Health Icon, Physiotherapy & Rehabilitation Department.

Health Icon, Physiotherapy & Rehabilitation Department. it's a best medical consultation and physiotherapy rehabilitation center near Nipa chorangi .

29/06/2023

Happy Eid-ul-Adha to all of you.

11/06/2022

Free physiotherapy consultation.

Here we have qualified and senior physiotherapists to give best and proper treatment.

Only session will be charged.

Get yourself enrolled now .As soon as possible.
26/02/2022

Get yourself enrolled now .
As soon as possible.

30/01/2022

فالج کان بچاءُ ممڪن آهي ۽ اهوئي ان جو بهترين حل آهي
ڊاڪٽر سجاد حميد
فالج يا "اڌ رنگو" هڪ دماغي بيماري آهي، جنهن کي انگريزي ۾ "اسٽروڪ" چئبو آهي. تمام آسان لفظن ۾ سمجهائجي ته جهڙي طرح دل جو اٽيڪ (دل جو دورو) ٿيندو آهي، بلڪل اهڙي طرح فالج هڪ "دماغ جو اٽيڪ" آهي. فالج هڪ تمام عام بيماري آهي، ان جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو ته سڄي دنيا ۾ هر چئن ماڻهن مان هڪ ماڻهو کي فالج ٿي ٿو. هر سال سڄي دنيا ۾ لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪروڙ ماڻهو فالج جو شڪار ٿين ٿا، جن مان ۵۰ لک زندگي جي جنگ هارائي وڃن ٿا ۽ ۵۰ لک سڄي زندگي لاء معذور ٿي وڃن ٿا, هي هڪ تمام وڏو ۽ خطرناڪ انگ آهي. فالج سڄي دنيا ۾ معذوريءَ جو سڀ کان وڏو سبب پڻ آهي. ٿوري دير لاءِ تصور ڪيو ته هڪ نوجوان جيڪو گھر جو اڳواڻ آهي ۽ پنهنجي خاندان جو وارث آهي، اوچتو ئي فالج جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ بلڪل معذور ٿي وڃي ٿو. هاڻي هو مڪمل طور تي بستري تائين معدود آهي، هو ڪو به ڪم نه ٿو ڪري سگهي، هو غسل خاني ۾ به نه ٿو وڃي سگهي، هو ڳالهائي به نٿو سگهي، هن جي نڪ ۾ کاڌي لاءِ هڪ نلڪي وڌل آهي، هن جي پيشاب جي جاءِ تي به هڪ نلڪي وڌل آهي، ۽ هن کي هر ننڍي وڏي شيء لاء ٻين جي مدد جي ضرورت آهي. تصور ڪيو ته اها حالت سندس سڄي زندگي رهي ته هن کي ۽ سندس گهروارن کي ڪيئن محسوس ٿيندو؟ تنهن ڪري فالج کي سمجهڻ ۽ روڪڻ جي سخت ضرورت آهي.

