Bhittai Homeopathic Clinic

  • Home
  • Bhittai Homeopathic Clinic

Bhittai Homeopathic Clinic Bhittai Homeopathic Clinic: A platform for cure and care

دماغي مفلوجي (ڪمزوري) ۽ ھوميوپيٿي طريقي علاج (تفصيلي جائزو)Brain Dementia and Homeopathic way of Treatmentھيءُ 2003 ع جي...
04/03/2024

دماغي مفلوجي (ڪمزوري) ۽ ھوميوپيٿي طريقي علاج (تفصيلي جائزو)
Brain Dementia and Homeopathic way of Treatment

ھيءُ 2003 ع جي جنوري مھيني جو قصو آھي مان پنھنجي سينئير ڊاڪٽر ۽ بابا سائين ڊاڪٽر نظير احمد چارڻ سان دادو مسڻ روڊ واري ڪلينڪ تي ويٺو ھئس تہ دادو شھر جي ھڪ مھذب شخصيت (سيد ف ح شاھ) سھڪندو سھڪندو اچي ڪلينڪ تي پھتو ۽ بابا کي چيائين تہ ڊاڪٽر صاحب مون سان وڏو سانحو ٿي ويو آھي. بابا سائين بہ پريشان ٿي ويا ۽ پڇڻ تي سائين ٻڌايو تہ مان اڄ پنھنجي ٻائڙي (گھر واري) سان سيوھڻ ويو ھئس لعل سائين جي زيارت لاءِ تہ بابا سائين چيو ان ۾ حيرت جي تہ ڪا بہ ڳالھ ناھي سائين سڀ ويندا آھن، جنھن تي سائين وراڻيو تہ سائين اصل ماجرا ھي آھي تہ مان پنھنجي ٻائڙي کي درگاھ جي احاطي ۾ ويھاري ڪم سانگھي ٻاھر ويس ۽ بنا کيس وٺي اچڻ جي دادو اچي پھتس، جڏھن گھر ۾ ٻارن مون کان پڇيو تہ امڙ ڪٿي آھي؟ تہ ھڪ ھنڌ سُن ٿي بيھي ويس تہ ان کي تہ مان درگاھ جي احاطي ۾ ويھاري آيو ھئس ۽ خير سان دادو اچي پھتو آھيان. سندس چھري تي موت کان پھريان وارو خوف صاف صاف نظر پي آيو. گھڻي معلوم تي خبر پئي تہ سائين کي نالا بہ ياد نٿا رھن ۽ ڪافي ڀيرا پنھنجي موٽر سائيڪل شھر ۾ ھتي ھُتي ويساري اچي ٿو جيڪا پوءِ بعد ۾ دوستن جي ٻڌائڻ تي ياد اچيس ٿي تہ واقعي گاڏي تہ گھر ۾ ڪونھي.
دوستو ھي آھي دماغي مفلوجي (Dementia) جي بيماري جنھن ۾ اسان کان ماڻھن جا نالا (خاص ڪري ويجھن دوستن ۽ مٽن مائٽن جا)، فون نمبر، ائڊريس، ضروري ڪاغذات، ضروري شيون، ضروري تواريخ ۽ ڪنھن سان ملڻ جو وقت تائين وسريو وڃي. ٻيو تہ ٺھيو پر اھو بہ ياد نہ ايندو تہ ٻہ ڏينھن اڳ رات جو ڪھڙي ڀاڄي کاڌي ھئي، اھو ياد ھوندو تہ ھي قول/چوڻي ڪيڏي نہ پر اثر آھي پر ڪھڙي عزيم شخصيت جي، ڪھڙي ڪتاب ۽ ڪھڙي صفحي يا سبق ۾ آھي سو وسري ويندو. ڏھ ڀيرا ڪا شيءَ پڙھڻ کان پوءِ بہ وسري ويندي. ائين محسوس ٿيندو ڄڻ مون وٽ يادگيري نالي ڪا شيءَ ھي ناھي. اسڪول ويندڙ ٻار امتحانن ۾ ھڪ اکر بہ ياد ناھن ڪري سگھندا عام ڏينھن ۾ سندن مٿي ۾ سور جي شدت توڙي سستي موجود رھندي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ پڙھايل سموري مواد مان ھڪ سٽ بہ کين ياد ناھي رھندي، گھر ۽ آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ اسانجون ڀيڻيون ايتريون غائب دماغ (Absent Mind) ٿي وينديون آھن جو کين ٻارن جي اسڪول مان اچڻ جو وقت تائين وسريو وڃي. آفيس ۾ وڃي ياد ايندو تہ نيرن تہ ٺاھي ھئي پر کڻي اچڻ وسري ويس. موبائل فون ۾ ڪنھن جو نمبر ڳولھڻ لاءِ موبائل تہ کڻبي پر ڪنھن جو نمبر ڳولھڻو ھئو ؟ سو ياد نہ رھندو، ان جو نالو ھي ياد نہ ايندو! 2 ڏينھن اڳ مليل شخص کي اوھان حيرت سان پيا نھاريندئو تہ ھي شخص ڪٿي ڏٺل ٿو لڳي پر ڪٿي، اھو ياد ناھي ! وڏي ۾ وڏو ڏچو تڏھن ٿيندو آھي جڏھن اوھان کان پنھنجي ئي شادي جي تاريخ وسري وڃي.... آفيس ۾ ڪم ڪندڙ مرد توڙي پاڙھو ڪتابي ادبي ماڻھن کي تاريخون، ڪتابن جا نالا، انھن جا مصنف، آفيس ۾ رکيل فائل توڙي ضروري ڪاغذات ياد ناھن ايندا تہ ڪٿي رکيا آھن. اھڙا دوست ڇنڇر جي ڏينھن کي جمعو سمجھندا آھن ۽ آچر واري ڏينھن آفيس اچي نڪرندا آھن. مطلب تہ مرد توڙي عورت ۽ ٻار توڙي پوڙھا سڀ ھن دماغي مفلوجي جو شڪار ٿين ٿا، خاص ڪر ھن دور ۾ جڏھن ڪمن جي گھڻائي آھي ۽ کاڌو ڪنھن بہ اعتبار سان صحت جي پورائي نٿو ڪري تہ ھن مرض ۾ تقريبن ھر ماڻھو مبتلا آھي. منھنجي ڪلينڪ تي ايندڙ 10 ماڻھن مان 6 کان 7 ماڻھن ۾ اھو مرض نمايان نظر ايندو آھي. منھنجي ڪلينڪ تي ايندڙ ھڪ دوست جي نظر خراب ٿي پئي جنھن لاءِ ھو چشمي جي جاءِ تي دوا ڪرائڻ پيو چاھي سو جڏھن ان جي مرض بابت پڇاڻي ڪئي تہ منھنجي ھڪ سوال جي جواب تي اچي بيھي ويو ” سوال ھئو تہ جمشيد تو چيو ھو تہ مان ڇنڇر تي ڪلينڪ تي ايندس پوءِ تون اڄ آيو آھين“. ھن وراڻيو پوءِ اڄ ڇا آھي؟ ٻڌائم تہ ادا اڄ آچر آھي جنھن تي ھو حيرت ۾ مونکي ڏسندو رھيو. مان چيو مانس تنھنجي نظر قدرتي طور نہ پر دماغي مفلوجي (ڪمزوري) جي ڪري خراب ٿي آھي ادا. ھن بيماري جي ڪري ئي الزائمر(Alzheimer)، پارڪنسن(Parkinson) اڌ رنگ (فالج) (Paralysis)، دماغي وسوسا (Mental Hallucination)، وھم(Delusions) ، پريشاني(Anxiety)، انتھا جو ڊپريشن(Depression)، دماغي فتور(Brain Fag)، دماغي موڳائپ يا خلل(Brain Stupefaction)، دماغ ۾ رت جي اڻائي ۽ رڳن جو ڪمزور ٿيڻ ۽ دماغي سوڄ(Encephalitis or Inflammation in the Brain)، سوچ جو ھڪ ھنڌ متواتر نہ ٿيڻ (Attention Deficit Disorder, ADD) جھڙا موذي مرض، سجاوت جو سور (مائگرين)، اوجاڳي جي بيماري يا ننڊ نہ اچڻ وارو مرض(Insomnia) ، جنسي ڪمزوري(Sexual Neurasthenia) توڙي جسماني ڪمزوري(Muscle Weakness) جھڙيون مھلڪ بيماريون اسانجي جسم ۾ گھر ڪنديون وينديون آھن ۽ اسان ان سڄي عمل کان بي خبر آخري حد تي اچي نقصان کائي ڄاڻيندا آھيون تہ اسان سان ڇا ويڌن ٿي گذري آھي، پوءِ بس ھٿ ملندا رھجي ويندا آھيون.
