Young Nurses Association CMCH Larkano

Young Nurses Association CMCH Larkano Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Young Nurses Association CMCH Larkano, Medical and health, Larkana.

ساٿي، دوست ۽ تنظيمي جدوجهد جي همسفر، بلاول قريشي، ترجمان ينگ نرسز ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو، کي جنم ڏينهن جون لک لک واڌايون! دع...
12/02/2026

ساٿي، دوست ۽ تنظيمي جدوجهد جي همسفر، بلاول قريشي، ترجمان ينگ نرسز ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو، کي جنم ڏينهن جون لک لک واڌايون!
دعا آھي! هميشه پنهنجي اصولن ۽ تنظيم لاءِ بي مثال قربانيءَ سان اڳتي وڌندي رهو!"
شال جڳ جڳ جيو

اڄ بتاريخ 12 / 02/ 2026ينگ نرسز ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو پاران نون ڪميشن پاس نرسنگ ۽ ڪلينڪل انسٽرڪٽرن (ميل ۽ فيميل نرسنگ ڪاليج...
12/02/2026

اڄ بتاريخ 12 / 02/ 2026

ينگ نرسز ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو پاران نون ڪميشن پاس نرسنگ ۽ ڪلينڪل انسٽرڪٽرن (ميل ۽ فيميل نرسنگ ڪاليجز لاڙڪاڻو) لاءِ خوش آمديدي تقريب ٿي گذري.

ينگ نرسز ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو پاران نرسنگ ۽ ڪلينڪل انسٽرڪٽرن، مسٽر اسدالله ڏيرو، مسٽر عبدالحفيظ ڀٽو ۽ مسٽر وسيم احمد مغيري جي اعزاز ۾ خوش آمديدي تقريب منعقد ڪئي وئي.
هن تقريب ۾ ينگ نرسز ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو جي چئرمين قاسم جسڪاڻي، صدر زبير احمد منگي، جنرل سيڪريٽري عبدالشڪور ڇٽو، خزانچي محمد يامين وڳڻ، نائب صدر نعمان احمد مغل، عرفان علي ڪنڀر، ھري چند، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري محمد امين وڳڻ, ترجمان بلاول قريشي, ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جا ميمبر آصف نوناري، ضمير سومرو ۽ ايوننگ نرسنگ سپروائيزر معظن ڪلھوڙو شامل هئا.
ينگ نرسز ايسوسيشن (شاگرد ونگ ڪاليج آف نرسنگ ميل) لاڙڪاڻو جا اڳواڻ صدر: سميع الله مگسي، نائب صدر ياسر علي مغيري, وقار علي سولنگي، ثنأ الله، تمثيل علي ، علي گل، فھيم احمد ، نعيم احمد ۽ ٻيا شاگرد اڳواڻ پڻ تقريب ۾ شريڪ ھئا.
تقريب دوران نوجوان ڪميشن پاس انسٽرڪٽرن کي سنڌي ثقافي تحفا اجرڪ پيش ڪيا ويا ۽ خوش آمديد چيو ويو ۽ کين نرسنگ شعبي ۾ پنهنجن ذميوارين ۽ ڪردار ۾ ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشون پيش ڪيون ويون.
ينگ نرسز ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو صحت جي شعبي ۾ پيشه ورانه اتحاد ۽ شاگردن جي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪري ٿو.

ترجمان:
ينگ نرسز ايسوسيشن لاڙڪاڻو

اڄ 10 فيبروري 2026 تي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ چانڊڪا اسپتال ۽ نرسنگ اسٽاف ٽيچنگ بلاڪ چانڊڪا اسپتال جي اھم ميٽنگ ٿي گذري.ينگ نرس...
10/02/2026

اڄ 10 فيبروري 2026 تي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ چانڊڪا اسپتال ۽ نرسنگ اسٽاف ٽيچنگ بلاڪ چانڊڪا اسپتال جي اھم ميٽنگ ٿي گذري.

