Sindh Pathology Laboratory & Blood Bank Sita Road

Sindh Pathology Laboratory & Blood Bank Sita Road Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Sindh Pathology Laboratory & Blood Bank Sita Road, Medical and health, Sita Road, Sita Road.

27/03/2025
20/01/2025
27/12/2024

According to blood knowledge..

12/06/2024

ميڊيڪل سائنس جي تحقيق موجب مرد ۽ عورت ٻنهي وٽ 23-23 ڪروموزوم هوندا آهن، عورت جا ڪروموزوم XX ۽ مرد جا ڪروموزوم XY ۾ هوندا آهن ٻنهي جا ڪروموزوم ملي ٻار جي تخليق ۾ مدد ڪندا آهن.

اگر عورت جي X سان مرد جو X ملي ته X+X يعني ڇوڪري Girl پیدا ٿيندي ۽ جي عورت جي X سان مرد جو Y ڪروموزوم ملي ته ڇوڪرو ڄمندو آهي.

ڌيءَ پيدا ڪندڙ عورتن کي طلاق ڏيندڙ يا تشدد ڪندڙ جاهل مردن کي اها خبر ئي ناهي ته پُٽ پيدا ڪرڻ لاءِ گهربل صلاحيت Y ڪروموزوم ته مرد جو ڪم آهي عورت وٽ ته صرف XX آهن..جي سائنس سمجھي ۽ سکي پئون تہ ڪافي مصيبتن کان پاڻ کي بچائي سگهون ٿا.

01/06/2024

مدي جو بخار(Typhoid fever) کاڌو بند ڪرڻ ۽ بلڊ ٽيسٽ Typhidot جو غلط استعمال.مدي جو بخار.اهو بخار هڪ بيڪٽيريا سالمونيلا ٽا...
27/05/2024

مدي جو بخار(Typhoid fever) کاڌو بند ڪرڻ ۽ بلڊ ٽيسٽ Typhidot جو غلط استعمال.

مدي جو بخار.
اهو بخار هڪ بيڪٽيريا سالمونيلا ٽائفي جي ڪري ٿئي ٿو جيڪو جسم جي ڪنھن به حصي کي متاثر ڪري سگهي ٿو، جنهن ۾ آنڊو، جگر، گڙدا، دماغ وغيره وغيره.
خاص ڪري آنڊو گهڻو متاثر ٿئي ٿو انهي ڪري ٽائيفائيڊ کي آنڊي جو بخار(Enteric Fever) به چيو ويندو آهي.
عام اصطلاح ۾ وڏو بخار به چيو ويندو آهي.

مدي جي بخار جي تاريخ.
مدي جي ٻخار جو جراٽيم 1880 سن ۾ جرمن پيٿولاسجٽ دريافت ڪيو.

1900 سن جي شروعات ۾ آمريڪا ۾ ڪورانا وانگر آئوٽ بريڪ ٿيو ڪئي انساني جايون اجھل جو شڪار ٿيون.
انهي آئوٽ بريڪ دوران سبب جي تشخيص ٿي ت خبر پئي ته هڪ ميري نالي بورچيراڻي(Cook) جي ذريعي پکڙجي آهي. انهي ميس ۾ ماني کائيندڙن مان 50 کان وڌيڪ ماڻهن کي ٽائيفائيڊ ٿيو هو انهي کان پو ميري کي آئسوليٽ ڪيو ويو.

اڳتي هلي ڪري ٽائفائيڊ تي گهڻو ڪم ٿيو انهي جون ٽيسٽون آيون ۽ موثر علاج آيو.

ڊبليو ايڇ او جي اعداد شمار مطابق ھاڻي به دنيا ۾ تقريبن 15 کان 20 ملين سالانو مريض متاثر ٿين ٿا جنهن مان تقريبن سال ۾ 2 لک ماڻهو موت جي منهن ۾ وڃن ٿا.

ٽائفائيڊ بخار ۾ کاڌو يا سخت غذا بند ڪرڻ?

اڪثر ڏٺو ويو آهي ت جيڪو به ٽائفائيڊ جو مريض تصور ڪيو ويندو آھي انھي جو هفتن کان مهيني تائين غير ضروري کاڌو بند ڪيو ويندو آهي جنهن جي ڪري مريض ويتر ڪمزو ٿيو وڃي ۽ انفيڪشن سان وڙهڻ جو نظام (Immunity) ڪمزور ٿيو وڃي، وزن گهٽيو وڃي ۽ ٽائفائيڊ وڌيڪ خطرناڪ ٿيو پوي.

تمام گهٽ مريضن جن جو تناسب آهي 10 سيڪڙو کان به گهٽ جنھن ۾ کاڌو بند ڪبو آھي مثال شديد الٽي(Persistent Vomiting)، آنڊي جو بند ٿيڻ يا ڦاٽڻ(Intestinal Obstruction or Perforation)، اهو به ڪجهه ڪلاڪن يا ڏينهن لاءِ.

بلڊ ٽيسٽ(Typhoidot Antibody) جو غلط استعمال.

مٿئين ٽيسٽ هاڻي ڊبليو ايڇ او جي طرفان Obselete ٿي وئي آهي.
پاڪستان ۾ بہ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي طرفان انهي ٽيسٽ تي پابندي لڳائي وئي آهي
جيڪو ڪم علمي يا غلط پريڪٽس ۽ ڊاڪٽرن ۽ ليبارٽرين جي ڳٺجوڙ جي ڪري اڃان تائين استعمال ٿئي ٿي، ڪوئي بہ عام وائرل انفيڪشن کي ٽائفائيڊ جو ٺپو هڻي غير ضروري اينٽي بايو ٽڪ ڏنيون وڃن ٿيون جيڪو تمام نقصانڪار ثابت ٿيندون آهن.
انهي ٽيسٽ جي نيگيٽو جي ڪري وري ڪجهه مريض نظرانداز ٿي وڍيڪ پيچيدگين ۾ وڃي سگهن ٿا.



جاري

ڊاڪٽر خادم حسين سميجو
ايم بي بي ايس
ايف سي پي ايس
گيسٽروانٽرولوجسٽ

Address

Sita Road
Sita Road

Telephone

+923450172181

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindh Pathology Laboratory & Blood Bank Sita Road posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share