03/07/2025
محبت جي شروعات رڳو هڪ نظر سان ٿي هئي، پوءِ دل ائين لڳو جو پاڻ کي وساري ويٺس. لمحن خوابن جو روپ وٺي ورتو، ۽ خواب حقيقت لڳڻ لڳا. پر قسمت کي ڪجهه ٻيو ئي منظور هو... تون وڇڙي ويوي.
ماڻهو چون ٿا ته وقت سان هر شيءِ بدلجي ويندي آهي، پر دل اڄ به اُن ئي جاءِ تي بيٺو آهي، جتان تون ڇڏيندي ويو هئين.
نه تو جهڙو ڪو ٻيهر مليو، نه دل ڪنهن ٻئي کي جاءِ ڏني.
محبت جيڪڏهن رڳو گڏ هجڻ جو نالو هجي ها ته شايد آءٌ توکي وساري چڪو هجان ها...
پر آءٌ اڄ به توکي ائين ٿو چاهيان، جيئن اُن ڏينهن جڏهن پهريون ڀيرو تو جو نالو دل کنيو هو.
اهو ئي ته سچي محبت آهي... وڇڙي وڃڻ کان پوءِ به صرف اُن کي چاهڻ."