DarulShifa2

DarulShifa2 حڪيم مهدي پنهور اويسي
Hakeem Mehdi Panhwar Owase

19/10/2024

چڪن گونيا جي ڪري جسماني سور ۽ بخار جو شافي علاج
حڪيم مهدي پنهور ڪراچي
03333771426

20/08/2024

گردے اور پتے کی پتھری کا بغیر آپریشن علاج
حکیم مہدی پنہور کراچی
03333771426

20/08/2024

جوڑوں، ہڈیوں، پٹھوں، عرق النساء کا شافی علاج
حکیم مہدی پنہور کراچی
03333771426

18/07/2024

چڪن گونيا جي ڪري جسم جي سور جو شافي علاج
حڪيم مهدي پنهور ڪراچي
03333771426

09/05/2024

گھٹنوں، کمر، شولڈرز کے درد کا شافی علاج
حکیم مہدی کراچی
03333771426

20/04/2024

انشاء ﷲ العزيز جلد دارالشفاء دواخاني جي اوپننگ اقبال هوٽل نيولياري تائيسر ٽائون ڪراچي ۾ ٿيندي.
حڪيم مهدي پنهور ڪراچي
03333771426

18/02/2024

آسان علاج.....

بشڪريه استاد محترم حڪيم لياقت علي ڪڇي صاحب.

قبض، گيس، کونگهرا، اوڳرايون، بک نه لڳڻ، پيٽ سور، گردي جو سور، دم، خشڪ کنگھ، خارش، يورڪ ايسڊ جي ڪري جسماني سور، ڪوليسٽرول، دل جي جاء تي سور، اح**ام وغيره لاء مردن، عورتن، ٻارن ۽ بزرگن لاء ڪچن فارميسي ۾ بهترين نسخو.

هوالشافي.
سُنڍ... 50 گرام.
اڇو لوڻ... 20 گرام.
ڪارا مرچ... 10 گرام.
ٽئي شيون تمام سنهيون پيهي رکو.
وڏا چانهن جي چمچي جو چوٿون حصو ڏينهن ۾ ٽي دفعا پاڻي سان.
ٻار 1 سال کان 3 سال تائين هڪ چپٽي پاڻي ۾ حل ڪري پياريو.
ٻارن جي پيٽ سور، گيس، قبض، ٿڃ الٽي ڪرڻ لاءِ بهترين علاج آهي.
نوٽ.... بلڊ پريشر وارا احتياط سان استعمال ڪن.
طالب دعا.... حڪيم مهدي پنهور ڪراچي.
03333771426

