Civil Hospital Thatta

Civil Hospital Thatta Civil Hospital Thatta Recently Upgraded as Teaching Hospital affiliated with LIMHS Thatta, It is also District HeadQuarter Hospital 500 Baded.

09/05/2026

سول اسپتال مڪلي ۾ لڳل ايڪسپريس بجلي کي وڌيڪ فعال ڪرڻ لا۽ مرمتي ڪم جاري آھي ان ڪري اڄ ۽ سڀاڻي آچر ڏينھن ڪجھ وارڊن ۾ بجلي عارضي طور تي بند ٿي سگھي ٿي.

سول اسپتال مڪلي جي ھڏن واري شعبي ۾ چار مريضن جا ڪامياب آرٿوپيڊڪ آپريشن ڪيا ويا  ٻن مريضن نور محمد ۽ حبيب کي ٽنگ جي هڏن (...
02/05/2026

سول اسپتال مڪلي جي ھڏن واري شعبي ۾ چار مريضن جا ڪامياب آرٿوپيڊڪ آپريشن ڪيا ويا
ٻن مريضن نور محمد ۽ حبيب کي ٽنگ جي هڏن (ٽيبيا ۽ فيبولا) جي فريڪچر جي تشخيص ٿي جن جو علاج انٽرميڊلري انٽر لاڪنگ نيلنگ ذريعي ڪيو ويو۔
هڪ ٻئي مريض جي ٻانھن جي هڏي (النا) جي فريڪچر سبب اوپن ريڊڪشن اينڊ انٽرنل فڪسيشن (ORIF) تحت پليٽ فڪسيشن ڪئي وئي، جيڪا ڪامياب رهي۔
چوٿين مريض جي هٿ جي انگوٺي (ٿمب) جي فريڪچر کي بغير وڏي آپريشن جي، ڪلوز ريڊڪشن ۽ ڪي-وائر فڪسيشن ذريعي ڪاميابي سان ٺيڪ ڪيو ويو۔
ڊاڪٽرن موجب سڀئي آپريشن ڪاميابي سان مڪمل ٿيا آهن ۽ مريضن جي صحت ۾ بهتري اچي رهي آهي، جڏهن ته اسپتال ۾ جديد طبي سهولتن سان علاج جو سلسلو جاري آهي۔



Merf Thatta

سول اسپتال مڪلي جي سرجيڪل وارڊ ۾ مريضن لا۽  24 ڪلاڪ سروس جاري آهي۔پروفيسر صغرا پروين عقيلي ۽ پروفيسر معشوق علي خواجہ جي ...
29/04/2026

سول اسپتال مڪلي جي سرجيڪل وارڊ ۾ مريضن لا۽ 24 ڪلاڪ سروس جاري آهي۔
پروفيسر صغرا پروين عقيلي ۽ پروفيسر معشوق علي خواجہ جي رهنمائي هيٺ سرجيڪل ٽيم ايمرجنسي سميت هر وقت موجود رهي ٿي،
جتي تڪڙي ضرورت وارن مريضن جا فوري آپريشن ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته وارڊ ۾ داخل مريضن جا آپريشن هفتي ۾ ٻه ڏينهن، اڱاري ۽ جمعي تي لسٽ مطابق ٿين ٿا۔
اڄ 7 ڪامياب آپريشن ڪيا ويا جن مان 5 پتي جي پٿري جا هئا، جن ۾ 4 ليپروسڪوپي ۽ 1 اوپن سرجري ذريعي مڪمل ڪيو ويو
سرجن ڊاڪٽر حبيب الله جوکيو، ڊاڪٽر منير پليجو، ڊاڪٽر مبشر جوکيو، ڊاڪٽر مجاز قريشي ۽ بيهوشي جي ماهرن سميت سموري ٽيم پنهنجي سينيئرز جي نگراني ۾ مريضن جي بهتر علاج لاءِ سرگرم آهي۔


Merf Thatta

تاريخ، 27.04.2026تي اڄ شام جو سول اسپتال مڪلي تي ايمرجنسي ۾ ايندڙ ٻن مريضن جا فوري آپريشن ڪيا وياسر جيڪل ٽيم جي پروفيسر ...
27/04/2026

تاريخ، 27.04.2026
تي اڄ شام جو سول اسپتال مڪلي تي ايمرجنسي ۾ ايندڙ ٻن مريضن جا فوري آپريشن ڪيا ويا

