
26/10/2024
برش کي باٿ روم ۾ رکڻ جي غلطي ڪڏهن به نه ڪريو
اسان مان گھڻا ماڻهو پنهنجي ڏندن جو برش ڀات روم ۾ رکندا آهن جنهن جو وڏو سبب اِهو آهي ته گھڻن گھرن ۾ ٽوائلٽ ۽ واش بيسن هڪ ئي هنڌ هوندو آهي، گھڻو گھٽ ائين هوندو آهي ته گھرن ۾ ٽوائلٽ ڌار ۽ منهن ڌوئڻ لاءِ واش بيسن ٻاهر هجن.
پر جيڪڏهن اوهان جي سنڪ ۽ ٽوائلٽ هڪ ئي هنڌ آهي ته اوهان اتي پنهنجي ڏندن جو برش به رکندا آهيو ته اوهان سنگين ۽ وڏي غلطي ڪري رهيا آهيو.
ماهرن ان حوالي سان ماڻهن کي تنبيهه ڪندي ٻڌايو آهي ته ڏندن جو برش باٿ روم ۾ نه رکڻ گھرجي، اها هڪ خراب ترين جاءِ آهي ڇو جو اهو جراثيمن جو ڳڙهه آهي.
باٿ روم ۾ موجود ٽوائلٽ ڏندن جي برش کي سخت گدلو ڪري ڇڏيندي آهي پوءِ ڀلي اوهان ان تي ڪيترا ئي ڍَڪَ ڇو نه چاڙهيو.
هڪ تحقيق موجب جڏهن ٽوائلٽ کي فلش ڪيو ويندو آهي ته باٿ روم ۾ فيڪل فائونٽين ٺهندو آهي جيڪو جراثيم آھي