ينگ نرسز ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو محترم ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ CMCH لاڙڪاڻو جي فعال، متحرڪ ۽ مخلص قيادت کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪري ٿي ته مريضن ۽ عوام جي بهتري لاءِ مثبت ۽ پائيدار تبديليون اداري, ملازمن ۽ مريضن جي ڀلائي لأ ھڪ بھترين قدم ھوندو.

ترجمان
ينگ نرسز ايسوسيشن لاڙڪاڻو

پگھاردار ھائوس جاب (Paid Internship) نرسنگ بيچلر گريجوئيٽس جو بنيادي ۽ قانوني حق آهي، جيڪو ھائر ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان (...
06/02/2026

پگھاردار ھائوس جاب (Paid Internship) نرسنگ بيچلر گريجوئيٽس جو بنيادي ۽ قانوني حق آهي، جيڪو ھائر ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان (HEC) ۽ پاڪستان نرسنگ اينڊ مڊوائفري ڪائونسل (PNMC) جي قاعدن ۽ قانونن مطابق هر لاڳاپيل اداري تي لازم آهي ته هو پنهنجي نرسنگ گريجوئيٽس کي فراهم ڪري.
ملڪ جون ڪيترين ئي يونيورسٽيون، جيئن ڊاؤ يونيورسٽي ۽ جناح يونيورسٽي سان لاڳاپيل نرسنگ ڪاليجز، پنهنجي شاگردن کي باقاعده ماهوار 25 هزار رپيا Paid Internship ڏئي رهيون آهن، جنهن جا واضح ثبوت انٽرنشپ سلپس جي صورت ۾ موجود آهن.
پر انتهائي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي، لاڙڪاڻه سان لاڳاپيل بينظير ڪاليج آف نرسنگ جي شاگردن کي اڄ تائين هن قانوني ۽ آئيني حق کان محروم رکيو ويو آهي، جيڪو سراسر ناانصافي ۽ امتيازي سلوڪ آهي.

سينيئر نرس گريڊ 17 لاءِ اهم اطلاعصحت کاتي سنڌ پاران هڪ ڀيرو ٻيهر سينيئر نرس گريڊ 17 وارن کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته هو...
06/02/2026

سينيئر نرس گريڊ 17 لاءِ اهم اطلاع
صحت کاتي سنڌ پاران هڪ ڀيرو ٻيهر سينيئر نرس گريڊ 17 وارن کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجي ACR ٽي (3) ڏينهن اندر، يعني 9 فيبروري، سومر تائين لازمي طور جمع ڪرائن.
سڀني سينيئر نرسز گريڊ 17 کان گذارش آهي ته جن اڃا تائين پنهنجي ACR جمع نه ڪرائي آهي، اهي سومر تائين هر صورت ۾ پنهنجي ACR جمع ڪرائن، جيئن DPC جو عمل ميرٽ جي بنياد تي وقت سر مڪمل ٿي سگهي.
ACR جمع نه ڪرائڻ سبب پروسيس ۾ دير ٿي رهي آهي، جنهن جي ذميواري لاڳاپيل نرسز تي عائد ٿيندي
ترجمان
ينگ نرسز ايسوسيئيشن، لاڙڪاڻو

𝐌𝐮𝐡𝐚𝐦𝐦𝐚𝐝 𝐐𝐚𝐬𝐢𝐦Healthcare & Nursing LeadershipEmpowering Nurses in PakistanMuhammad Qasim Jiskani is a distinguished nurs...
05/02/2026

𝐌𝐮𝐡𝐚𝐦𝐦𝐚𝐝 𝐐𝐚𝐬𝐢𝐦

Healthcare & Nursing Leadership
Empowering Nurses in Pakistan

Muhammad Qasim Jiskani is a distinguished nursing leader, educator, and author dedicated to advancing healthcare in Larkana. Serving at Chandka Medical College Hospital (CMCH), he brings hands-on expertise in OT, Recovery Room, and OBGYN care, while mentoring and empowering the next generation of nurses.

As Chairman of the Young Nurses Association (YNA), Larkana, he advocates tirelessly for nurses’ rights, professional dignity, and systemic reforms. Beyond his clinical and leadership work, Qasim is an accomplished author, Sindhi columnist, poet, fiction writer, and master trainer, blending creativity with education to inspire meaningful change in Pakistan’s healthcare sector.