ھوميوپيٿيءَ طريقي علاج ۾ ھن بيماري کي منھن ڏيڻ جي لاءِ انتھائي ڪارائتيون دوائون موجود آھن پر ٻوٽن جي دنيا (Plant Kingdom) مان ٽي دوائون اھڙيون آھن جن جي ميلاپ سان ٺھندڙ ھوميوپيٿيءَ جو مرڪب اڪسير آھي. بابا سائين ھن جي ترتيب ۽ ترڪيب ھوميوپيٿيءِ جي پراڻي نظرئي جھڙي کي تھڙو (Like with Like) آھر ڪئي جنھن سان ھي مرڪب اڃا بہ ڪمائتو ٿي پوي ٿو. اھا ترتيب اسان جي خاندان جي سڀني ڊاڪٽر صاحبان (ڊاڪٽر ياسر نظير توڙي مون) وٽ گذريل 30 سالن کان پريڪٽس ۾ آھي. اسان ھن مرڪب جا ڪمال ڏٺا آھن. ھي ھوميوپيٿيءَ جو مرڪب ٽن جڳ مشھور دوائن برھمي، آشواگندھا، ۽ جنڪو بائلوبا جي جوڙ سان ھوميوپيٿيءَ جي اصلوڪي طريقي وسيلي ٺاھيو ويندو آھي جيڪو ھنن دوائن جي اصلي تت (Mother Tincture) وسيلي حاصل ڪري ھوميوپيٿي فارميسي ۽ فاموڪوپيا آھر مقدارن جي ھڪ خاص وزن (Potency Balance Method) ۽ طريقي (Drug Methodology) سان ٻن ڏينھن ۾ ھڪ اڪيلي دوا طور ٺھي راس ٿئي ٿو. پاڪستان ھندوستان ۾ ڪافي ڊاڪٽر صاحبان (سُست ۽ تڪڙا امير ٿيڻ جي چڪر ۾) ھنن ٽنھي دوائن کي ھم وزن ڪري بہ استعمال ھيٺ آڻن ٿا جيڪو ھومويپيٿيءَ جي اصلوڪي اصول ”ھڪ مرض ھڪ دوا (Single Remedy)“ واري قانون جي ابتڙ ھئڻ ڪري اثرائتو ناھي رھندو ۽ فقط جسماني ٿڪاوٽ کي دور ڪري ٿو جڏھن تہ مٿي ٻڌايل ڊاڪٽر نظير واري مرڪب جي ھوميوپيٿيءَ طريقي (ھڪ مرض ھڪ دوا واري قانون تحت) سان مٿي ڄاڻائيل جملا بيمارين جي توڙ ۽ انھن جي بداثرات (Side Effects) کي مڪمل طور نہ فقط ختم ڪري سگھجي ٿو پر انھن کي ٻيھر ٿين کان پڻ روڪي سگھجي ٿو.
ھن مرڪب ۾ پھرين اڪسير دوا برھمي (Bacoopa Monnieri) آھي جيڪا دماغ جي رڳن کي طاقت (Strength) ڏئي ٿي ۽ انھن ۾ رت جي گردش کي بحال ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿي. دماغي رڳن ۾ موجود ڪنھن بہ قسم جي بندش (Blocking) کي رفع ڪري ٿي. دماغي موڳاٽ کي ختم ڪري ٿي، دماغي تنتي سرستي (Central Nervous System) کي تازہ دم رکڻ ۾ ھن جو وڏو ڪردار آھي، جنھن جي ڪري دماغي ٿڪاوٽ توڙي جسماني ڪمزوري جو ڀرپور توڙ آھي ۽ بي خوابي جي بيماري (Insomnia) ھن وسيلي ھميشہ لاءِ ختم ٿيو وڃي. 35 سالن جي عمر کانپوءِ ويسر جي بيماري (Alzheimer) جي ٿيڻ توڙي ھئڻ جي صورت ۾ بيماري کي گھٽائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي. دماغ جي طاقت وڌائيندڙ (Brain Tonic) ۽ عمر درازي جي بداثرات (Anti aging Effects) کي روڪڻ لاءِ اڪسير آھي.