سر جيڪل ٽيم جي پروفيسر معشوق خواجہ جي اڳواڻي ۾ سرجن ڊاڪٽر مبشر جوکيو، سرجن ڊاڪٽر مجاز قريشي، ۽ بيھوشي جي ڊاڪٽر سلام اللہ شاھ گڏجي ايمرجنسي ۾ ايندڙ ٻن مريضن جا ايمرجنسي آپريشن ڪيا ويا ھڪ نوجوان اجمل پٺاڻ جنھن کي اپينڊڪس جي تڪليف سبب جلد آپريشن ڪيو ويو جڏھن ھڪ عورت غلااللہ شھر رھواسڻ جي پوري ٻانھن ھجڻ ڪري ان جو بہ آپريشن ڪيو ويو سول اسپتال مڪلي ۾ ھن وقت جنرل سرجري جا لسٽ ۾ رکيل ڪيسن سان گڏ 24 ڪلاڪ ايمرجنسي ۾ مبتلا ٿي ايندڙ جا بہ فوري آپريشن ڪيا پيا وڃن، ان ڀلي ڪم ۾ ، سول سرجن ڊاڪٽر يامين شاھ، ۽ مرف جي ريجنل منيجر ملڪ آدم جون بہ ڪاوشون شامل آھن جيڪي 24 ڪلاڪ سرجيڪل ڊپارنمنٽ جي ھيڊ پروفيسر ميڊم صغرہ پروين عقيلي ۽ پروفيسر معشوق خواجہ سان رابطي ۾ ھوندا آھن، اسان وڌيڪ اميد ڪيون ٿا تہ، سول سرجن سول اسپتال ٺٽو ۽ مرف جو ريجنل منيجر ملڪ آدم، سرجري ڊپارنمنٽ لا۽ بھتر قدم کڻدا.

Merf Thatta

سول اسپتال مڪلي جي ھڏن واري شعبي ۾ 7 سالن جي هڪ نينگري ايمرجنسي ۾ آندي وئي جنهن جي ڪُلهي ڀرسان ٺونٺ (Elbow) جي هڏي ڀڳل ه...
25/04/2026

سول اسپتال مڪلي جي ھڏن واري شعبي ۾ 7 سالن جي هڪ نينگري ايمرجنسي ۾ آندي وئي جنهن جي ڪُلهي ڀرسان ٺونٺ (Elbow) جي هڏي ڀڳل هئي گذريل هڪ هفتي کان سندس علاج روايتي طريقي) سان ڪيو پئي ويو۔
جنھن سان ليگامينٽس (هڏين کي ڳنڍيندڙ نسون) متاثر ٿيل هيون ٺونٺ جي مٿان چمڙي تي زخم پڻ موجود هو ۽ هڏيون پنهنجي صحيح جاءِ تان هٽيل هيون۔
مريضه کي فوري طور داخل ڪري سندس ڪامياب آپريشن ڪيو ويو۔ آپريشن کان پوءِ ايڪسري ۾ هڏين جي صحيح پوزيشن جي تصديق ٿي۔
الحمدلله، هن وقت نينگري جي حالت بھتر آهي ۽ اڄ شام تائين کيس ڊسچارج ڪيو ويندو۔


Merf Thatta
Thatta News

ٺٽو سول اسپتال مڪلي مان گجو جي رھواسي ڪامران خاصخيلي جي موٽر سائيڪل چوري ڪري کڻي ويندڙ چور جو پتو لڳايو وڃي.Help in iden...
25/04/2026

ٺٽو سول اسپتال مڪلي مان گجو جي رھواسي ڪامران خاصخيلي جي موٽر سائيڪل چوري ڪري کڻي ويندڙ چور جو پتو لڳايو وڃي.
Help in identification of theif.

ياد رھي تہ
سول اسپتال مڪلي ۾ موٽر سائيڪل جي مفت پارڪنگ جي سھولت موجود آھي پر پوء به ماڻھو پنھنجون موٽر سائيڪلون اسپتال جي مختلف جاين تي بيھارين ٿا،
انھي ڪري گاڏين چوري ٿيڻ جو امڪان موجود رھي ٿو.


سول اسپتال مڪلي ۾ موٽر سائيڪل جي مفت پارڪنگ جي سھولت موجود آھي پر پوء به ماڻھو پنھنجون موٽر سائيڪلون اسپتال جي مختلف جاي...
25/04/2026

سول اسپتال مڪلي ۾ موٽر سائيڪل جي مفت پارڪنگ جي سھولت موجود آھي پر پوء به ماڻھو پنھنجون موٽر سائيڪلون اسپتال جي مختلف جاين تي بيھارين ٿا،
انھي ڪري گاڏين چوري ٿيڻ جو امڪان موجود رھي ٿو.
عوام کي ھن سھولت مان فائدو وٺڻ گھرجي ۽ گاڏي جي چوري ٿيڻ جي صورت ۾ انتظاميه ذميدار نه ھوندي.

