Dr. Sajid Hameed Shaikh - Neurologist

Dr. Sajid Hameed Shaikh - Neurologist Assistant Professor (Neurology), Aga Khan University, Karachi.

MBBS, FCPS (Neurology)
Fellowship - Clinical Neurophysiology (Aga Khan University)
Fellowship - Movement Disorders (University of Virginia, USA)

29/06/2025

🦵😴 ڇا توهان کي رات جو سمهڻ وقت پيرن ۽ ٽنگن ۾ عجيب بيچيني، سر سر، سور، يا سڙهڻ جي ڪيفيت جو احساس ٿيندو آهي؟

🤔 جيڪڏهن اهڙي ڪيفيت ﭤﺌﻲ ته ڇا پيرن يا ٽنگن کي هلائڻ سان ٿوري دير لاءِ آرام ملي ٿو؟

✅ اگر انهن ٻني سوالن جو جواب ها آهي ته توهان کي ريسٽليس ليگ سنڊروم Restless Legs Syndrome (RLS) جي بيماري ٿي سگهي ٿي.

❓ ريسٽليس ليگ سنڊروم (ٽنگن ۾ بيچيني) واري بيماري ڇا آهي؟

🧠 هي هڪ اعصابي مسئلو آهي، جنهن ۾ پيرن يا ٽنگن ۾ عموماً رات جو سمهڻ لاءِ ليٽڻ مھل ڪجھ عجيب شيون محسوس ٿينديون آهن، مثلاً:
😣 بيچيني
🔥 سڙهڻ
⚡ جهٽڪا
🔄 دٻاءُ، سر سر ٿيڻ، يا پير هلائڻ جي دل
🛌 اِن سان ننڊ متاثر ٿئي ٿي، پر پيرن کي هلائڻ سان ٿوري دير لاءِ آرام ملي ٿو.

😓 ڇا روزمره جي زندگي متاثر ٿئي ٿي؟

ها!
🌙 ننڊ جي خراب ٿيڻ سبب
😩 ڏينهن ۾ ٿڪاوٽ
😡 چرڇڙو مزاج
💼 ڪم تي ڌيان جي کوٽ
😔 ڊپريشن به ٿي سگهي ٿو

🧾 وجھ ڇا آهي؟

🔹 رت ۾ آئرن جي گهٽتائي
🔹 حاملہ هجڻ
🔹 شوگر، گردن يا اعصاب جا مسئلا
🔹 دوائن جا اثر
🔹 ورزش جي کوٽ
🔹 ڪڏهن ڪڏهن بغير ڪنهن واضع سبب جي

💊 علاج ۽ سنڀال:

🧪 رت جا ٽيسٽ (آئرن، ڪريٽينين وغيره)
🚶 روزانو اڌ ڪلاڪ هلڻ يا ورزش
☕ چائي، ڪافي، شراب، تمباکو کان پرهيز
🕰️ سمهڻ جو مقرر وقت
👨‍⚕️ بهتر نه ٿئي ته ڊاڪٽر سان صلاح مشورو

📞 ڪڏهن ڊاڪٽر ڏانھن وڃڻ گهرجي؟

❗ جيڪڏهن بيچيني شديد آهي ۽ ننڊ/زندگي متاثر پئي ٿئي

💬 ياد رکو:

ريسٽليس ليگ سنڊروم ڪو "وهم" يا نفسياتي مسئلو ناهي!
🌟 اها اعصابي حالت آهي، جنهن جو علاج ممڪن آهي.

🙋‍♂️🙋‍♀️ توهان جا تجربا؟

✨ ڇا توھان يا توھان جي ڪنھن ساٿي کي RLS جي علامتون آھن؟ ڪمينٽ ۾ ٻڌايو.

🔁 پوسٽ شيئر ڪريو ته جيئن ٻين تائين به ڄاڻ پهچي! 🙏

سڀني مسلمانن کي عيد جون لک لک مبارڪون هجن
09/06/2025

سڀني مسلمانن کي عيد جون لک لک مبارڪون هجن

01/06/2025

سخت گرميءَ ۾ پاڻ کي هيٽ اسٽروڪ کان ڪيئن بچائجي.