ٻيو نمبر اڪسير دوا آشواگندھا(Ashwagandha) آھي جيڪا ھزارھا سالن کان مختلف طريقن سان دماغي طاقت توڙي جنسي ۽ جسماني طاقت لاءِ جڳ مشھور آھي پر ھاڻ ھوميوپيٿي طريقي علاج ۾ ھن کي شامل ڪري اڃا بہ اڪسير ۽ ڪارائتو بڻايو ويو آھي. ھوميوپيٿي طريقي ۾ ھي دوا خاص طريقي سان مرڪب ۾ شامل ڪري دماغي وھم(Hallucination)، ڊپريشن، پريشاني ۽ دماغ ۾ رت جي گردش کي بھترين ۽ طاقت سان دماغ جي ھر حصي ۾ پھچائڻ ۾ انمول آھي. آشواگندھا ياداشت خاص ڪري ماڻھن جا نالا، ڪي خاص عدد يا نمبر توڙي دماغ ۾ سمايل پراڻيون يادگيرين کي محفوظ رکڻ ۽ اھڙين ياداشت جي نڙين (Memory Cells and Centers) کي طاقتور بڻائڻ ۾ بنھ ڪارگر آھي. ھي دوا دماغي فالج جنھن ۾ رڳن ۾ رت جا دڳ (Blood Clots) ڄمي وڃن ٿا کي بحال ڪرڻ ۾ تمام ڪارائتي آھي. ھي دوا ٻارن توڙي عورتن ۽ مردن (خاص ڪري 40 سال کان مٿي) جي فالج يا دماغي ڪمزوري جنھن جي ڪري ياداشت ويندي رھي يا وري نظر جي ڪمزوري ٿي پوي کي ٿيڻ کان روڪڻ جي واحد ھوميوپيٿي جي اڪسير دوا آھي.
ھن مرڪب ۾ موجود ٽيون نمبر وڏي دوا جيڪا ھن مرڪب جو جوڙيندڙ جُز (Bonding Element) آھي سا آھي جنڪو بائلوبا (Ginkgo Biloba)، ھي دوا پنھنجو مٽ پاڻ آھي. ھن تي الڳ سان ھڪ ڪتاب لکي سگھجي ٿو. ھي دماغ جي اندروني نظام (Central System) تي سئنون سڌو اثر ڪري ٿي ۽ دماغ جي تنتي پٺن (Neuro Muscular Junctions) کي ڀرپور طاقت ڏئي ٿي جنھن جي ڪري پنھنجي ڪم تي ڌيان (Focus) رھي ٿو، ڌيان منتشر(Attention Deficit Disorder) ٿيڻ جي بيماري نٿي ٿئي، دماغ جي اندروني نظام کي جسم جي ھر عضوي سان تنتي سرشتي (Nervous System) وسيلي جوڙڻ ۾ ھن جو وڏو ڪردار آھي. ھي اسڪول ويندڙ ٻار توڙي آفيس ۾ ڪندڙ ماڻھن لاءِ رب ڪريم جو عطا ڪيل انمول تحفو آھي. جنڪو ماڻھو ۾ برھمي ۽ آشواگندھا پاران مھيا ڪيل دماغي طاقت کي دماغ جي تنتن ۾ ڀرپور طريقي سان سمائي ٿي جنھن جي ڪري الزائمر، اڌ رنگ (فالج) توڙي سجاوت جي سور (Migraines) جھڙا موذي مرض سڄي زندگي انسان جي ويجھو نٿا اچن، پڻ يادگيري عمر جي پوين حصي تائين برقرار رھي ٿي. دماغي ڪمزوري جي ڪري جنسي ڪمزوري ۽ ازدواجي زندگي حرام ٿيو وڃي ۽ ڪافي دوست اولاد جھڙي نعمت کان ھن مسئلي جي ڪري رھجيو وڃن ٿا. زندگي جي پوين حصي ۾ ڪافي عورتن کي دماغي مفلوجي جي ڪري روزمرہ جي حياتي ۾ پريشاني کي منھن ڏيڻو پوي ٿو جيڪو اڳتي ھلي ڊپريشن ۽ مايوسي جي ڪري پاڻ مارڻ تائين وڃيو پھچي. اھڙي طرح ھي ٽئي دوائون ھوميوپيٿيءَ جي طريقي علاج (ھڪ دوا طور) سان ٺاھي ڪري ٻارن توڙي وڏن جي دماغي مفلوجي کي نہ رڳو ختم ڪري سگھجي ٿو پر ٻيھر ٿيڻ کان پڻ روڪي سگھجي ٿو.
ھوميوپيٿي جديد دور ۾ پنھنجي اھڙين ھي مرڪبن ۽ بي مثل دوائن جي ڪري ھلندڙ دور جي ھر قسم جي طريقي علاج ۾ پنھنجو مٽ پاڻ آھي پر شرط اھا آھي تہ انھن کي فقط ھوميوپيٿيءَ جي اصل قانون تحت بڻايو ۽ واپرايو وڃي. ٻي صورت ۾ صحت، وقت توڙي پئسي جو زيان آھي. ان کان علاوہ ھوميوپيٿيءَ جو علاج ھميشہ ان جي اصل رجسٽرڊ پريڪٽس ڪندڙ ڊاڪٽرن کان وٺڻ گھرجي، ڪنھن تجرباتي ڊاڪٽر کان نہ!

