Noor Nabi

Noor Nabi لا الہ الااللہ محمد رسول اللہ صلی اللہ علیہ وآلہ وسلم ����

سلسلوگفتگو ايئرپورٽ تي سواري جي انتظار م بيٺو ھئس تہ ھڪ ھمراھ اچي چيو تہ سنڌ ھلندينچيومانس ڪراچي بہ سنڌ م ئي آھيچيائين م...
17/03/2024

سلسلو
گفتگو

ايئرپورٽ تي سواري جي انتظار م بيٺو ھئس تہ ھڪ ھمراھ اچي چيو تہ سنڌ ھلندين
چيومانس ڪراچي بہ سنڌ م ئي آھي
چيائين مونکي تہ ٻڌايو ويو آھي تہ ڪراچي ء سنڌ الڳ الڳ آھن
چيومانس غلط ٻڌو اٿئي
چيائين ڀلا سموري سنڌ گمھائڻ جا گھڻا وٺندين
چيومانس سنڌ ڇو گمھين ٿو
چيائين ٻڌو اٿم تہ سنڌ گمھڻ جھڙي آھي
چيومانس ڪنھن چيو اٿئي
چيائين ٻاھر ويٺل سنڌين ٻڌايو انڪري نڪري آيو آهيان
چيومانس سنڌ جا ڪھڙا شھر گمھندين
چيائين پوري سنڌ
چيومانس پوري سنڌ نٿو گمھائي سگھان
چيائين ڇو
چيومانس حالات خراب آھن
چيائين ڇا ٿيو آهي
چيومانس پڇ تہ ڇا ڇا نہ ٿيو آهي
چيائين ڀلا سنڌ جي باري م ڪجھ ٻڌاءِ پوء ھلون ٿا
چيومانس سموري رات گذري ويندي
چيائين خير آھي تون ڪجھ ٻڌاء تہ سھي
چيومانس ھاڻ ٻڌندو وڃ
چيائين ٻڌاءِ
چيومانس
سنڌ جي حالت اھا اٿئي جو
ايمبولينس م تيل ڪونھي
اسپتال م دوا ڪونھي
اسڪول م تعليم ڪونھي
يونيورسٽي م عزت محفوظ ڪونھي
روڊ تي امن ڪونھي
گھرن م گئس ڪونھي
شاخن م پاڻي ڪونھي
غريب وٽ ماني ڪونھي
شاگرد وٽ فيس ڪونھي
استاد وٽ شاگرد ڪونھي
گريجوئيٽ وٽ نوڪري ڪونھي
گلين م گٽر لائين ڪونھي
عدالت وٽ وقت ڪونھي
ادارن م ميرٽ ڪونھي
مسجد م انسان ڪونھي

چيومانس اڃان ٻڌ
سنڌ م فيصلا وڏيرا ڪندا آھن معصوم نياڻيون ڪوڙي غيرت تي قربانيون ڏينديون آھن مسجدن ء مدرسن م ٻار ملائن جي حوس جو شڪار بڻبا آھن سياسي جماعتن م ناريون انقلاب لاء قربان ٿينديون آھن تحفظ ڪرڻ وارا ئي اغوا ڪار آھن چور ئي چوڪيدار آھن ھارين وٽ زمين ڪونھي زمين آھي تہ پاڻي ڪونھي پاڻي آھي تہ ڀاڻ ڪونھي ڀاڻ آھي تہ ٻج ڪونھي

رڙ ڪري چيائين بس بس ء اٿڻ لڳو ء چيائين ايئن ڇو
چيومانس تہ حڪمرانن م لڇڻ ڪونھي
چيومانس ڪيڏانھن
سنڌ نہ گمھندين ڇا
چيائين ھي اھا سنڌ ناھي جنھن جي باري م مونکي ٻڌايو ويو آھي سچ تہ ھي سنڌ ئي ناھي آئون واپس ئي جھاز م وڃان ٿو
اھي چئي واپس ايئرپورٽ م داخل ٿي ويو

راجہ حيدر علي ٿيٻو/ منظور آباد
17/3/2024

Masha Allah ♥️
27/05/2023

Masha Allah ♥️


Welcome 😊My new page
27/05/2023

Welcome 😊
My new page

Address

Nawab Shah
Nawabshah
@"NOOR"@

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Noor Nabi posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share