24/05/2025

پارکنسن کی بیماری کے عام علامات کیا ہوتے ہیں؟
کمنٹ میں ویڈیو لنک دیکھیں

21/05/2025

سجاڳ ٿيو!
اسان اڄڪلهه تمام گهٽ عمر وارن ماڻهن کي برين اسٽروڪ (فالج) جو شڪار ٿيندي ڏسي رهيا آهيون. اهڙو فالج جنهن ۾ دماغ جي رڳ (رت جي نڙي) ڦاٽي ٿي وڃي. ۽ ان جو سڀ کان وڏو سبب: تمام گهڻو بلڊ پريشر جو وڌي وڃڻ آهي.

اهو بلڊ پريشر جيڪو اگر ﻭﻗﺖ تي معلوم ٿي وڃي ته آسانيءَ سان ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. پر جي معلوم نه ٿي ۽ فالج ٿي وڃي ته پوءِ نوجوان ماڻهو به بيوس ۽ محتاج ٿي پوي ٿو. فالج ٿيڻ کان پوءِ ڪمزوري صحيح ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ۽ سڄي عمر لاء ماڻهو ڦاسي وڃي ٿو.

مھرباني ڪري، پنھنجو بلڊ پريشر باقاعدي چيڪ ڪريو ۽ جيڪڏهن وڌيل آهي ته ﺿﺮﻭﺭ علاج وٺو. اهو ظاهر طور تي تہ هڪ ننڍڙو قدم آهي، پر هزارين زندگين کي محفوظ ڪري سگهي ٿو.

زندگي تمام اهم آهي. لاپرواهي نه ڪريو.

17/05/2025

بلڊ پريشر جي باري ۾ آگاهي!!

17/05/2025

Parkinson's disease - Basic Introduction
پارکنسن کی بیماری کے بارے میں بنیادی معلومات

04/05/2025

پارڪنسن جي بيماري – هڪ خاموش پر طاقتور دشمن

ڇا توهان يا اوهان جي گهر ۾ ڪو وڏي عمر جو ماڻهو آهي، جنهن جون حرڪتون آهستي آهستي سُست ٿي رهيون آهن؟ هٿ ڏڪڻ لڳا آهن؟ گھمڻ مشڪل ٿي پيو آهي؟ يا لکڻ جي انداز ۾ تبديلي اچي وئي آهي؟ اِنهن سڀني نشانين جي پٺيان هڪ بيماري لڪي ويٺي آهي: پارڪنسن جي بيماري.

پارڪنسن هڪ دماغي بيماري آهي جيڪا خاص ڪري 60 سالن کان مٿي ماڻهن کي ٿي سگهي ٿي. هي بيماري دماغ جي انهن حصن کي متاثر ڪري ٿي، جيڪي حرڪتن، توازن، ۽ سوچ سان تعلق رکن ٿا.

پارڪنسن جي بيماري: عام نشانين ۾ شامل آهن:

- هٿن يا پيرن جو ڏڪڻ
- جسم ۾ سختي
- حرڪتن جي رفتار ۾ گهٽتائي
- چهري جي اظهار ۾ گهٽتائي
- هلڻ وقت توازن وڃائڻ
- سوچڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ سست رفتاري
- آواز جو هلڪو يا آهستي ٿي وڃڻ

اهو علاج جوڳو آهي!
پارڪنسن جو مڪمل علاج ته ناهي، پر دوا سان هن کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.

اسان سڀني جي ذميواري آهي ته:
اوهان جي گهر ۾ جيڪڏهن ڪو وڏو ماڻهو اهڙين نشانين سان مبتلا آهي ته ڊاڪٽر کي ضرور ڏيکاريو.

هن بيماري جي لاء ڪا ٽيسٽ يا CT يا MRI نه ٿيندي، بلڪِي ڊاڪٽر يا نيورولاجسٽ چڪاس ڪري ان جي تشخيص/ diagnosis ڪندو آهي.

هن معلومات کي پنهنجن دوستن، پاڙيسرين ۽ مائٽن سان شيئر ڪريو.

پنهنجي بزرگن لاءِ آواز اُٿاريو! پارڪنسن کي سمجهو، سڃاڻو ۽ ان جو مقابلو ڪريو.

