پاڪ ميڊيڪل ڪلينڪ تارڪو وڏو

پاڪ ميڊيڪل ڪلينڪ تارڪو وڏو انسانيت کي خدمت

ڪانگو وائرس (Congo virus) . پاڪستان اندر 2002ع ۾ ڪانگو وائرس جي ڪري ست ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ۽ 2002ع ۾ جهڙي ريت ان بيمار...
07/11/2023

ڪانگو وائرس (Congo virus) .

پاڪستان اندر 2002ع ۾ ڪانگو وائرس جي ڪري ست ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ۽ 2002ع ۾ جهڙي ريت ان بيماريءَ مشهوري ماڻي، ان سان عام شهرین سمیت ڊاڪٽرن ۽ نرسن ۾ بہ ڊپ ۽ هراس پکڙجي ويو هو۔ان وقت هن وچڙندڙ مرض سان گهٽ ۾ گهٽ 7 ماڻهو مري ويا هئا جن ۾ هڪ نوجوان لیڊي ڈاکٹر ۽ 4 معصوم ٻار بہ شامل هئا.

2016ع دوران بلوچستان ۾ ڪانگو وائرس جا 56 ڪیس رپورٽ ٿيا، جن ۾ 12 عورتون بہ شامل هيون. ان خطرناڪ وائرس سان 13 مریض فوت ٿي ويا. هيءَ سڄي دنیا ۾ تیزيءَ سان پکڙجندڙ بيماري آهي۔

سڀ کان پهرين تہ اسان کي هن بیماريءَ جي باري۾ ڄاڻ هئڻ کپي تہ جيئن ان جي سببن کي سمجهندي احتیاطي تدبیرون اختيار ڪري سگھجن ۽ ان کان بچڻ جي ٿيڻ جوڳيون (هر ممڪن) ڪوششون ڪري سگھجن.

ڪانگو وائرس جو سائنسي نالو ”ڪريمين هيمريجڪ ڪانگو فيور“ آهي جنهن جا 4 قسم ٿين ٿا۔ جيڪڏهن ڪنهن کي کانگو وائرس لڳي وڃي تہ ان سان انفیڪشن کان پوءِ جسم مان رت وهڻ شروع ٿي وڃي ٿو۔ رت وهڻ سبب مریض جو موت ٿي سگهي ٿو۔

هي وائرس گھڻو ڪري اتر افریقا ۽ ڏکڻ امریڪا، اوڀر یورپ‘ ایشاء ۽ وچ اوڀر وارن ملڪن ۾ ملي ٿو۔ انهيءَ ڪري ان مرض کان متاثر مریض جي خبر سب کان پهرين 1944ع ڌاري ڪریمیا ۾ سامهون آئي هئي، تنهن ڪري ان جو نالو ڪریمین ہیمرج رکيو ويو.

صحت جي ماهرن ۽ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي تہ ڪانگو وائرس جا ٽڪس Tick (ڄَووا) مختلف جانورن جهڙوڪ: رڍ، ٻڪري، ڳئون، مينهن ۽ اُٺ جي کَلَ تي ملن ٿا، جيڪي جانورن جي کل تي چمبڙي ان جو رت چوسيندا ٿا رهن ۽ اِهي ئي ان بیماريءَ کي پکيڙڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪن ٿا۔ اهي ڄووا جيڪڏهن انسان کي چڪ پائين یا ڄووي کان متاثر جانور کي ذبح ڪندي بي احتیاطيءَ سبب قاصائيءَ جو هٿ وڍجي پوي تہ هي وائرس ان جي رت ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. اهڙيءَ ريت ڪانگو وائرس جانور مان انسانن ۾ هڪ انسان کان ٻئي جانور ۾ منتقل ٿئي ٿو ۽ متاثر ٿيل ماڻهو هڪ هفتي اندر پنهنجي جان وڃائي وجهي ٿو.

مریض جون علامتون

ڪانگو وائرس جو مریض تیز بخار ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو۔ان کي مٿي ۾ سور، دل ڪچي، الٽي، بُک ۾ ڪمي، ٿڪاوٽ، ڪمزوري ۽ غنودگی، وات ۾ ڇالا اکين تي سوڄ ٿئي ٿي۔ تیز بخار سبب جسم ۾ وائٽ سیلس انگ (تعداد) گهٽجي وڃڻ ڪري رت ڄمڻ جي صلاحيت متاثر ٿئي ٿي، جنهن ڪري مریض جي جسم مان رت نڪرڻ لڳي ٿو ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ مريض جا ڦڦڙ متاثر ٿي وڃن ٿا، جڏهن تہ جگر ۽ بُڪيون بہ ڪم ڪرڻ ڇڏي ٿا ڏين ٿا، اهڙي طرح مریض جو موت ٿي وڃي ٿو.