06/12/2023

کنگھ۔
گرمي،خشڪي،سردي، ڦڦڙن کي لڳڻ ڪري ٿئي ٿي۔
گرمي،خشڪي کان هوندي ته هر وقت سر سر سان سڪي کنگھ ٿيندي، تمام گھڻي کنگھڻ کانپوء پتري ٿڪ نڪرندي،رات سمهڻ وقت ۽ صبح اٿڻ وقت تمام گھڻي کنگھ ٿيندي ۽ اڃ به گھڻي لڳندي،
سردي کان کنگھ هوندي ته
اول زڪام لڳي پوء بلغم واري کنگھ ٿيندي،گھاٽو بلغلم نڪرندو،سينو ڳرو هوندو۔
علاج۔
1۔سيني ۾ بلغم هجي ته
سؤنف،گاؤزبان،ڪڻڪ جي اٽي جو ڇاڻ هر هڪ اڌ تولو،انجير هڪ داڻو،چانهن جي پتي اڌ چمچو سڀ شيون گڏي هڪ گلاس پاڻي ۾ ڪاڙهي ڇاڻي مصري يا لوڻ حسب ذائقه وجھي پيئجي صبح و شام۔
2.سرد ۽ بلغمي کنگھ لاء
ڪنوارٻوٽي جا هيڊا ڦرها ساڙي رک ڪري،ان رک جي اڌ جيترو لوڻ ملائي پيهي رکجي۔
2.3دفعا ان مان ذرو ذرو چٽجي۔
3۔هر قسم جي کنگھ لاء۔
ڪڻڪ جو ڇاڻ 2 تولا لوڻ هڪ ماسو ملائي رات سمهڻ مهل هڪ گلاس پاڻي ۾ ملائي ڪاڙهي ڇاڻي پي ڇڏجي۔{4.5 تيز اٻار اچي وڃن}۔
4.هر قسم جي کنگھ لاء۔
ڪڻڪ جو اٽو اڻ ڇڻيل هڪ تولو ۽ لوڻ 3 ماسا ملائي ڳوهي ٽڪي ٺاهجي،
انکي باه ۾ ساڙي رک ڪري پيهي رکجي،
صبح شام هڪ ماسو پاڻي سان ڦڪي هڻجي۔
5۔پراڻي کنگھ لاء۔
ٻٻر جي اندرئين نرم کل هڪ تولو،پاڻي هڪ پاء ۾ڪاڙهي،جڏهن چوٿون حصو پاڻي بچي تڏهن مهٽي ڇاڻي پي ڇڏجي۔
ڪجھ ڏينهن لڳو لڳ ڪجي۔
6۔خشڪ کنگھ لاء۔
کنگھي کنگھي بيمار ساڻو ٿي پوي ۽ بلغم نه نڪري ته
بادام ڇلهيل 7 داڻا،مصري 2 تولا ۽ ڳائو مکڻ 2 تولا،صبح جو گھوٽي چٽائجي، ۽ رات جو ملائي کير جي ۾ ملائي کائجي۔
7۔هر قسم جي کنگھ بلڪه دمي ۾ به ڪن صورتن ۾ فائدو ڏيندڙ۔
ڦٽڪي ڦليل {ڦڳل} هڪ تولو ۽ ديسي کنڊ هڪ تولو۔{ديسي کنڊ نه ته مصري} پيهي سنهو ڪري
تنهن مان 14 پڙيون ٺاهي رکو۔
هڪ صبح هڪ شام،
بلغمي کنگھ واري کي پاڻي سان ۽ سڪي خشڪ کنگھ واري کي کير سان کارايو۔
پرهيز۔
گرمي کان هجي ته گرم مصالحا،گوشت،ٿوم،ڪچي بصر،ڳڙ،مڇي،تيل،آنن،سگريٽ نوشي ۽ گرم خشڪ شين کان پرهيز ڪجي۔
نزلي جي حالت ۾ ڏڌ،کير ۽ سڻڀ نه ڏجي۔
ٿڌ ۾ مٿي،ڪنن ۽ سيني کي ٿڌ کان بچائجي،برف،ٿڌو پاڻي،کٽاڻ ۽ بادي شين کان بچجي۔
نوٽ۔۔۔
لوڻ ۽ کنڊ شوگر ۽ بلڊ پريشر جا مريض احتياط سان استعمال ڪن يا نه ڪن۔
هي نسخا وڏن جي حساب سان آهن۔ننڍن ٻارن کي ائين بغير مشوري جي استعمال نه ڪرائجن۔
طالب دعا۔
حڪيم مهدي پنهور ڪراچي.
03333771426

02/12/2023

اصول علاج ۽ ڪجھ سمجھاڻيون ۽ غلط فهميون۔
انساني جسم ۾ دل،دماغ ۽ جگر رئيس عضوا آهن جن تي زندگي جو دارومدار آهي۔
جن جي خوراڪ سودا۔بلغم ۽ صفراء آهي۔
انهن جي مخصوص مقدار مان رت ٿو ٺهي۔
رت جي موجودگي انساني زندگي آهي۔
۽ رت هميشه خوراڪ سان ئي ٺهي ٿو،نه ڪه دوائن سان۔
خوراڪ ۾ خداء برتر سودا،بلغم ۽ صفراء رکيو آهي۔
خوراڪ ۽ پرهيز ٻڌائي ويندي آهي اها ان مرض مطابق هوندي آهي،
جيئن ته رت ۾ اضافي يا گھٽيل خلط{سودا،بلغم،صفراء} جو اضافو ياگھٽتائي ڪري سگھجي۔
سو غذا ۽ پرهيز تي عمل پيرا ٿيندي مرض مان جلد ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگھجي ٿو۔
ورنه پوري زندگي دوائن جو سهارو درڪار رهندو۔
کائڻ پيئڻ،موسم ۽ ماحول جي چيجنگ سان ئي ڪافي مرض دور ٿي ويندا آهن۔
طالب دعا۔
حڪيم مهدي پنهور ڪراچي.
03333771426