📢 Get featured on The Pakistan Stories
📱 Contact on WhatsApp: wa.me/ 0316 0012110





پي پي ايڇ آٔ سنڌ جي نرسز ويساھ گھاتي. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته PPHI سنڌ پاران نرسنگ پروفيشنلز لاءِ صرف 41,080 روپيا ماهو...
01/02/2026

پي پي ايڇ آٔ سنڌ جي نرسز ويساھ گھاتي.

افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته PPHI سنڌ پاران نرسنگ پروفيشنلز لاءِ صرف 41,080 روپيا ماهوار پگهار تي ڀرتيءَ جي اشتهاربازي ڪئي وئي آهي، جيڪا نه رڳو نرسنگ پروفيشن جي توهين آهي پر هڪ سنجيده انساني خدمت سان سراسر ناانصافي پڻ آهي.

ينگ نرسز ايسوسيشن، PPHI سنڌ جي ڊائريڪٽر کان سختي سان مطالبو ٿي ڪري ته:
نرسنگ پروفيشنلز جي پگهار سنڌ حڪومت جي نرسز جي برابر ڪئي وڃي.
هارڊ ايريا الائونس الڳ ۽ واضع طور ڏنو وڃي.

اهو پڻ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته اشتهار نرس جي پوسٽ تي ڏنو وڃي ٿو، پر گھٽ پگهار سبب پروفيشنل نرسز جوائن نٿا ڪن، جنهن کان پوءِ انهن جاين تي هڪ ساله ڊپلوما ڪورس وارن ماڻهن کي مقرر ڪيو وڃي ٿو. نتيجي طور، PPHI جون ڪيترين ئي فيسيليٽيز عملي طور عطائي ماڻهن جي حوالي ٿينديون پيون وڃن.
سوال اٿجي ٿو ته:
ڇا PPHI اداري تي عطائي ڊاڪٽرن خلاف لاڳو ٿيل قانون لاڳو نٿو ٿئي؟
جيڪڏهن قانون آهي ته پوءِ ان تي عمل ڇو نٿو ڪيو وڃي؟

ينگ نرسز ايسوسيشن نرسنگ پروفيشن جي عزت، وقار ۽ حقن کي مجروح ڪندڙ هن انتهائي گهٽ پگهار واري پاليسي ۽ عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي، ۽ مطالبو ڪري ٿي ته PPHI سنڌ فوري طور تي نرسنگ اسٽاف جي پگهارن کي سنڌ حڪومت جي رولز ۽ پاليسين مطابق ترتيب ڏئي.

ترجمان
ينگ نرسز ايسوسيشن
لاڙڪاڻو

سنڌ جي نرسز کي دل جي گهراين سان مبارڪون 🌸ينگ نرسز ايسوسيئيشن سنڌ جي مسلسل، منظم ۽ جدوجهد ڀري ڪوششن جي نتيجي ۾ نيٺ وڏي خو...
01/02/2026

سنڌ جي نرسز کي دل جي گهراين سان مبارڪون 🌸

ينگ نرسز ايسوسيئيشن سنڌ جي مسلسل، منظم ۽ جدوجهد ڀري ڪوششن جي نتيجي ۾ نيٺ وڏي خوشخبري ملي آهي۔
محڪمه صحت سنڌ پاران سينيئر نرس گريڊ 17 کي ايندڙ گريڊ 18 (نرسنگ سپرنٽنڊنٽ) ۾ پروموشن بابت
سومر، 2 فيبروري، منجهند 12 وڳي اهم ميٽنگ طلب ڪئي وئي آهي۔
سينيئر نرس گريڊ 17 جي پروموشنز کان پوءِ جيڪي سيٽون خالي ٿينديون،
انهن تي انشاءَالله اسٽاف نرس گريڊ 16 کي سينيئر نرس گريڊ 17 ۾ پروموشن ڏني ويندي۔