لیبارٽري ٽیسٽ

ڪانگو جي ٽیسٽ ڪنهن سٺي بائیوسیفٽي لیب ۾ ئي ٿي سگهن ٿ۔ ان مرض لاءِ تجویز ڪيل مختلف ٽیسٽون هن ريت آهن.

1-147ELISA148 or 147EIA148 methods

2-antigen detection;

3- serum neutralization;

4-RT-PCR

5-virus isolation by cell culture

ڪانگو کان بچاؤ لاءِ احتیاطي تدبیرون

ڪانگو کان بچاءُ ۽ ان تي قابو پائڻ ٿورو ڏکيو آهي ڇو تہ جانورن ۾ ان جون علامتون بظاهر نظر نٿيون اچن پر ان ۾ ڄوون ۽ چچڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪیمیائی دوا جو اسپري ڪيو وڃي.

وائرس کان متاثر مریض سان هٿ نہ ملائجي۔

مریض جي سار سنڀال ڪرڻ وقت هٿن تي دستانا ضرور پائجن۔

مریض جي عیادت کان پوءِ هٿ چڱي طرح ڌوئجن۔

ڊگهي ٻاهين واري قمیض پهرجي۔

جانورن جي پڙيءَ (منڊيءَ) ۾ ٻارن کي تفریح ڪرائڻ واري مقصد سان نه وٺي وڃو.

ڪپڙن ۽ چمڙي تي ڄوون کان بچاؤ جو لوشن لڳائڻ ڳهرجي۔

جانورن جي خریداريءَ لاءِ فل ٻانهن وارا ڪپڙا پائي وڃو.

18/09/2023

تارڪو شهر اوس پاس ڳوٺن ۾ اکين جي بيماري واري وائرس تيزي سان پکيڙجي رهئي آهي,معصوم ٻار ,نوجوان ,۽ عورتون وائرس جو شڪار

02/06/2023

خوشخبري پاڪ ميڊيڪل ڪلينڪ ۾ شگر ٽيسٽ مليريا ،وڏي بخار جي ٽيسٽ ھيپاٽاٽس B C چويھ 24 ڪلاڪ سھولت موجود آھي ادريس تارڪو وڏو شهر روڊ ٺري ميرواھ رابطي لا
03083191031

05/03/2023
ٿيليسيميا بيماري ۽ ان کان بچاءَ جا طريقا سنڌ سميت خيرپور ۽ آس پاس جي علائقن ۾ ٿيليسيميا جي بيماري تمام تيزيءَ سان وڌي ره...
26/02/2023

ٿيليسيميا بيماري ۽ ان کان بچاءَ جا طريقا
سنڌ سميت خيرپور ۽ آس پاس جي علائقن ۾ ٿيليسيميا جي بيماري تمام تيزيءَ سان وڌي رهي آهي ،هن بيماري جو ڪوب خاطر خواه علاج ڪونهي .ھن بيماري دوران ھر ٽئين ھفتي رت لڳرائڻ ۽ جسم ۾ فولاد جي ڪمي لاء دوا واپرائڻ آھي. جيسين تائين ٿيليسيميا ۾ مبتلا رھندڙ ٻار ذنده رهن ٿا سندن والدين سخت ذهني عذاب ۾ رهندي ڏٺا آھن .جنهن ب گهراڻن ۾ هي بيماري آهي ان خاندان جي ڇوڪرين يا ڇوڪرن جون شاديون ڪرائڻ کان اڳ ۾ رت جي ٽيسٽ لازمي ڪرايو ...
HB Electrophoresis
جنهن ب عورت کي هڪ ٻار ان بيماري جو آهي اها عورت جڏهن ب حمل سان ٿئي ت ٽن مهينن ۾هڪ ٽيسٽ لازمي ڪرائي chorionic villus sampling جيڪڏهن پيٽ واري ٻار کي اها بيماري آهي ت اهو حمل ختم ڪرائڻو پوندو . جيڪڏهن توهان جي ٻار ۾ پيدائش جي ڇھن مھينن ۾ خون جي ڪمي سان گڏ ھلڪو بخار ،واڌ ويجھ ۽ وزن گھٽ ھجڻ تري Spleen وڌي وجڻ فورن ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو.

