Dr.mohsin aijaz soomro orthopaedic surgeon

Dr.mohsin aijaz soomro orthopaedic surgeon orthopaedic and traumatology

31/01/2022
28/07/2021
06/02/2020


Canine Coronovirus
ڪورونا وئرس Corona virus ڇا آھي؟؟!!!!
هي وائرس 1972 ۾ پهريون ڀيرو جرمني ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي هڪ رولو ڪتي ۾ لڌو ويو ۽ ان کانپوء اهو ڪتن ۽ ٻلن ۾ پکڙبو رهيو جنهن کي Canine Corona virus جي نالي سان سڏيو ويندو آھي،جيڪو Coeona vividae family مان هڪ وائرس آھي!!!جنهن وائرس سان انهن ڪتن ۽ ٻلن ۾ آنڊي جي هڪ خطرناڪ بيماري ٿيندي هئي ۽ ان بيماري سبب جانور دست ۽ الٽيون ڪري مري ويندا هئا ۽ اها جانورن کان جانورن ۾ ۽ جانورن کان انسانن ۾ ڦھلبي هئي ليڪن ان جي severity يعني سختي آھسته آھسته ڪجه ڏينهن کانپوء گهٽجي ويندي هئي ۽ ماڻھو ٺيڪ ٿي ويندا ھئا!!!
ليڪن هينئر ان ئي ڪلاس مان هڪ Latest corona virus جيڪو چين جي علائقي Wuhan وهان ۾ ظاهر ٿيو آھي سو تمام خطرنڪ ترين قسم آھي جيڪو جنگل جي باه جيان پکڙجڻ جي صلاحيت رکي ٿو!!جنهن کي شھر جي مناسبت سان Wuhan corona virus جي نالي سان سڏيو ٿو وڃي،هي تمام latest shape آھي جنهن جي لاء ڪابه دوا يا ويڪسين ٺاهڻ تمام گهڻي مشڪل بلڪه ناممڪن آھي ڇوته اهو ايڏو ته ظالم وائرس آھي جيڪو ٿوري ٿوري وقت ۾ پنهنجو رخ مٽائي ٿو،پنهنجي شڪل تبديل ڪريو وڃي ٿو،ان ڪري هينئر تائين ڪوبه سائنسدان يا ڊاڪٽر هن وائرس جو ڪوڊ ٺاهڻ ۾ ناڪام پيو وڃي جيڪي ڳالهيون ڪيون ٿيون وڃن ته هيپيٽائيٽس سي جي دوا Ribavirin وغيره يا ڪينسر جي دوا يا ايڊز جي دوا فائدو ٿي ڪري سو بلڪل غلط آھي،هينئر تائين ڪنهن به دوا جو ڪوبه Response ڪونه مليو آھي ۽ ماڻھو ڌڙا ڌڙ ايئن مرندا رهن ٿا جو چائنا انهن کي سٿيون ڪري باه ڏئي لاشن کي ساڙيو ٿو وڃي!!!!
ماڻھو چون ٿا ته هي وائرس آمريڪا هيء جراثيم پنهنجي ليبارٽري مان چائنا کي تباه ۽ برباد ڪرڻ لاء ڇڏيو آھي ته ڪي چون ٿا ته هي وائرس چائنا جي ليبارٽري مان ليڪ ٿيو آھي ۽ موتمار ثابت ٿي اڳتي وڌندو ماڻھو ماريندو ۽ مارڪيٽس کي تباه ڪندو پيو وڌي!!!
پر منهنجي خيال ۾ انهن ٻنهي ڳالهين ۾ ڪابه صداقت ڪونهي۔۔در اصل هي وائرس چمڙن/چمگادڙن،ڪچن ڏيڏرن،ڪچن نانگن،ڪچن ڪوئن مان چائنيز کي پئدا ٿيو آھي۔۔
الله تعالي رحم ڪري جيتري قدر منهنجو اندازو آھي ته اگر هي جراثيم صرف ۽ صرف لڳاتار ٽن مهينن تائين ايئن ئي پنهنجي رفتار سان جاري رهيو ۽ ان جي سامهون ڪابه رڪاوٽ نه پئدا ڪئي وئي ته پوء هي وائرس دنيا جي لاء قيامت صغري ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ ان جراثيم کان صرف ئي صرف اهي ملڪ يا علائقا ئي بچي سگهن ٿا جيڪي گرم ملڪ يا گرم علائقا هوندا آھن جيئن مثال طور؛پاڪستان،آسٽريليا ۽ عرب ملڪ وغيره ليڪن هن ٿڌي موسم ۾ اهي ملڪ به رسڪ تي آھن،جيستائين ڪه گرمي پد وڌي!!!!