سول اسپتال مڪلي ۾ ايمرجنسي  ۾ آيل مريضن جو ھنگامي آپريشن ڪيو ويو سرجيڪل ٽيم پاران پروفيسر ڊاڪٽر  معشوق علي خواجہ جي اڳوا...
25/04/2026

سول اسپتال مڪلي ۾ ايمرجنسي ۾ آيل مريضن جو ھنگامي آپريشن ڪيو ويو سرجيڪل ٽيم پاران پروفيسر ڊاڪٽر معشوق علي خواجہ جي اڳواڻي ۾ ٻه اهم ايمرجنسي آپريشن ڪاميابي سان سرانجام ڏنا ويا۔
ڪيس فقير ڳوٺ جي رهواسي نوجوان چنيسر بروهي جو هو، جيڪو گذريل هڪ هفتي کان آنڊي جي شديد تڪليف ۾ مبتلا هو ۽ پيٽ ۾ آنڊو ڦاٽي وڃڻ سبب انتهائي نازڪ حالت ۾ اسپتال آندو ويو سرجيڪل ٽيم فوري طور آپريشن ڪري سندس زندگي بچائي ورتي۔
ٻيو ڪيس 30 ورهين جي الله بخش جو هو جيڪو گهارو جو رهواسي آهي ۽ [بٽڪ] ڌڏي ۾ زخم خراب ٿيڻ سبب سخت تڪليف ۾ مبتلا هو۔ سندس به ايمرجنسي بنيادن تي ڪامياب آپريشن ڪيو ويو۔
پروفيسر معشوق علي خواجہ جي ٽيم ۾ ڊاڪٽر حبيب الله، ڊاڪٽر مجاز قريشي، ڊاڪٽر مبشر جوکيو ۽ ليڊي ڊاڪٽر اسرا شاهه شامل هئا جن پنهنجي پيشاوراڻي مهارت سان مريضن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون۔
Merf Thatta
MERF-Medical Emergency Resilience Foundation

آج جب مفت موتیا کے آپریشنز کے ذریعے کئی مریضوں کی بینائی واپس آئی۔ یہ صرف آنکھوں کی روشنی نہیں بلکہ امید، خوشی اور نئی ز...
24/04/2026

آج جب مفت موتیا کے آپریشنز کے ذریعے کئی مریضوں کی بینائی واپس آئی۔ یہ صرف آنکھوں کی روشنی نہیں بلکہ امید، خوشی اور نئی زندگی کی شروعات ہے۔
اللہ تمام خدمت کرنے والوں کو بہترین اجر عطا فرمائے اور مریضوں کی زندگی ہمیشہ روشن رکھے۔ آمین.
EYE OPD Civil Hospital Thatta
Shoaib Habib Memon



Merf Thatta

تاریخ، 24.04.2026سرجيڪل ڊپارنمنٽ ۾ آڄ 11 آپريشن ڪيا ويا، سرجيڪل وارڊ ۾ گزريل ڏينھن 11 مريضن کي آپريشن لا۽ لسٽ تي رکيو وي...
24/04/2026

تاریخ، 24.04.2026

سرجيڪل ڊپارنمنٽ ۾ آڄ 11 آپريشن ڪيا ويا،
سرجيڪل وارڊ ۾ گزريل ڏينھن 11 مريضن کي آپريشن لا۽ لسٽ تي رکيو ويو. جن جا آڄ خير سان آپريشن ٿي ويا، آپريشن ۾ [پتي]. جي پٿري جا 3 آپريشن ڪيا ويا جن مان 2 ليزر ذريعي ۽ ھڪ اوپن سرجري ڪيو ويو، [ھرنيا] جا 6 آپريشن ڪيا ويا، جن ۾ ھڪ ننڊڙو ٻار شامل آھي، جڏھن تہ 2 [فشر] جا آپريشن پڻ ڪيا ويا، آپريشن پروفيسر ميڊم صغرہ پروين عقيلي جي نگراني ۾. پروفيسر معشوق علي خواجہ، سرجن ڊاڪٽر علي کتري، ڪيا ساڻن گڏ 'پي' 'جي' ڊاڪٽر. حبيب جوکيو، ڊاڪٽر مبشر جوکيو، ڊاڪٽر مجاز قريشي، ڊاڪٽر منير پليجو، ڊاڪٽر، برھان ميمڻ، ۽ ليڊي ڊاڪٽر دوريشم کتري، ٽيم ۾ شامل ھئا،پرفيسر ميڊم صغرہ پروين عقيلي ڊاڪٽرس ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف کي آپريشن ٿيندڙ مريضن ۽ داخل مريضن جي بھترين نگداشت ڪرڻ جون ھدايتون پڻ ڏنيون،ھن ھفتي، 29 لسٽ تي رکيل آپريشن ڪيا ويا جن ۾ 3 ڪيس، يورولاجي، ۽ 2 اي اين ٽي، جا ڪيس شامل آھن،جڏھن ايمرجنسي ۾ ٿيندڙ آپريشن ان کان علاؤہ آھن،

Address

Civil Hospital Thatta At Makli
Thatta
73170

Telephone

0298920169

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Civil Hospital Thatta posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share