*ستاويھين رجب جي رات ۾ عبادت ڪرڻ جو اجر*حضرت سلمان فارسي رضي الله عنه روايت ڪئي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو:”...
18/02/2023

*ستاويھين رجب جي رات ۾ عبادت ڪرڻ جو اجر*
حضرت سلمان فارسي رضي الله عنه روايت ڪئي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو:
”رجب ۾ هڪ ڏينھن ۽ هڪ رات اهڙي آھي جنھن ان ڏينھن جو روزو رکيو ۽ اُن رات عبادت ۾ قيام ڪيائين ته اهو ائين آھي جيئن ان سؤ سال روزا رکيا ۽ اهو ستاويھين رجب جو ڏينھن آھي“
(شعب الايمان 374/3)

14/02/2023

11/02/2023
نزلي زڪام کان بچڻ جا طريقاهڪ سروي موجب انسان کي سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻہ ڀيرا نزلو، زڪام ضرور ٿيندو آهي، ان کان ڪيئن بچجي، ان ...
06/02/2023

نزلي زڪام کان بچڻ جا طريقا

هڪ سروي موجب انسان کي سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻہ ڀيرا نزلو، زڪام ضرور ٿيندو آهي، ان کان ڪيئن بچجي، ان حوالي سان توهان کي هيٺ ڏنل مشورن تي عمل ڪرڻو پوندو.

آرام ڪيو:
ڪم کان موڪل ڪيو ۽ آرام ڪيو، اوهان جو جسم وائرس جو مقابلو ڪندو آهي ۽ آرام ڪرڻ سان ذهني دٻاءُ گهٽ ٿيندو آهي ۽ جسم وڌيڪ بهتر انداز ۾ مرض جو مقابلو ڪندو آهي پر جيڪڏهن اوهان ڪم ڪندا تہ اوهان جي جسم کي وائرس جو مقابلو ڪرڻ سان گڏو گڏ اوهان جو بہ ساٿ ڏيڻو پوندو.

گهڻو پاڻي پيئو:
بخار، ڇاتي ۾ تڪليف ۽ ڪمزوري جسم ۾ پاڻي جي گهٽتائي جي خطري کي گهٽائين ٿا، ان ڪري جسم کي پاڻي جي گهٽتائي کان بچائڻ جي لاءِ پاڻي ۽ جوس پيئڻ گهرجي.

روز غراڙا ڪيو:
نزلي، زڪام جي پهرين علامت ڳلو خراب ٿيڻ آهي، لوڻ مليل هلڪي گرم پاڻي سان غرارا ڪيو، ان سان ڳلو صاف ٿيندو ۽ سور ختم ٿي ويندو، ان سان گڏ ڳلي جي خشڪي ۽ بلغم به ختم ٿي ويندو، رڳو اڌ چمچو لوڻ جو هلڪي گرم پاڻي ۾ ملائي پيو، ان کان وڌيڪ لوڻ جو استعمال صحت جي لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو.

ٻاڦ وٺو:
صحيح طريقي سان ٻاڦ وٺجي تہ نزلي، زڪام جو زور گهٽجي ويندو ۽ بند نڪ کلي ويندو، ڏينھن ۾ ٻہ ڀيرا ٻاڦ ضرور وٺو.

نزلي جي ڪا بہ موسم نہ ٿيندي آهي ۽ اها بيماري سال جي ڪنهن به وقت ۾ ٿي سگهي ٿي پر هي وائرس خشڪ موسم ۾ تيزي سان وڌي ٿو، خشڪ هوا ڳلي جي خرابي، کنگھ ۽ سيني جي تڪليف سبب ٿيندڙ سوڄ کي وڌائيندي آهي.

✅ ڪَمَ جي ڳالھ🏥گَردن ٽوڙ بُخار ( Meningitis ) جون علامتون.❗️۱- تیز بُخار ۲- مٿي ۽ ڪنڌَ ۾ لڳاتار گھڻو سور۳- لڳاتار اُلٽیو...
02/02/2023

✅ ڪَمَ جي ڳالھ

🏥گَردن ٽوڙ بُخار ( Meningitis ) جون علامتون.❗️
۱- تیز بُخار
۲- مٿي ۽ ڪنڌَ ۾ لڳاتار گھڻو سور
۳- لڳاتار اُلٽیون
۴- ڪَنڌُ سُڪَ / اڪڙجي وڃڻ
۵- وئڙائپ / بیچیني
۶- نیم بیھوشي یا غَشي
۷- جھَٽڪا یا دورا پوڻ.
۸- چمڙي تي ڳاڙھا نشان.
۹۔ اکین کي روشني جو نہ وڻڻُ.

