيريٽيبل ھاسپيٽل جي ايڊمنسٽريٽر ڊاڪٽر عابد حسين ساند، ڳوٺ حاجي عمر اسٽاپ يوسي ناريجاڻي ميرپورخاص روڊ ۾ محترم غلام حسين ڏيٿو جي ميزباني ھيٺ ھڪ اويئرنيس سيشن ڪيو. جنھن ۾ ٽي بي، ھيپاٽائٽس ۽ مليريا جي بيمارين ۽ مفت علاج بابت ڄاڻ ڏني وئي.

ايس ايم ايف اوسر چيريٽيبل ھاسپيٽل جي ايڊمنسٽريٽر ڊاڪٽر عابد حسين ساند، ينگ ويلفيئر ايسوسئيشن موري منگر ۾ چيف ايگزيڪيوٽو ...
17/02/2024

ايس ايم ايف اوسر چيريٽيبل ھاسپيٽل جي ايڊمنسٽريٽر ڊاڪٽر عابد حسين ساند، ينگ ويلفيئر ايسوسئيشن موري منگر ۾ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر محمد علي شيخ جي ميزباني ھيٺ ھڪ اويئرنيس سيشن ڪيو. جنھن ۾ ٽي بي، ھيپاٽائٽس ۽ مليريا جي بيمارين ۽ مفت علاج بابت ڄاڻ ڏني وئي.

ايس ايم ايف اوسر چيريٽيبل ھاسپيٽل ٽنڊو حيدر طرفان ڊاڪٽر عابد حسين گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول موري منگر ۾ شاگردن کي ھيپا...
30/01/2024

ايس ايم ايف اوسر چيريٽيبل ھاسپيٽل ٽنڊو حيدر طرفان ڊاڪٽر عابد حسين گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول موري منگر ۾ شاگردن کي ھيپاٽائٽس بي، سي، ٽيوبرڪلوسز، مليريا ۽ ھيلٿ اينڊ ھائيجين تي آگاھي ڏني. اسان جي معاشري ۾ وڌندڙ بيمارين جو ھڪ وڏو سبب معلومات نہ ھجڻ ۽ احتياط نہ ڪرڻ بہ آھي. جنھن لاءِ اوسر فائونڊيشن، سنڌ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن سان گڏجي ڳوٺ ڳوٺ وڃي بيمارين بابت آگاھي جا سيشنس ھلائي رھي آھي، جيئن ماڻھو بيمارين متعلق ڄاڻ حاصل ڪري پنھنجو پاڻ کي انھن بيمارين جي اثر کان بچائي سگھن ۽ بيماريءَ جي صورت ۾ ايس ايم ايف اوسر چيريٽيبل ھاسپيٽل ٽنڊو حيدر اچي پنھنجو مفت علاج ڪرائي سگھن. ھن سيشن کي ڪنڊڪٽ ڪرڻ ۾ محترم پروفيسر مختيار سومرو پرنسيپال گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول موري منگر جو تمام گهڻو سھڪار رھيو. ان سلسلي ۾ ادارو پروفيسر مختيار سومرو ۽ سندس ٽيم جو ٿورائتو آھي.

Address

Tando Hyder, Shaikh Bhirkio Road, Tailko Hyderabad
Hyderabad
71000

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when S.M.F Osar Charitable Hospital posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Practice

Send a message to S.M.F Osar Charitable Hospital:

Share

Share on Facebook Share on Twitter Share on LinkedIn
Share on Pinterest Share on Reddit Share via Email
Share on WhatsApp Share on Instagram Share on Telegram

Category