سنڌي ڌنار

سنڌي ڌنار هتي توهان کي جانورن جي رهائش، پاڻي جي بندوبست، بيمارين جي سڃاڻپ، ڊاڪٽر سان صلاح جا وقت ۽ خريد و فروخت بابت ڪارائتي معلومات ملندي۔

26/05/2026

توهان هن سال قرباني جي جانورن جي خريد و فروخت بابت ڪهڙي راءِ ٿا ڏيو ؟

26/05/2026

هن سال مالوند ڀائرن کي پڙي نه لڳي سبب مهنگائي، جنهن ڪري خريدار گهٽ هئا.

23/05/2026

السلام عليڪم پيارا دوستو

اسان جا جانور صرف روزگار جو ذريعو ناهن، پر اسان جي محنت، اميدن ۽ گهر جي خوشحالي جو حصو آهن۔
۽ جڏهن اهي بيمار، ڪمزور يا گرميءَ سبب بيحال ٿين ٿا، تڏهن هر مالوند جو دل پريشان ٿي ويندو آهي۔

خاص طور تي اونهاري جي سخت موسم ۾، يا بيماري ۽ ويڪسين کان پوءِ، ڪيترائي جانور:

❌ کاڌو گهٽ کائڻ لڳن ٿا
❌ سست ۽ بيحال ٿي وڃن ٿا
❌ ڪمزوري محسوس ڪن ٿا
❌ کير ۽ واڌ ويجهه ۾ گهٽتائي اچي وڃي ٿي

انهن حالتن ۾ جسم کي ضرورت هوندي آهي اهڙي سهائتا جي، جيڪا جانور جي قوتِ مدافعت کي مضبوط ڪري ۽ ان کي ٻيهر توانائي فراهم ڪري۔

ان لاءِ اوهان مالوند ڀائرن لاءِ موسم جي مناسبت سان گرمي جو توڙ کڻي پُهتا آهيون Acevit C powder

هي صرف هڪ عام پاوڊر ناهي، پر Vitamin C تي ٻڌل اهڙو سپليمينٽ آهي جيڪو:
✔️ گرمي جي دٻاءَ کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿو
✔️ بيماري دوران جسم کي سهارو ڏئي ٿو
✔️ ويڪسين بعد ٿيندڙ اسٽريس کي گهٽائي ٿو
✔️ جسم جي قدرتي قوتِ مدافعت کي بهتر بڻائي ٿو
✔️ ڪمزور ۽ بيحال جانورن کي ٻيهر چست بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو

🐄🐐🐓
چاهي ڳئون هجي، ٻڪري هجي يا پکي — جڏهن جسم ٿڪجي پوي ٿو، تڏهن مناسب سپورٽ تمام ضروري هوندي آهي۔

ياد رکو دوستو،
صرف علاج ڪرڻ ڪافي ناهي،
پر جانورن جي جسم کي اندر کان مضبوط رکڻ به ايترو ئي ضروري آهي۔

📌 ڪنهن به دوا يا سپليمينٽ جو استعمال هميشه ويٽرنري ڊاڪٽر جي صلاح سان ڪريو، ڇو ته صحيح رهنمائي ئي بهتر نتيجا ڏئي ٿي۔

جيڪڏهن توهان پنهنجي جانورن سان محبت ڪريو ٿا، ته انهن جي صحت جو خاص خيال رکو ❤️
،
هي ڳاله ٻين سان به ونڍ ڪيو.

سنڌي ڌنار
Livestock Breeding Service Authority -LBSA Sindh Hyderabad Grazing Goat Pictures

السلام عليڪم پيارا دوستو اسان جا جانور صرف روزگار جو ذريعو ناهن، پر اسان جي محنت، اميدن ۽ گهر جي خوشحالي جو حصو آهن۔۽ جڏ...
23/05/2026

السلام عليڪم پيارا دوستو

اسان جا جانور صرف روزگار جو ذريعو ناهن، پر اسان جي محنت، اميدن ۽ گهر جي خوشحالي جو حصو آهن۔
۽ جڏهن اهي بيمار، ڪمزور يا گرميءَ سبب بيحال ٿين ٿا، تڏهن هر مالوند جو دل پريشان ٿي ويندو آهي۔