🆘ڪنھن بہ ٻار, نوجوان یا وڏي عمر جي ماڻھن ۾ انھن علامتن ھجڻ جي صورت ۾ وقت وڃائڻ کانسواء ماھر ڊاڪٽر ۽ وڏي اسپتال سان رابطو ڪیو.

ھي ڪو عام بُخار ناھي ھوندو ۽ نہ ئي گھر ۾ ان جو علاج ممڪن آھي. دیر سان مرض جي سُڃاڻپ ڪري ماڻھو زندگي بہ وڃائي سگھي ٿو یا بچي وڃڻ جي صورت ۾ ڪا معزوري بہ رھجي وڃي ٿي پر وقتائتي سڃاڻ ۽ علاج سان ماڻھو بلڪل ٺیڪ ٿیو وڃي.

عام طور پھریان ڪجھ ڏینھن ھر بخار کي ملیریا, مُدي جو بخار یا ٻیو ڪو بخار سمجھجي ٿو یا ٻھراڙي جو مریض ڪجھ ڏینھن عطائي یا نیم حڪیم خطرہ جان جي ڪلینڪن تي ڀُلجي ٿو۽ پوء دیر ٿیو وڃي. ویجھڙائي ۾ ایئن ئي ٿیو جو منھنجي ڄاتل فئملي جي ھڪ عورت جا ھڪ ٻارجي ماءُ پِڻ ھُئي سا ….. شھر ۾ ڪجھُ ڏینھن ملیریا ۽ مُدي جي بُخار جو علاج ڪرائیندي دیر سان اچي سکر پھتي ۽ گَردن ٽوڙ بُخار سبب ذندگي ھارائي ویٺي ..! افسوس
ھيءَ پوسٽ عام ماڻھن ( میڊیڪل جي شعبي سان غیر وابستہ) جي ڄاڻ ۽ ڀلائي لاء لکي اٿم تہ شاید ڪٿي ڪنھنجي حیاتي بچائڻ ۾ ڪم اچي تنھن لاء پنھنجو انساني ۽ اخلاقي فرض سمجھي شیئرڪریو.

بادام ۔ صحت ۽ غذائيت جو رازبادامن جوشمار اهڙن خشڪ ميون ۾ ٿئي ٿو جنهن ۾ ڪيترائي غذائيت سان ڀرپور گڻ آهن جنهن جو استعمال خ...
01/02/2023

بادام ۔ صحت ۽ غذائيت جو راز

بادامن جوشمار اهڙن خشڪ ميون ۾ ٿئي ٿو جنهن ۾ ڪيترائي غذائيت سان ڀرپور گڻ آهن جنهن جو استعمال خاص ڪري سردين ۾ انتھائي فرحت بخش ۽ صحت لاء فائديمند ٿئي ٿو.
طبي ماهرن مطابق سردين ۾ کائڻ وارا خشڪ ميوا پنهنجي اندر بيشمار غذائيت رکن ٿا، جن جي استعمال سان جسم ۾ توانائي ۽ نئون رت پيدا ٿيڻ ۾ مدد ملي ٿي.
انهن مان ”بادام“ جو شمار بہ اهڙن خشڪ ميون ۾ ٿئي ٿو جنهن ۾ وٽامن اِي، ڪيلشيم، ميگنيشم ، فولاد ۽ فاسوفورس شامل آهن جڏهن تہ زِنڪِ، پروٽين ۽ فائبر جهڙا ٻيا بہ ڪيترا مرڪب جيڪي صحت لاء فائديمند آهن بادام ۾ ڪثرت سان موجود آهن ۽ گهڻن ئي بيمارين کان محفوظ رکن ٿا.

”بادام ۾ موجود مرڪب“ (هڪ لپ / مُٺي / 28گرام ) جيترا
فائبر 3.5 گرام ، پروٽين 6 گرام، مونو سيچوريٽيڊ فيٽ 9 گرام، وٽامن اِي %37 ،ميگنيز %32 ، ميگنيشم %20. ان کان علاوه وٽامن B2، ۽ ڪاپر بہ شامل آهن.
هڪ مُٺي بادام کائڻ سان 161 ڪيلوريز ۽ 2.5 گرام ڪاربوهائيڊريٽ ملي ٿو.