ڊاڪٽر آصف جمال چارڻ
ڊي ايڇ ايم ايس (جناح ڪراچي) ، آر ايڇ ايم پي (راولپنڊي)

بُڪين جي پٿري ۽ ھوميوپيٿڪ طريقي علاج ( مختصر جائزو)گذريل 24 سالن کان مان ھوميوپيٿڪ ۾ بُڪين جي پٿري جو علاج ڪندو ٿو اچان،...
01/03/2024

بُڪين جي پٿري ۽ ھوميوپيٿڪ طريقي علاج ( مختصر جائزو)
گذريل 24 سالن کان مان ھوميوپيٿڪ ۾ بُڪين جي پٿري جو علاج ڪندو ٿو اچان، ھر سال ڪي 1500-1200 کان وڌيڪ مريض ڪلينڪ ڏانھن رُخ ڪن ٿا ۽ انھن مان سواءِ انھن جي جيڪي ڪِري نٿا ڪن يا دوا وقت سر نٿا واپرائن باقي رب جي ڪرم سان صحتياب ٿيو وڃن ٿا ۽ آپريشن جي لکين رپين جي خرچ توڙي ڪراچي حيدرآباد جي اسپتالن جي خواريءَ کان بچيو وڃن ٿا. ھوميوپيٿي جو ان مقابلي ۾ علاج تي خرچ تمام گھٽ آھي ۽ اھو اڃا بہ گھٽ ھجي پر اسانجو رپيو پنھنجي معيار کان گھڻو ھيٺ ھلي رھيو آھي جنھن ڪري جرمنيءَ مان ايندڙ دوائون مھانگيون محسوس ٿين ٿيو، جڏھن تہ آپريشن جي عذاب، لکين رپين جي خرچ توڙي اسپتالن جي خواري ۽ وري ٻيھر پٿري جي ٿيڻ واري ڏچي کان ھر معيار سان بھتر ۽ پُراثر ھوميوپيٿڪ طريقي علاج ھي آھي جنھن ۾ 15000 کان 20000 تائين مريض نہ رڳو چاڪ ٿي وڃي ٿو پر ٻيھر پٿري ٿين واري عتاب کان بہ بچيو وڃي. گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ ھن سالن رڳو نومبر کان فيبروري جي وچ ۾ ئي سون جي حساب سان مريضن منھنجي ڪلينڪ ڏانھن رخ ڪيو آھي جنھن مان واضع آھي تہ ھاڻ اسان جي کاڌي پيتي جي شين جو معيار انتھائي درجي تي خراب ٿي ويو آھي ۽ ماڻھو سرڪاري (ايلوپيٿي) جي آپريشن واري پاسي بہ نٿا وڃڻ چاھن. مون وٽ ايندڙ مريضن جو وڏو تعداد اھڙن مريضن جو بہ آھي جنھن جو لائف اسٽائل باربي ڪيو (خشڪ ۽ تريل کاڌو) ۽ ھوٽلنگ واري کاڌي سان منسلڪ آھي، تن ۾ ڪافي ڀيرا تہ ٻنھي بڪين ۾ پٿريون موجود ھجن ٿيون ۽ اھي تعداد ۾ بہ گھڻيون ھجن ٿيون. اھڙن مريضن ۾ بڪين جي پٿري کان علاوہ سخت قبض ۽ معدي جي بيمارين جي ڀر مار پڻ ھوندي آھي. سندن ظاھري کل مان ئي اندازو ٿيو وڃي ٿو تہ کين گئسٽرائٽس ڪيتري حد تائين سندن جيون کي حرام ڪري رکيو آھي.
