Wajid Soomro official.

Wajid Soomro official. Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Wajid Soomro official., Genealogist, Pano Aqil.

ٺڪراٺو واسي پياري ڀاءُ خالد حسين مھتم صاحب کي پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقا پنوعاقل جو سينيئر نائب صدر منتخب ٿيڻ تي مبارڪباد ...
28/05/2026

ٺڪراٺو واسي پياري ڀاءُ خالد حسين مھتم صاحب کي پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقا پنوعاقل جو سينيئر نائب صدر منتخب ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا..

تاج پئٽرول پمپ وارا ڏئي رھيا آھن وڏي عيد تي وڏي عيدي ھر ليٽر تي پنج روپيا ڪيش🎤
26/05/2026

تاج پئٽرول پمپ وارا ڏئي رھيا آھن وڏي عيد تي وڏي عيدي ھر ليٽر تي پنج روپيا ڪيش🎤

25/05/2026

ٺڪراٺو ويجھو بمبلي مائينر جي پڇڙي جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ ۽ مبينا لفٽ مشينن ذريعي پاڻي چوري خلاف احتجاجي مظاھرو، ڌرڻو، نعريبازي

بمبلي مائينر ۾ ڊگھي عرصي کان پاڻي جي شديد کوٽ برقرار آھي، منڍ وارا بااثر زميندار ايريگيشن عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري سريعام پاڻي چوري ڪري رھيا آھن/ محمد علي مھر، نبي داد، غلام سرور مھر ۽ ٻيا

اعلي اختياريون نوٽيس وٺي پاڻي چوري روڪرائي حصي جو پاڻي ڏئي فصل سڙڻ کان بچايا وڃن/ مطالبو

24/05/2026

ٺڪراٺو مان موٽرسائيڪلن جي مستري نظر محمد پٽ بلاول مڱريو کي مبينا صالح پٽ پوليس کنڀي وئي، سندس چاچي سجاول مڱريو جو احتجاج، نوجوان جي واپسي جو مطالبو

صالح پٽ پوليس نوجوان کي کنڀي کڻي وئي آھي، پوليس جون مسلسل انتقامي ڪارروايون جاري آھن، ايس ايس پي سکر انڪوائري ڪرائي انصاف ڏئي/ سجاول مڱريو/ بلاول مڱريو

صالح پٽ پوليس پاران اڄ رابطو ڪيو ويو ھو، امڪان آھي تہ صالح پٽ پوليس ڪنھن ڪارروائي دوران نوجوان کي تحويل ۾ ورتو ھجي، وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون/ ايس ايڇ او مبارڪپور اطھر مھر

ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺ باقر پور سيراھي ۾ سيد نسيم حيدر شاھ جي ميزباني هيٺ مختلف برادرين جي هڪ اهم گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾...
24/05/2026

ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺ باقر پور سيراھي ۾ سيد نسيم حيدر شاھ جي ميزباني هيٺ مختلف برادرين جي هڪ اهم گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ علائقي جي معززن فقير عزير مڱريو، سيد شيرل شاھ، سيد مختيار علي رضوي، لعل ڏنو چاچڙ، محمد علي مھر، نبيداد مھر ، گابر مھر ، ميان خيرالدين انڍڙ، ميان علي گوھر انڍڙ، جانڻ ابو پوٽو، مداح حسين شاھ، حيات شاھ، حاجي سليمان نوناري، غلام محمد جوڻيجو، ياسين شاھ، استاد برادي نوناري، محمد ڪامل ڦلپوٽو، الله بخش ڦلپوٽو، سيد سائين ڏنو شاھ حاجي عبدالسميع جوڻيجو سميت ٻين شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ “بڪار راڄوڻي اتحاد” جو بنياد وڌو ويو، ان موقعي تي طئي ڪيو ويو تہ اتحاد بغير ڪنهن سياسي، ذات پات يا مذهبي تفريق جي نج فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪندو رھندو.

22/05/2026

ٺڪراٺو مبارڪپور واسين کي مبارڪون، بلوچستان مان اغوا ٿيل مھتم برادريءَ سان تعلق رکندڙ چار ئي پورھيت نوجوان بازياب، وارثن ۽ علائقي واسين ۾ خوشي جي لھر

19/05/2026

هندن جو روحاني پيشوا ۽ رهڙڪي درٻار جو گادي نشين سائين سنت ساڌ رام مختصر عرصو بيمار رھڻ بعد ديهانت ڪري ويو، هندو برادري سان ڏک جو اظهار ڪجي ٿو

18/05/2026

بلوچستان مان اغوا ٿيل ٺڪراٺو واسي پورھيت نوجوان 4 ڏينھن گذرڻ باوجود بازياب نہ ٿيا، وارثن جو مغوي نوجوانن سراج، صاحب، مراد ۽ ضمير گل مھتم جي آزاديءَ لاءِ احتجاج

اسان مسڪين ماڻھو آھيون، گھرن ۾ روڄ راڙو متل آھي، نوٽيس وٺي نوجوانن کي آزاد ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي/ وارثن جو حڪومت پاڪستان کان مطالبو

17/05/2026

ٺڪراٺو ۾ سومرا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ملڪيت جي معاملي تان جھيڙو، زخمين ۾ قربان، نياز، رحم علي، محمد رمضان ۽ اقبال سومرو شامل
ھڪ ڌر جو احتجاج، مخالفن تي اڳرائي جا الزام

17/05/2026

ٺڪراٺو ۾ سومرا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ملڪيت جي معاملي تان جھيڙو، زخمين ۾ قربان، نياز، رحم علي، محمد رمضان ۽ اقبال سومرو شامل

يوسي مبارڪپور جي چيئرمين ۽ معزز شخص رئيس امام بخش مھتم اڄ وقت ڪڍي گلشن پبلڪ ماڊل اسڪول ٺڪراٺو جو دورو ڪيو، رئيس امام بخش...
13/05/2026

يوسي مبارڪپور جي چيئرمين ۽ معزز شخص رئيس امام بخش مھتم اڄ وقت ڪڍي گلشن پبلڪ ماڊل اسڪول ٺڪراٺو جو دورو ڪيو، رئيس امام بخش مھتم شاگردن کي محنت ڪري ڪامياب ٿيڻ، استادن ۽ والدين جو ادب ڪرڻ سميت تعليم بابت ليڪچر ڏنو✍️
ان موقعي تي يوسي چيئرمين رئيس امام بخش مھتم کي اجرڪ جو تحفو پڻ پيش ڪيو ويو🥀
ساڻس الحمد پبلڪ ماڊل اسڪول جو آپريٽر نظام الدين قاضي بہ گڏ ھو.

Address

Pano Aqil

Telephone

+923480543100

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Wajid Soomro official. posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Practice

Send a message to Wajid Soomro official.:

Share

Category