فالج ڇو ٿئي ٿو؟
انساني دل هڪ موٽر پمپ وانگر ڪم ڪري ٿي. دل رت کي پريشر سان دماغ سميت سمورن عضون ڏانهن موڪلي ٿي. جيڪڏهن رت دماغ تائين صحيح طرح نه پهچي ته فالج ٿئي ٿو. هاڻي سوال اهو آهي ته رت دماغ تائين ڇو نه ٿي پهچي؟ جواب آسان آهي. دماغ تائين رت نه پهچڻ جا ٻه بنيادي سبب ٿي سگهن ٿا. يا ته رت جون ناليون (رڳون يا شريانون) جن مان رت گذري ٿي، اهي بند ٿي وڃن ٿيون، انهن ۾ ڪا رڪاوٽ اچي وڃي ٿي، ان ڪري رت دماغ تائين نه ٿي پهچي سگهي، يا ٻيو سبب اهو آهي ته رت جو پريشر، جنهن کي بلڊ پريشرچئبو آهي، اهو ايترو ته وڌي وڃي ٿو جو دماغ جي اندر رت جون ننڊڙيون ناليون ڦاٽي پون ٿيون. هن وقت، هڪ اهم نقطو واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته فالج جا ٻه بنيادي قسم آهن. پهرين قسم جي فالج ۾، رت بند ٿيڻ جي ڪري رت دماغ تائين پهچي نه ٿي سگهي. ۽ ٻئي قسم جي فالج ۾ رت جون ناليون ڦاٽي پون ٿيون. هاڻي اهو ياد رکجي ته اهي ٻئي قسم جا فالج مختلف آهن ۽ انهن جا مختلف علاج آهن. ڪو به ماڻهو، ڀلي ماهر ڊاڪٽر ڇو نه هجي، صرف مريض جي معائني کان پوء اهويقين سان نه ٿو ٻڌائي سگهي ته اهو ڪهڙي قسم جو فالج آهي. ڊاڪٽر اهو ضرور ٻڌائي سگهي ٿو ته فالج ٿيو آهي، پر اهو ڄاڻڻ لاءِ ته ڪهڙي قسم جو فالج آهي، دماغ جي "سي ٽي اسڪين" يا "ايم آر آئي" جي ضرورت هوندي آهي. ان لاءِ، اهو ضروري آهي ته، دماغ جي اسڪين ڪرڻ کان اڳ فالج جي مريض کي رت کي پتلو ڪندڙ دوا (جهڙوڪ ڊسپرين) نه ڏني وڃي. ڪجهه ماڻهو دماغ جي اسڪين ڪرڻ کان اڳ ئي دوا شروع ڪري ڏيندا آهن، جيڪو غلط عمل آهي، ان سان نقصان ٿي سگهي ٿو ۽ ان کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ھاڻي مان توھان کي اڳ ۾ ئي ٻڌائي چڪو آھيان ته رت جي نالين جي ڦاٽڻ جو وڏو سبب بلڊ پريشر جو تمام گھڻو وڌي وڃڻ آھي. پر رت جي نالين جي بند ٿيڻ جو سبب ڇا آهي؟ رت جي نالين جي بند ٿيڻ جا ڪيترائي سبب آهن جهڙوڪ شگر جي بيماري (ذیابيطس)، بلڊ پريشر جو وڌڻ، ڪوليسٽرول جو وڌڻ، جسماني ورزش نه ڪرڻ، سگريٽ نوشي، وزن جو وڌڻ, ۽ ڪجهه دل جون بيماريون آهن.

فالج ۾ ڇا ٿيندو آهي؟
فالج جا ڪيترائي قسم آهن. سڀ کان عام قسم جي فالج ۾ مريض جي جسم جو هڪ پاسو ڪمزور ٿي ويندو آهي، ان لاء فالج کي "اڌ رنگو" به چيو ويندو آهي. انهن کي گهمڻ ڦرڻ ۽ پنهنجو توازن برقرار رکڻ ۾ مشڪل ٿيندي آهي. سندن چهرو به ٽيڙهو ٿي ويندو آهي. ڪجه مريضن کي شروعاتي ڏينهن ۾ کائڻ پيئڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي، ان لاء انهن جي نڪ ۾ نلڪي وجهڻي پوندي آهي. ڪجه مريضن کي ڳالهائڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي، ڪجه مريضن کي ڳاله سمجهڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي. ڪجهه مريضن کي ڏسڻ ۾ مشڪل ٿئي ٿي. ڪجهه مريض مڪمل طور تي پنهنجي بستري تائين معدود ٿي وڃن ٿا ۽ هر شيء لاء ٻين تي محتاج ٿي وڃن ٿا.