هي تاريخي ڪاميابي ينگ نرسز ايسوسيئيشن سنڌ جي قيادت، اتحاد ۽ مسلسل جدوجهد جو نتيجو آهي،
جنهن ۾ خاص طور تي:
قيادت ينگ نرسز ايسوسيئيشن سنڌ
• باني ۽ قائد: اعجاز علي ڪليري
• پيٽران ان چيف: امان الله رند
• صدر:سيد شاھد اقبال
• جنرل سيڪريٽري: عطا حسين راڄپر

۽ صحت کاتي جي مان وارن اختيارين جي سهڪار سان:
• وزير صحت سنڌ: ميڊم عذرا پيچوهو صاحبـ
• سيڪريٽري صحت: طاھر حسين سانگي
• ڊائريڪٽر نرسنگ سنڌ: ميڊم نجمه منگي
سڀني نرسز کي هن شاندار ڪاميابي تي دل جي گهراين سان واڌايون.
هي قدم نرسنگ ڪميونٽي جي وقار، حقن ۽ روشن مستقبل ڏانهن اهم اڳڀرائي آهي.

پاران: ترجمان
ينگ نرسز ايسوسيشن لاڙڪاڻو

27/01/2026
27/01/2026

پريس ريليز
پيڊ انٽرنشپ نه ملڻ خلاف ينگ نرسز ايسوسيشن (شاگرد ونگ) بينظير ڪاليج آف نرسنگ SMBBMU لاڙڪاڻو جي شاگردن پاران احتجاجي تحريڪ شروع
(رپورٽ):
بينظير ڪاليج آف نرسنگ، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي شاگردن پاران پيڊ انٽرنشپ نه ملڻ خلاف سخت ڳڻتي ۽ ناراضگي ظاهر ڪندي ينگ نرسز ايسوسيشن (شاگرد ونگ) لاڙڪاڻو جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. شاگردن چيو ته انتظاميا بار بار اپيلن جي باوجود شاگردن سان ڳالهيون ڪري مسئلو حل ڪرڻ نٿي چاهي، جنهن سبب صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي رهي آهي.
شاگردن اڳواڻن صدر خدابخش ۽ جنرل سيڪريٽري علي حيدر بلوچ، فرهاد کوسو ، سليم علي ، عاشق شر ، شير محمد ، افصل ، بشير جکراڻي، واجد علي گهوٽو ، حارف چاچڙ ، عامر خان ، وقار جاگيراڻي ،چاڪر شر احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ڪندي چيو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان ۽ پاڪستان نرسنگ اينڊ مڊوائفري ڪائونسل (PN&MC) جي واضح قاعدن مطابق هر نرسنگ اداري لاءِ لازمي آهي ته گريجوئيٽ شاگردن کي پگهاردار هائوس جاب (پيڊ انٽرنشپ) فراهم ڪئي وڃي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هن اداري ۾ اڃا تائين انهن قانوني ضابطن تي عمل نه ٿي رهيو آهي.
هنن چيو ته سنڌ حڪومت پاران نرسنگ ڪاليجن لاءِ 30 هزار رپيا ماهوار پيڊ انٽرنشپ بابت باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، ان جي باوجود بينظير ڪاليج آف نرسنگ، جيڪو شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي انتظام هيٺ آهي، اتي شاگردن کي هن بنيادي ۽ قانوني حق کان محروم رکيو پيو وڃي، جنهن سبب شاگردن ۾ شديد بيچيني، ذهني پريشاني ۽ معاشي مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن.
شاگرد اڳواڻن وڌيڪ چيو ته نرسز صحت جي نظام جي ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکن ٿيون ۽ ملڪ جي صحت لاءِ انهن جي بهتر تربيت انتهائي ضروري آهي. چار سال تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنجين سال اسپتال ۾ هائوس جاب دوران مالي سهائتا فراهم ڪرڻ حڪومت ۽ صحت کاتي جي اخلاقي ۽ قانوني ذميداري آهي، پر افسوس جو هتي نرسنگ شاگردن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي.
بينظير ڪاليج آف نرسنگ جي شاگردن وائيس چانسلر شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ڊاڪٽر نصرت شاهه صاحبه کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ذاتي دلچسپي وٺي پيڊ انٽرنشپ جي عمل کي فوري طور تي يقيني بڻائين. شاگردن اميد ظاهر ڪئي ته سيد قائم علي شاهه جي گهراڻي سان تعلق رکندڙ وائيس چانسلر صاحبه پنهنجي روايت موجب شاگردن جو هي جائز مطالبو پورو ڪنديون.
پريس رليز ۾ وڌيڪ چيو ويو ته موجوده رجسٽرار ڊاڪٽر فهد جبران سيال کان پڻ اميد آهي ته هو قانون ۽ ضابطن موجب شاگردن جي مسئلي کي حل ڪرائيندا، جڏهن ته بينظير ڪاليج آف نرسنگ جي پرنسپال ڊاڪٽر نظير علي ٻرڙو کان به اپيل ڪئي وئي آهي ته هو لاڙڪاڻي جو واحد PhD نرس هجڻ جي حيثيت سان پنهنجي عهدي جو اخلاقي ۽ قانوني ڪردار ادا ڪن ۽ شاگردن سان ٿيندڙ ناانصافي جو ازالو ڪرائين.
شاگرد اڳواڻن پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت، خاص طور تي بلاول ڀٽو زرداري، وزير صحت ميڊم عزرا پيچوهو، جميل احمد سومرو، سهيل انور سيال، ميئر لاڙڪاڻو انور علي لُهر، شاه رخ سيال ۽ نوجوان اڳواڻ اعجاز علي لغاري کان پڻ اپيل ڪئي آهي ته هو شاگردن جو آواز اعليٰ فورمن تائين پهچائي پيڊ انٽرنشپ جو حق ڏيارڻ ۾ مدد ڪن.
شاگرد اڳواڻن آخر ۾ چيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبو جلد پورو نه ڪيو ويو ته هو قانوني ۽ جمهوري حدن اندر رهندي پنهنجو آواز وڌيڪ اثرائتي نموني بلند ڪرڻ، احتجاج جو دائرو وڌائڻ ۽ هر قانوني فورم تي جدوجهد جاري رکڻ جو حق محفوظ رکن ٿا.
پاران: انفارميشن سيل ينگ نرسز ايسوسيئيشن شاگرد ونگ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي آريجا لاڙڪاڻه