ٻن ڳالهين کي مان هتي رد ڪندس ته چائنا جي اندر موتن جي شرح ڪا اها آھي جيڪا خبرن ۾ ٻڌائي پئي وڃي بلڪه چائنا ۾ ڪجه ڏينهن جي دوران پنجاه هزار کان وڌيڪ ماڻھو مري چڪا آھن،ليڪن ماڻھن مان خوف و هراس گهٽ ڪرڻ لاء فوتين جو انگ سون ۾ ٻڌايو پيو وڃي ۽ ٻئي پاڪستاني حڪومت جي اها ڳاله ته پاڪستان جي اندر ڪوبه ڪرونا وائرس جو مريض موجود ڪونهي بلڪه منهنجي معلومات جي مطابق ته پاڪستان جي اندر به چائنا مان ايندڙ ماڻھو هي موت پاڻ سان گڏ کڻي آيا آھن!!!۽ مريض بلڪل موجود آھن!!!
پرهيز؛ **هميشه ماسڪ لڳائڻ گهرجي يا رومال سان نڪ ۽ وات کي اپريل مهيني تائين ٻاهر نڪرڻ وقت بند رکڻ گهرجي!!!
**ٻن مهينن تائين مرغي ۽ مڇي کائڻ بلڪل بند ڪري ڇڏجي ۽ سبزين کي گهڻو پچائي کائڻ گهرجي!!
**جانورن،پکين،ڪڪڙن وغيره جي ويجهو اچڻ کان اپريل مهيني تائين پري رهڻ گهرجي!!
**ڏينهن ۾ پنج ڇه ڀيرا گرم پاڻيء سان هٿ ۽منهن ڌوئڻ گهرجن ۽ نڪ ۾ گرم پاڻي جون ڇلپون لڳائڻ گهرجن!!!
**اسان مسلمان آھيون،ان ڪري موت کان ڊڄڻ نه گهرجي ڇوته موت اٽل آھي!!
**فروٽ ۽ پاڻي جو واهپو تمام گهڻو وڌائڻ گهرجي!!
**نارنگيون،موسميون ۽ مالٽا جام استعمال ڪرڻ گهرجن..
**گهرن جي ڪمرن جا روشندان کليل ۽ ڪمرن کي هوادار رکجي!!
نشانيون/علامتون؛
***نزلو ۽ تيز بخار Flu and high grade fever۔۔
**سخت ترين سيء Shivering
**کنگه ۽ نڙيء ۾ سور Cough and sore throat
**اکين ۾ پاڻي Watery eyes
**وات جو پچي پوڻ Oral candidiasis
**چمڙيء تي ڳاڙھا داغ Skin rashes
**سهڪو Breathlesness
**بلڊ پريشر جو وڌي وڃڻ يا ڪري پوڻ
High or low blood pressure
**وات يا نڪ يا ڪاڪوس مان رت جو اچڻ
Thrombocytopenia
**نمونيا يا بڪين جو فيل ٿيڻ
Pneumonia or Renal failure
** بيڪٽيريا جو انفيڪشن جيڪو ڪنهن به اينٽي بايو ٽڪس کي ريسپانس نه ڪري۔
Bacterial infections not responding to any antibiotics..
**آخر ۾ موت
Finally Death..

هي صدقو جاريه آھي،مهرباني ڪري هن معلومات کي ٻين تائين پهچايو!!!!
نوٽ؛ الله جي حڪم سان هن بيماري جو ديسي طريقي سان علاج موجود آھي!

**

Address

Hyderabad
713000

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Dr.mohsin aijaz soomro orthopaedic surgeon posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share