
16/08/2025
COPD جو مطلب آهي Chronic Obstructive Pulmonary Disease يعني "ڏاڍي وقت تائين هلندڙ ڦڦڙن جي بيماري جنهن ۾ ساھه کڻڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي."
سبب:
گهڻي عرصي تائين سگريٽ نوشي (سڀ کان وڏو سبب)
هوا جي آلودگي، دونهون يا ڪيميڪلن ۾ ڪم ڪرڻ
گهڻي وقت تائين ڪاٺ يا چولھي جي دونهين ۾ رهڻ
علامتون:
ساھه چڙهڻ (خاص ڪري هلڻ يا ڪم ڪرڻ تي)
بار بار کنگهه اچڻ
بلغم وڌيڪ ٿيڻ
سيٽي جهڙي آواز سان ساھه کڻڻ
ٿڪ ۽ ڪمزوري
علاج:
هي بيماري مڪمل ختم نٿي ٿي سگهي، پر دوا، ان هيلرز، آڪسيجن ٿراپي ۽ زندگي جي طرز ۾ تبديلي سان ڪنٽرول ٿي سگهي ٿي۔
سڀ کان اهم قدم آهي سگريٽ نوشي ڇڏڻ ۽ آلودگي کان بچڻ۔