🎉 Heartiest Birthday Greetings toMr. Aijaz Ali Kaleri 🎉👉On this special occasion, we extend our warmest and most sincere...
26/01/2026

🎉 Heartiest Birthday Greetings to
Mr. Aijaz Ali Kaleri 🎉

👉On this special occasion, we extend our warmest and most sincere birthday wishes to Mr. Aijaz Ali Kaleri, Ex-Elected Member of the Pakistan Nursing & Midwifery Council (PNMC) and Founder of Young Nurses Association (YNA) Sindh. Your lifelong commitment, visionary leadership, and tireless efforts for the uplift of the nursing profession have left a remarkable and lasting impact.

👉Your role in advocating for nurses’ rights, strengthening professional unity, and promoting ethical and professional standards has been a source of inspiration for countless nurses across Sindh and Pakistan. Through your wisdom, courage, and dedication, you have guided the nursing community toward progress, recognition, and empowerment.

👉On your birthday, we pray that Almighty Allah blesses you with good health, long life,

23/01/2026

پريس رليز

بينظير ڪاليج آف نرسنگ لاڙڪاڻو ۾ پيڊ انٽرنشپ نه ملڻ خلاف شاگردن جو ينگ نرسز ايسوسيشن (شاگرد ونگ) لاڙڪاڻو جي سڏ تي احتجاجي مظاھرو.