ڇا فالج کان بچاءُ ممڪن آهي؟
جي بلڪل. نه صرف فالج کان بچاء ممڪن آهي بلڪه آسان به آهي ۽ اهو ئي سب کان بهتر حل آهي. ان لاء انهن شين جو خيال رکڻو پوندو جيڪي فالج جو سبب بڻجن ٿيون.
۱. جيڪڏهن توهان کي شوگر جي بيماري آهي ته مهرباني ڪري پنهنجي شوگر تي ڪنٽرول ڪريو. باقاعدگي سان دوائون وٺو، شگر کي باقاعدگي سان چيڪ ڪريو، پنهنجي غذا جو تمام گهڻو خيال رکو ۽ باقاعدگي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان صلاح ڪريو. جيڪڏهن توهان کي شوگر جي بيماري نه آهي ۽ توهان جي عمر ۴۰ سالن کان مٿي آهي يا توهان جي گهر ۾ ڪنهن کي شوگر جي بيماري آهي ته پوءِ مهرباني ڪري سال ۾ هڪ ڀيرو پنهنجي شگر ضرور چيڪ ڪريو. گهڻن ماڻهن کي شگر جي بيماري (ذیابيطس) هوندي آهي پر اهي بي خبر هوندا آهن. انهن کي شگر جي بيماري جو احساس ان وقت ٿيندو آهي جڏهن انهن کي دل جو دورو، فالج، گردن يا نظر جو مسئلو ٿي ۽ ان وقت شگر چڪاس ڪئي وڃي.
۲. توهان پنهنجو بلڊ پريشر چيڪ ڪريو. جيڪڏهن اهو وڌيل آهي، ته پوء پنهنجي ڊاڪٽر سان صلاح ڪريو، باقاعده دوائون وٺو، ۽ گهڻي لوڻ جي استعمال کان بچو. شوگر وانگر، ڪيترن ئي ماڻهن کي خبر ناهي هوندي ته انهن جو بلڊ پريشر وڌيل آهي جيستائين ان جي چڪاس نه ڪجي. ڪجه ماڻهن کي اها غلط فهمي هوندي آهي ته بلڊ پريشر وڌڻ سان مٿي ۾ سور ٿيندو آهي، سور نه ٿئي ته بلڊ پريشر صحيح هوندو. اها بلڪل غلط ڳاله آهي. بلڊ پريشر وڌڻ جو مٿي جي سور سان ڪو به تعلق ناهي. ٻيو ته بلڊ پريشر جون دوائون هر روز باقاعدگي سان وٺڻيون هونديون آهن. ڪجهه ماڻهو ان وقت دوا وٺندا آهن جڏهن انهن کي مٿي ۾ سور هوندو آهي، جيڪو سراسر غلط آهي. توهان اهو نه ٿا ٻڌائي سگهو ته توهان جو بلڊ پريشر وڌيل آهي يا نه، جيستائين توهان ان جي چڪاس نه ٿا ڪريو.
۳. مھرباني ڪري پنھنجي ڪوليسٽرول جي چڪاس ڪرايو. جيڪڏهن اهو وڌيل آهي ته پنهنجي ڊاڪٽر سان صلاح ڪريو ۽ دوا شروع ڪريو. تريل کاڌي ۽ وڏي گوشت کان پاسو ڪريو.
۴. سڀ کان ضروري، جسماني ورزش ڪريو. روزانو گهٽ ۾ گهٽ ۳۰ منٽن لاءِ تيز تيز گهمڻ کي پنهنجو معمول بڻايو. اهو توهان جي دل ۽ دماغ ٻنهي لاء تمام فائديمند آهي.
۵. مهرباني ڪري پاڻ کي سگريٽ نوشي کان بچايو. سگريٽ نوشي توهان جي صحت لاء تمام گهڻو نقصانڪار آهي. اهو توهان جي ڦڦڙن، دل، دماغ کي نقصان پهچائي ٿي، ۽ ڪيترا ئي خطرناڪ ڪينسر پڻ ڪرائي ٿي. مان سمجهان ٿو سگريٽ ڇڏڻ مشڪل آهي، ان لاء توهان کي پنهنجن ويجهن جي مدد جي ضرورت هوندي آهي. جيڪڏھن توھان سگريٽ ڇڏڻ چاھيو ٿا، توھان کي پنھنجي ڊاڪٽر سان پڻ صلاح ڪرڻ گھرجي. ڪيتريون ئي دوائون موجود آهن جيڪي توهان کي سگريٽ جي خواهش کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪن ٿيون ۽ توهان سگريٽ نوشي جي عادت کي آساني سان ڇڏي سگهو ٿا.
٦. جيڪڏهن توهان جو وزن وڌيل آهي ته مهرباني ڪري پنهنجي وزن کي گهٽ ڪريو. توهان جو وزن توهان جي قد ۽ جنس تي تي منحصر آهي ۽ نه ڪي توهان جي عمر تي. هڪ ساڍا ۵ فوٽ قد واري مرد جو وزن، ۷۲ ڪلو کان گهٽ هجڻ گهرجي. اهڙي طرح هڪ ساڍا ۵ فوٽ قد واري عورت جو وزن، ٦۵ ڪلو کان گهٽ هجڻ گهرجي. وزن گھٽائڻ سان توهان پنهنجي شگر، بلڊ پريشر ۽ ڪوليسٽرول کي به ڪنٽرول ڪري وٺندو.
جيڪڏهن توهان انهن سڀني شين جو خيال رکو ۽ انهن کي پنهنجي روزاني زندگي جو معمول بڻايو ته توهان آساني سان پاڻ کي فالج کان بچائي سگهو ٿا. ڇاڪاڻ ته هڪ ڀيرو فالج ٿئي ته پوء علاج جا تمام گهٽ وسيلا آهن. هڪ ته اهي علاج سڄي پاڪستان ۾ صرف ڪجه وڏن شهرن ۾ موجود آهن، ٻيو ته اهي فالج ٿيڻ کانپوء صرف ۳ کان ٦ ڪلاڪن اندر ڏئي سگهجن ٿا ۽ اهو به ڪجه مريضن کي ڏئي سگهجن ٿا، سڀني کي نه ٿا ڏئي سگهجن. تنهن ڪري ماڻهن جي اڪثريت ان علاج مان فائدو نه وٺي سگهندي آهي. فالج کان پوءِ، اهي مريض صرف صحتياب ٿيڻ جو انتظار ڪندا آهن ۽ جيئن مان ٻڌايو ته ڪيترائي مريض پوري طرح صحتياب نه ٿيندا آهن ۽ هڪ معذوري واري زندگي گذاريندا آهن. ياد رکو ته ان معذوري واري زندگي کان پاڻ کي آساني سان بچائي سگهجي ٿو.