خاص طور تي اونهاري جي سخت موسم ۾، يا بيماري ۽ ويڪسين کان پوءِ، ڪيترائي جانور:

❌ کاڌو گهٽ کائڻ لڳن ٿا
❌ سست ۽ بيحال ٿي وڃن ٿا
❌ ڪمزوري محسوس ڪن ٿا
❌ کير ۽ واڌ ويجهه ۾ گهٽتائي اچي وڃي ٿي

انهن حالتن ۾ جسم کي ضرورت هوندي آهي اهڙي سهائتا جي، جيڪا جانور جي قوتِ مدافعت کي مضبوط ڪري ۽ ان کي ٻيهر توانائي فراهم ڪري۔

ان لاءِ اوهان مالوند ڀائرن لاءِ موسم جي مناسبت سان گرمي جو توڙ کڻي پُهتا آهيون Acevit C powder

هي صرف هڪ عام پاوڊر ناهي، پر Vitamin C تي ٻڌل اهڙو سپليمينٽ آهي جيڪو:
✔️ گرمي جي دٻاءَ کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿو
✔️ بيماري دوران جسم کي سهارو ڏئي ٿو
✔️ ويڪسين بعد ٿيندڙ اسٽريس کي گهٽائي ٿو
✔️ جسم جي قدرتي قوتِ مدافعت کي بهتر بڻائي ٿو
✔️ ڪمزور ۽ بيحال جانورن کي ٻيهر چست بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو

🐄🐐🐓
چاهي ڳئون هجي، ٻڪري هجي يا پکي — جڏهن جسم ٿڪجي پوي ٿو، تڏهن مناسب سپورٽ تمام ضروري هوندي آهي۔

ياد رکو دوستو،
صرف علاج ڪرڻ ڪافي ناهي،
پر جانورن جي جسم کي اندر کان مضبوط رکڻ به ايترو ئي ضروري آهي۔

📌 ڪنهن به دوا يا سپليمينٽ جو استعمال هميشه ويٽرنري ڊاڪٽر جي صلاح سان ڪريو، ڇو ته صحيح رهنمائي ئي بهتر نتيجا ڏئي ٿي۔

جيڪڏهن توهان پنهنجي جانورن سان محبت ڪريو ٿا، ته انهن جي صحت جو خاص خيال رکو ❤️
،
هي ڳاله ٻين سان به ونڍ ڪيو.

سنڌي ڌنار

22/05/2026
21/05/2026

عيد جو وقت آهي خريد و فروخت جو سِلسلو به جاري آهي نون خريدارن کي جانور خريد ڪرڻ وقت وڏي احتياط جي ضرورت آهي ائين نه ٿئي اوهان جانور کڻي گهر پُهچو ۽ جانور بيمار ٿي وڃي.
وڌيڪ معلومات وٺڻ لاءِ پيج کي فالو ڪيو
ڌنار

🐄🐐 جانورن ۾ بار بار دست لڳڻ جو مسئلوڪيترا ڀاڳيا اهڙا آهن جيڪي هي ڪم ڪندا آهن؟جانور کي دست لڳا… دست بند ڪرڻ واري دوا ڏني…...
20/05/2026

🐄🐐 جانورن ۾ بار بار دست لڳڻ جو مسئلو

ڪيترا ڀاڳيا اهڙا آهن جيڪي هي ڪم ڪندا آهن؟

جانور کي دست لڳا… دست بند ڪرڻ واري دوا ڏني… ٺيڪ ٿي ويو۔
پوءِ وري دست لڳا… وري دوا… وري ٺيڪ۔
۽ اهو سلسلو هفتا پوءِ مهينن تائين هلندو رهي ٿو۔

ڀائرو! دوا صرف دست روڪي ٿي — اصل سبب ختم نٿي ڪري۔

ته پوءِ بار بار دست ڇو ٿا ٿين؟

سڀ کان پهرين پاڻ کان هي سوال پڇو:

* ڇا خوراڪ اوچتو تبديل ڪئي وئي؟ نئون داڻو، وڌيڪ سائو گاھ يا خراب ونڊو؟
* آخري ڀيرو ريج واري دوا ڪڏهن ڏني هئي؟ ياد ناهي؟ ته مسئلو شايد اهو به ٿي سگهي ٿو.
* جانور جو پاڻي ڪٿان اچي ٿو؟ ڇا بيٺل يا گندو پاڻي ته ناهي؟
* ڇا داڻو وڌيڪ ۽ گاھ گهٽ ته ناهي؟ اهڙي حالت ۾ معدو خراب ٿي ويندو آهي۔
* ڇا جانور ڪنهن تڪليف ۾ ته ناهي؟ سفر، جاءِ جي تبديلي يا سخت گرمي؟

جيڪڏهن انهن مان هڪ به جواب “ها” آهي ته مسئلو ملي ويو۔
خاص ڪري وڇيرن ۽ ٻڪرين وارن ڀاڳيا ڌيان ڏين:

▪️ ڪمزور جسم
▪️ وار کُردرا ٿيڻ
▪️ وزن نه وڌڻ
▪️ ڇيڻو پَٽڙو رهڻ

اهي سڀ پيٽ جي ڪيڙن جون نشانيون ٿي سگهن ٿيون۔
تنهنڪري ريج واري دوا باقاعده شيڊيول مطابق ڪندا رهو، نه ته دست ختم نه ٿيندا۔

⚠️ هي علامتون نظر اچن ته فوراً ڊاڪٽر کي ڏيکاريو:

🔴 رت وارو ڇيڻو يا دست
🔴 تيز بخار
🔴 جانور جو ويهي رهڻ
🔴 اکيون اندر دٻجي يا کڏا لڳي وڃڻ
🔴 پاڻي گهٽ پيئڻ

هي عام دست ناهن
هي خطرناڪ بيماري سان گڏوگڏ شديد نمڪيات ۽ پاڻي جي گهٽتائي ٿي سگهي ٿي۔
هڪ ڏينهن جي دير به نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي۔

اڄ کان هي عادتون اختيار ڪريو:

✅ صاف پاڻي هر روز
✅ خوراڪ آهستي آهستي تبديل ڪريو
✅ هر 3 مهينن بعد نيراني يا ريج واري دوا ڏيڻ
✅جانورن کي حاضميدار شيون ۽ منرلز جو استعمال
✅ بيمار جانور کي فوراً الڳ ڪريو

💪 جانور صحتمند ته ڪمائي به صحتمند۔

هي معلومات پنهنجي انهن ڀاڳين دوستن کي ضرور موڪليو جيڪي اڃا تائين دست بند ڪرڻ لاءِ پريشان آهن.

وڌيڪ معلومات لاءِ اسان سان جُڙيا رهو
سنڌي ڌنار

19/05/2026

عام طور تي ڀاڳيو پنهنجي جانورن جي واڌ ويجه لاءِ نجي ڪڻڪ، اٽو، اٽي جو پاڻي يا حد کان وڌيڪ ڌاڻو کارائي پاڻي پياري ٿو ڇڏي ته نتيجو انتهائي خطرناڪ ثابت ٿيندو آهي جنهن ۾ اوهان ڏسندئو ته جانور بلڪل ساڻو ٿي ٿو پوي ۽ وقت تي علاج نه ٿيڻ سبب نيٺ زندگي جي جنگ هارائي ويندو آهي

اهڙي قسم جي مسئلن جي حل لاءِ اسان جي پيج کي فالو ڪيو

سنڌي ڌنار
Livestock Breeding Service Authority -LBSA Sindh Hyderabad Sindh Livestock Expo 2026

مينهن جي جسم تي ٿيندڙ خارش ۽ هن قسم جي ٿيندڙن نشان کي عام نه سمجهو وقت سان گڏ هي توهان جي جانور کي موت طرف ڌڪي سگهي ٿو.ج...
19/05/2026

مينهن جي جسم تي ٿيندڙ خارش ۽ هن قسم جي ٿيندڙن نشان کي عام نه سمجهو وقت سان گڏ هي توهان جي جانور کي موت طرف ڌڪي سگهي ٿو.