بحرحال ھوميوپيٿي طريقي علاج ھڪ منفرد ۽ ڪارائتو علاج آھي ۽ ھوميوپيٿڪ ڊاڪٽر لاءِ تہ ھي انتھائي محنت طلب ڪم آھي جو ھن ھيڏي جاندار علاج کي حڪومتي سطح تي ڪنھن بہ قسم جي حمايت حاصل ڪين آھي. نہ سرڪاري سطح تي ھن طريقي علاج جي ڊاڪٽرن لاءِ سرڪاري اسپتالن ۾ نوڪريون مھيا ڪيل آھن نہ ھي ايلوپيٿي جيان ھن کي حڪومتي سطح تي ڪنھن قسم جي ايڊورٽائيز ملي ٿي جڏھن تہ ايلوپيٿي طريقي علاج لاءِ اھي سڀ سھولتون موجود آھن. ٻيو وڏو ظلم جيڪو ھوميوپيٿي طريقي علاج جي مٿي ۾ مڙيل آھي سو اھو آھي تہ عام رواجي طور تي ھن کي حڪمت (يوناني) علاج طور لکيو ۽ پڙھيو ٿو وڃي (جيڪوڄاڻي واڻي پيدا ڪيل ھڪ مغالطو آھي). جڏھن تہ اھا ڳالھ بنھ غلط آھي. ھي ھڪ جديد ۽ بنھ الڳ طريقي علاج آھي جيڪو ايلوپيٿي ۽ يوناني طريقي علاج جيان پنھنجي ھڪ الگ سڃاڻپ ۽ علاج جو طريقو رکي ٿو. ھي ڪنھن بہ طريقي سان ايلوپيٿي يا يوناني حڪمت جيان ناھي. ھوميوپيٿي ۾ ھن مھل مان ۽ ڊاڪٽر ياسر نظير (منھنجو وڏو ڀاءُ) پنھنجي ڪلينڪ (ڀٽائي ھوميوپيٿڪ ڪلينڪ دادو) تي ڪاميابي سان بڪين جي پٿرين جو ڪامياب علاج ڪيون ٿا ۽ تقريبن سنڌ جي ھر شھر مان مريض ان علاج لاءِ اچن ٿا ۽ صحتياب ٿين ٿا جن ۾ پڻ ڪي ايلوپيتي ڊاڪٽرس آھن (الحمدﷲ)، جيڪي پنھنجي علاج کان پوءِ ھوميوپيٿي جي طريقي علاج کي ڪارائتو سمجھن ٿا ۽ چون ٿا تہ عام رواجي طور ھوميوپيٿي طريقي علاج کي غلط ۽ بي بنياد ڳالھين سان بدنام ڪيو وڃي ٿو تہ ھي سست علاج آھي، ھن ۾ بخار زڪام کان سواءِ وڏين بيماري جو علاج موجود نہ آھي. پڙھيل لکيل سلجھيل ماڻھن وٽ ھوميوپيٿي طريقي علاج بابت عجيب و غريب مغالطا موجود آھن جڏھن تہ ھي مڪمل ۽ ڪامل طريقي علاج آھي جنھن جي افاديت جي سچ کي لڪائي نٿو سگھجي.
ڊاڪٽر آصف جمال چارڻ
ڊي ايڇ ايم ايس (جناح ڪراچي)، آر ايڇ ايم پي (راولپنڊي)

Address


Telephone

0300-3250686

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Bhittai Homeopathic Clinic posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

  • Want your practice to be the top-listed Clinic?

Share

Share on Facebook Share on Twitter Share on LinkedIn
Share on Pinterest Share on Reddit Share via Email
Share on WhatsApp Share on Instagram Share on Telegram