04/05/2026
لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز، ڄامشورو جي انتظاميه بلاول ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو ۾ مقرر سينيئر فيڪلٽي ميمبرن خلاف هلندڙ ڪوڙي، من گهڙت ۽ بي بنياد پروپيگنڊا تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي۔
هي منفي مهم ڪجهه مخصوص استادن خلاف ذاتي عناد تي ٻڌل آهي، جنهن جو مقصد يونيورسٽي ۽ ان جي ماتحت اداري بلاول ميڊيڪل ڪاليج جي ساک کي نقصان پهچائڻ آهي۔
بلاول ميڊيڪل ڪاليج جي فيڪلٽي انتهائي سينيئر، قابل، ماهر ۽ ممتاز تعليمي شخصيتن تي مشتمل آهي، جن کي پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل اسلام آباد جي مقرر ڪيل معيار موجب مقرر ڪيو ويو آهي۔ اهي استاد نه رڳو شاگردن کي معياري تعليم فراهم ڪري رهيا آهن، پر بلاول ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ڪوٽڙي ۽ لمس سروسز اسپتال ڄامشورو ۾ مريضن جي خدمت پڻ سرانجام ڏئي رهيا آهن۔
لياقت يونيورسٽي جي انتظاميه پنهنجي ڪنهن به فيڪلٽي ميمبر جي ڪردار ڪشي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي ۽ هن بي بنياد مهم ۾ ملوث عنصرن کي سخت خبردار ڪري ٿي ته هو اهڙين سرگرمين کان باز رهن، ٻي صورت ۾ يونيورسٽي پنهنجي خلاف بدنصيبي ۽ بدنيتي تي ٻڌل قدمن کڻندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪندي۔
ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز، ڄامشورو۔