”بادام جو استعمال ۽ فائدا“

صبح جو سوير:-
بادامن کي سڄي رات پاڻي ۾ ڀڄائي رکڻ ۽ صبح جو سوير کائڻ جو رواج اسان وٽ صدين کان هلندو پيو اچي ۽ ان سان نہ صرف دماغ کي طاقت ملي ٿي پر هاضمو بہ درست رهي ٿو. ان ڪري اڄ بہ بادام رات جو پاڻي ۾ ڀڄائي صبح جو کاڌا وڃن ٿا.

بلڊ پريشر ڪنٽرول لاء:-
بادام جو استعمال اهڙن ماڻهن لاء انتهائي فائديمند آهي جيڪي بلڊ پريشر جا مريض آهن ڇوتہ بادام ۾ موجود مرڪب ”الفا ٽو فيرل“ ۽ ميگنيشم بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ۾ رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو. بلڊ پريشر جي مريضن کي بادام ضرور کائڻ کپن.

دل جي بيمارين لاء مفيد:-
اگر اوهان دل جي بيمارين کان بچڻ چاهيو ٿا تہ بادام ضرور کائو ڇوتہ هن ۾ موجود ”اينٽي آڪسيڊنٽ“ جسم ۾ خراب ڪوليسٽرول جي مقدار کي گهٽائين ٿا ۽ صحت بخش (سٺي ڪوليسٽرول) جو مقدار وڌائين ٿا. ”هڪ تحقيق مطابق روزانو هڪ لپ (مُٺي) ڀريل بادام کائڻ سان دل جي بيمارين جو خطرو گهٽجي وڃي ٿو.“

چمڙي ۽ وارن جي حفاظت لاء:-
بادام جي استعمال سان چمڙي ۽ وارن جو بہ خيال رکي سگهجي ٿو. اسان وٽ *روغنِ بادام* جو استعمال عام آهي جيڪو نين ڄاول ٻارن ۽ چمڙي جو رنگ گورو / چٽو ڪرڻ لاء استعمال ٿيندو رهي ٿو.

ذيابيطس (شوگر) جي مرض کان بچاءُ لاء:-
صحت جي ماهرين جو خيال آهي تہ ماني کائڻ کانپوء بادام جي استعمال سان جسم ۾ شوگر جي سطح گهٽ ٿئي ٿي ۽ انسولين وڌي ٿي جنهن سان شوگر جي مرض جو خطرو بہ گهٽجي وڃي ٿو.

وزن گهٽائڻ لاء مفيد:-
هڪ تحقيق مطابق ماهرين جو چوڻ آهي تہ بادام جو شمار گهٽ ڪيلوريز واري غذا ۾ ٿئي ٿو، ان ڪري بادام جي استعمال سان ٿولھ /وزن گهٽائڻ ۾ به مدد ملي ٿي.

23/01/2023

Hospital

🌺﷽Juma Mubarak﷽🌺       𝐀𝐬𝐬𝐚𝐥𝐚𝐦 𝐎 𝐚𝐥𝐚𝐢𝐤𝐮𝐦 🥀_جمعہ مبارڪ ❤️🌸"لاَّ إِلَـهَ إِلاَّ أَنتَ سُبْحَـنَكَ إِنِّى كُنتُ مِنَ الظَّـ...
20/01/2023

🌺﷽Juma Mubarak﷽🌺
𝐀𝐬𝐬𝐚𝐥𝐚𝐦 𝐎 𝐚𝐥𝐚𝐢𝐤𝐮𝐦 🥀
_جمعہ مبارڪ ❤️🌸
"لاَّ إِلَـهَ إِلاَّ أَنتَ سُبْحَـنَكَ إِنِّى كُنتُ مِنَ الظَّـلِمِين○َ
"ﷲﷻ اسان سڀ جي مشڪلاتن کي دور ڪري
آمین️🤲❤️
✨🦋𝐉𝐮𝐦𝐦𝐚𝐡 𝐌𝐮𝐛𝐚𝐫𝐚𝐤🦋✨
💓🥀✨😇’

🕌┏━━━﷽━━━━┓🕌
🕋𝙅𝙪𝙢𝙢𝙖 𝙈𝙪𝙗𝙖𝙧𝙖𝙠 🕋

🕌┗━━━ ﷽━━━━┛🕌
❤🌚🌝❤

Address

Tarko Wado Goth Thari Mirwah
Khairpur

Telephone

+923013604644

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when پاڪ ميڊيڪل ڪلينڪ تارڪو وڏو posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Practice

Send a message to پاڪ ميڊيڪل ڪلينڪ تارڪو وڏو:

Videos

Share

Category