#صحت

29/11/2024

Parkinson's disease Awareness Talk
پارڪنسن جي بيماري جي باري ۾ معلوماتي وڊيو

Friday, Nov 29, 2024 from 3-4 pmLive Session on Parkinson's disease.
27/11/2024

Friday, Nov 29, 2024 from 3-4 pm
Live Session on Parkinson's disease.

25/11/2024

اسلام عليڪم،
جيڪڏهن پارڪنسن بيماري جي باري ۾ اوھان کي ڪو سوال هجي ته مهرباني ڪري ڪمينٽ ۾ ڏنل لنڪ ۾ وڃي سوال پڇندا. مھرباني

جيئن موسم تبديل ٿي آھي تہ مڇر به وڌيا آهن ۽ مڇرن جي چڪ پائڻ جي ڪري ٿيندڙ بيماريون (جهڙوڪ: مليريا ۽ ڊينگي) به وڌيون آهن. ...
06/09/2024

جيئن موسم تبديل ٿي آھي تہ مڇر به وڌيا آهن ۽ مڇرن جي چڪ پائڻ جي ڪري ٿيندڙ بيماريون (جهڙوڪ: مليريا ۽ ڊينگي) به وڌيون آهن. ان کان پاڻ کي ڪيئن بچائجي؟

1. مليريا ۽ ڊينگي کان بچڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گھرجي؟
مليريا ۽ ڊينگي کان بچڻ لاءِ مڇرن جي چڪ کان بچڻ لازمي آھي. مليريا ۽ ڊينگي بيمريون مڇر جي چڪ سان ئي ٿينديون ۽ ڦھلجنديون آهن.

2. ڇا صاف پاڻيءَ ۾ مڇر پيدا ٿي سگھن ٿا؟
ھا، ان ڪري گھرن ۾ رکيل ٿانوَ، بالٽيون، گلدانن، ۽ پاڻيءَ جي ٽينڪن کي ڍڪيل رکو.

3. مڇرن کان بچڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گھرجي؟
رات جو مڇر کان بچڻ لاءِ مڇر کان بچائڻ واري ڄاري / جالي ۾ سمهجي، دروازا ۽ دريون بند ڪجن يا ڄاري وارو دروازو هڻائجي، ۽ مڇر ڀڄائيندڙ اسپري، ٽڪي، يا جِليبي استعمال ڪرڻ گهرجي. ان کان علاوه پنهنجو جسم ڍڪجي، پنهنجي قميص جون ٻانھون پوري پائجن. مڇر عموماً سج اڀرڻ ۽ سج لهڻ مهل وڌيڪ ٿيندا آهن، ان وقتن تي ٻاهر وڃڻ کان پاسو ڪجي.

4. مليريا ۽ ڊينگي جي علامتن کان ڪيئن خبردار رھجي؟
مليريا ۽ ڊينگي جي علامتن ۾ سيء سان تيز بخار، جسم ۾ سور، ۽ ٿڪاوٽ شامل آھن؛ جيڪڏھن اھي علامتون ظاھر ٿين ته فوراً ڊاڪٽر سان رابطو ڪريو.

5. مڇرن جي واڌ کي ڪيئن روڪجي؟
مڇرن جي واڌ کي روڪڻ لاءِ ڍنڍن، تلائن، ۽ ڪچري ۾ بيٺل پاڻي کي صاف ڪيو. ڪوشش ڪيو ته گھرن جي آسپاس پاڻي جمع نه ٿي ۽ پاڻي بيٺل نه هجي.
ان سان گڏ پنهنجي گهر ۽ پاڙي ۾ مڇرمار اسپري ڪيو. اسپري ڪرڻ مهل پنهنجي گهروارن، خاص ڪري ننڍڙن ٻارن، وڏن، ۽ سهڪي جي بيماري وارن جو خيال ڪجو.

Address

Karachi

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Dr. Sajid Hameed Shaikh - Neurologist posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Share on Facebook Share on Twitter Share on LinkedIn
Share on Pinterest Share on Reddit Share via Email
Share on WhatsApp Share on Instagram Share on Telegram

Category