ڇا ٦ ڪلاڪن گذرڻ کان پوءِ فالج جو ڪو علاج ممڪن آهي؟
ڇهن ڪلاڪن کان پوءِ، فالج کي دوائن يا سرجري سان واپس ته نه ٿو ڪري سگهجي. پر ها، انهن مريضن کي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي ته جيئن انهن جي حالت وڌيڪ خراب نه ٿئي. فالج جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ ڪجهه ٽيسٽون ڪيون وينديون ۽ مناسب دوائون ڏنيون وينديون ته جيئن فالج ٻيهر نه ٿئي. جيڪڏهن ڪنهن کي هڪ دفعو فالج ٿئي ته ان کي بار بار فالج ٿيڻ جو خطرو هوندو آهي. ياد رهي ته دوائون صرف ان لاءِ ڏنيون وينديون آهن ته جيئن ٻيو فالج نه ٿي ۽ اڪثر اهي دوائون سڄي عمر وٺڻيون پونديون آهن. فالج کان پوءِ بهتري فزيوٿراپي ۽ ورزش سان ايندي آهي، دوائن سان نه. جيڪڏهن ڪو توهان کي چوي ته صرف دوائون فالج کي بهتر ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿيون، ته پوءِ بدقسمتيءَ سان اهي توهان کي صحيح ڳاله نه ٿا ٻڌائين.
آخر ۾، مان پنهنجن پڙهندڙن کي ٻڌائڻ چاهيندس ته توهان فالج جي مريضن کي مختلف تيل سان مالش ڪري سگهو ٿا. ان ۾ ڪو به نقصان نه آهي پر توهان پنهنجي ڊاڪٽر جي تجويز ڪيل دوائن کي نه روڪيو. باقاعده فزيوٿراپي ۽ ورزش سڀ کان اهم آهي. فزيوٿراپي ۽ ورزش کي ڪڏهن به نه ڇڏيو. صبر جو مظاهرو ڪيو ۽ مريض کي وقت ڏيو. ڪيترائي ماڻهو مڪمل طور تي بحال نه ٿي سگھن ٿا پر اهي وقت سان بهتر ٿي ويندا آهن پر انهن کي عام طور تي ۳ کان ٦ مهينا لڳي ويندا آهن. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته فالج جو سبب ٿڌ آهي ۽ اهي فالج جي مريضن کي اونهاري ۾ به ڪمبل ۽ گرم ڪپڙن سان ويڙهي ڇڏيندا آهن. هي غلط آهي. فالج جو ٿڌ سان ڪو واسطو ناهي. ائين ڪرڻ سان مريض کي فالج کان بهتر ٿيڻ ۾ ڪا به مدد نٿي ملي. بلڪه بهتر ٿيڻ جي بدران گرم ڪپڙن جي ڪري مريض پگهرجي وڃي ٿو ۽ جسم ۾ پاڻي جي کوٽ ٿئي ٿي ۽ مريض جا هاڻي گردا به متاثر ٿيڻ لڳن ٿا. مھرباني ڪري انھن عملن کان پاسو ڪريو.

29/01/2022

Visit for best health care facility.
(Free Physiotherapy consultation.)

Address

ST-21/A , Block#06 , Gulshan-E-Iqbal, University Road
Karachi

Opening Hours

Monday 12:00 - 22:00
Tuesday 12:00 - 22:00
Wednesday 12:00 - 22:00
Thursday 12:00 - 22:00
Friday 12:00 - 22:00
Saturday 12:00 - 22:00

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Health Icon, Physiotherapy & Rehabilitation Department. posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Share on Facebook Share on Twitter Share on LinkedIn
Share on Pinterest Share on Reddit Share via Email
Share on WhatsApp Share on Instagram Share on Telegram