02/12/2023

بواسير خوني۔
قبض سبب ۽ خشڪي گرمي سبب هي مرض ٿئي ٿو۔
۽ اڄڪلھ هي مرض عام ٿي ويو آهي۔
مرض جي سڃاڻپ۔
مقعد جي چؤڌاري موڪا ٿين ٿا،جن ۾ ساڙو ۽ سور ٿئي ٿو ۽ منجھائن رت نڪري ٿو۔
قبض جي صورت ۾ سخت اجابت اچڻ ڪري موڪن ۾ تڪليف وڌڻ جي صورت ۾ رت وڌيڪ اچي ٿو۔
ڪڏهن اندروني سوڄ سبب ڇپ ٻاهر نڪرڻ سبب خارش،بار ۽ ساڙو ٿئي ٿو۔
موڪا ڪڍائڻ يا آپريشن نه ڪرائجي ته بهتر۔
علاج اهي ٿا لکجن جيڪي عام ماڻهو آساني سان ڪري سگھي اگر بالفرض فائدو گھٽ ٿئي ته ڪنهن قابل حڪيم کان مستقل علاج ڪرائجي۔
علاج۔
ڪيترو به رت ايندڙ هجي،قبض هجي ۽ سور به هجي ته
1.سرينهن جو ٻج هڪ تولو ڪٽي صبح جو نيراني پاڻي سان ڦڪي هڻجي۔
2.ٻٻر جا ڪچا پلڙا ڇانو ۾ خشڪ ڪري هموزن مصري ملائي ڪٽي ڇاڻي هڪ تولي تائين روز نيراني پاڻي سان ڦڪي هڻجي۔هي جريان ۾ به مفيد آهي۔
3.حقي جي پاڻي سان استنجا به مسن لاء مفيد آهي۔
4.رت گھڻو ايندڙ هجي ته انبن جا يا ڄمون جا گؤنچ هڪ مٺ تائين گھوٽي ڇاڻي مصري ملائي مٺو ڪري 1.2 دفعا پيارجي۔
5.ملم۔ ڇهاري ۽ گدامري جي ککڙي ۽ ٽڪر شيهي جو پاڻي ۾ فرش تي گهي{رڳڙي} ملم وانگر ٺاهي موڪن تي لڳائجي۔
دوائن کائڻ ۽ ملم لڳائڻ جو ٽائم پيرڊ مرض جي ٺيڪ ٿيڻ تائين۔
پرهيز۔
چانهن۔گوشت۔آنا۔ڳڙ۔آچار۔ڳاڙهامرچ۔ٻاجھر۔شراب۔تيل۔پان۔گھٽڪو۔مين پوري۔تمام گھڻي سگريٽ نوشي۔گرمي ۾ هلڻ۔سخت محنت ۽ وزن کڻڻ۔
غذا ۾ ڪڻڪ،جوئر،تازو کير،مکڻ،ڳائو ڌؤنرو،لوڻڪ،ڪدو،توريون،گوگڙو،موري ۽ مڱن جي دال۔
پرهيز اڌ علاج آهي۔
خوراڪ بدلائڻ سان به گھڻا مرض ٺيڪ ويندا آهن۔
طالب دعا۔
حڪيم مهدي پنهور ڪراچي.
03333771426

25/10/2023

شوگر جي ڪري جسم جي ڪنهن به حصي جو زخم خشڪ نه ٿيڻ نه ڇٽڻ جو شافي علاج
حڪيم مهدي پنهور ڪراچي
03333771426

25/10/2023

ڊپريشن، انزائٽي، ننڊ نه اچڻ، گهٻراهٽ، خوف جو شافي علاج.
حڪيم مهدي پنهور ڪراچي
03333771426

Address

Karachi

Telephone

+923333771426

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when DarulShifa2 posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share