جانورن جي ڄاڻ لاءِ اسان جي پيج کي فالو ڪيو

ٻڪرين ۾ پيٽ جو ڦُوڪجي وڃڻ (آڦري) جان ليوا ثابت ٿي سگهي ٿو — اچو ته ان کان بچڻ ۽ علاج سکونGoat Bloat Treatment in Goats ✅...
18/05/2026

ٻڪرين ۾ پيٽ جو ڦُوڪجي وڃڻ (آڦري) جان ليوا ثابت ٿي سگهي ٿو —
اچو ته ان کان بچڻ ۽ علاج سکون

Goat Bloat Treatment in Goats ✅🐐

جيڪڏهن توهان جي ٻڪري جو پيٽ اوچتو ڦُوڪجي وڃي ته اهو انتهائي خطرناڪ اشارو آهي۔ صرف 10 منٽن جي دير به جان وٺي سگهي ٿي!

ٻڪرين ۾ پيٽ جو ڦُوڪجڻ هڪ خطرناڪ ۽ اوچتو پيدا ٿيندڙ مسئلو آهي، جيڪو گهڻو ڪري وڌيڪ سائي گاھ، خاص طور برسيم، لوسڻ يا آلو يا پُسيل گاهه کائڻ سبب ٿيندو آهي۔ هن حالت ۾ ٻڪري جي پيٽ اندر گيس گڏ ٿي ويندي آهي، جنهن سبب پيٽ خاص ڪري کاٻي پاسي کان ڦُوڪجي ويندو آهي۔ جيڪڏهن وقت سر علاج نه ڪيو وڃي ته اها حالت جان ليوا ثابت سگهي ٿي۔

پيٽ ڦُوڪجڻ جو بنيادي سبب خوراڪ جو تيزيءَ سان خمير ٿيڻ آهي، جنهن سان گيس ۽ جهڳ ٺهي ٿي، ۽ ٻڪري ان کي قدرتي طور خارج نٿي ڪري سگهي۔

پيٽ ڦُوڪجڻ (آڦري) جون علامتون:

▪️ پيٽ جو اوچتو ڦولجڻ
▪️ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف
▪️ بيچيني
▪️ بار بار اٿڻ ويهڻ
▪️ وات مان جهڳ نڪرڻ
▪️ کاڌو ڇڏڻ

⚠️ جيئن ئي اهي علامتون ظاهر ٿين، فوراً قدم کڻو۔

✅ شروعاتي علاج:
▪️ ٻڪري کي 30 کان 50 ملي لٽر سرنهن جو تيل يا ڪو به ڀاڄي جو آئل پياريو، جيئن جهڳ ختم ٿئي ۽ گيس نڪري سگهي۔
▪️ ٻڪري کي ٿوري دير هلايو، جيئن گيس حرڪت ۾ اچي ۽ خارج ٿئي۔
▪️ مٺي سوڊا پاڻيءَ ۾ ملائي پيارڻ به فائديمند آهي، جيڪو معدي جي تيزابيت گهٽائي ٿو۔

🚨 ڊاڪٽر کي ڪڏهن ڏيکارجي؟
جيڪڏهن:
▪️ ٻڪري کي ساهه ۾ سخت تڪليف هجي
▪️ بيهي نه سگهي
▪️ حالت تيزيءَ سان خراب ٿئي

ته فوراً ويٽرنري ڊاڪٽر سان رابطو ڪريو۔ اهڙين حالتن ۾ ڊاڪٽر ٽيوب ذريعي يا خاص سوئي سان گيس خارج ڪندو آهي، جيڪو صرف ماهر ماڻهو ئي ڪري سگهي ٿو۔

🌿 بچاءُ لاءِ احتياط:
✔️ سائي گاه کان اڳ سُڪو چارو ضرور ڏيو
✔️ خالي پيٽ برسيم يا آلو چارو نه کارايو
✔️ خوراڪ ۾ اوچتي تبديلي نه آڻيو
✔️ صاف پاڻي ۽ متوازن خوراڪ جو خاص خيال رکو

🐐 جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته توهان جون ٻڪريون صحتمند رهن ۽ نقصان کان بچن ته اهڙين ڪارائتين معلومات لاءِ “سنڌي ڌنار” پيج کي فالو ڪريو۔

سنڌي ڌنار

Address

Bukhari
Sakrand

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when سنڌي ڌنار posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share