(رپورٽ)
بينظير ڪاليج آف نرسنگ، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي شاگردن پاران پيڊ انٽرنشپ نه ملڻ خلاف سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان ۽ پاڪستان نرسنگ اينڊ مڊوائفري ڪائونسل (PN&MC) جي واضح قاعدن مطابق هر نرسنگ اداري کي گريجوئيٽ شاگردن کي پگهاردار هائوس جاب مهيا ڪرڻ لازمي آهي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هن اداري ۾ اڃا تائين ان تي عمل نه ٿي رهيو آهي.
شاگردن اڳواڻن جنرل سيڪريٽري علي حيدر بلوچ ، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري فرهاد کوسو ، سليم علي کوکر عاشق شر ، شير محمد مهر ، افضل ڄامڙو ، فيصل کوسو ، وقار بلوچ، واجد گهوٽو ،عامر خان، زوهيب رحمان ، محمد حارف ۽ ٻين احتجاجي مظاھري جي اڳواڻي ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت طرفان نرسنگ ڪاليجن لاءِ 30 هزار رپيا ماهوار پيڊ انٽرنشپ بابت باقاعده ليٽر جاري ڪيو ويو آهي، ان جي باوجود بينظير ڪاليج آف نرسنگ جيڪو شھيد محترمـ بينظير ڀٽو ميڊڪل يونيورسٽي جي انتظامڪاري ھيٺ نرسنگ ڪاليج آھي ان جي شاگردن کي هن بنيادي حق کان محروم رکيو پيو وڃي، جنهن سبب شاگردن ۾ شديد بيچيني، ذهني پريشاني ۽ معاشي مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن.
شاگردن اڳواڻن وڌيڪ چيو ته نرسز صحت جي نظام ۾ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکن ٿيا ۽ ملڪ جي صحت لاءِ انهن جي بهتر تربيت انتهائي ضروري آهي، جڏهن ته چار سال تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنجين سال اسپتال ۾ هائوس جاب دوران مالي سهائتا مهيا ڪرڻ حڪومت ۽ صحت کاتي جي ذميداري آهي.

بينظير ڪاليج آف نرسنگ جي شاگردن وائيس چانسلر شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ڊاڪٽر نصرت شاهه صاحبا کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ذاتي دلچسپي وٺي پيڊ انٽرنشپ جي عمل کي فوري طور تي يقيني بڻائين. شاگردن اميد ظاهر ڪئي ته سيد قائم علي شاھ صاحب جي گهراڻي سان تعلق رکندڙ وائيس چانسلر صاحبا پنهنجي روايت موجب شاگردن جو هي جائز مطالبو پورو ڪنديون.

پريس رليز ۾ وڌيڪ چيو ويو ته موجوده رجسٽرار ڊاڪٽر فهد جبران سيال کان پڻ اميد آهي ته هو قانون ۽ ضابطن موجب شاگردن جي مسئلي کي حل ڪرائيندا، جڏهن ته بينظير ڪاليج آف نرسنگ جي پرنسپال ڊاڪٽر نظير علي ٻرڙو کان به اپيل ڪئي وئي آهي ته هو لاڙڪاڻي جو واحد PhD نرس آھي ۽ پنهنجي عهدي جو اخلاقي ۽ قانوني ڪردار ادا ڪن.

شاگردن اڳواڻن پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت، خاص طور تي بلاول ڀٽو زرداري، وزير صحت ميڊم عزرا پيچوھو صاحبـ, جميل احمد سومرو، سھيل انور سيال, ميئر لاڙڪاڻو انور علي لُهر, شاھ رخ سيال ۽ نوجوان اڳواڻ اعجاز علي لغاري صاحب کان پڻ اپيل ڪئي آهي ته هو شاگردن جو آواز اعليٰ فورمن تائين پهچائي پيڊ انٽرنشپ جو حق ڏيارڻ ۾ مدد ڪن.

شاگردن اڳواڻن آخر ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبو جلد پورو نه ڪيو ويو ته هو قانوني ۽ جمهوري حدن اندر رهندي پنهنجو آواز وڌيڪ اثرائتي نموني بلند ڪرڻ جو حق محفوظ رکن ٿا.

پاران: انفارميشن سيل: ينگ نرسز ايسوسيشن (شاگرد ونگ) بينظير ڪاليج آف نرسنگ; شھيد محترمـ بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونورسٽي لاڙڪاڻو.

Address

Larkana

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Young Nurses Association CMCH Larkano posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Share on Facebook Share on Twitter Share on LinkedIn
Share on Pinterest Share on Reddit Share via Email
Share on WhatsApp Share on Instagram Share on Telegram